لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

سنڌي ادب ۾ افسانه نويسيءَ جي اوسر

سنڌي ادب ۾ افسانه نويسيءَ جي شروعات آکاڻيءَ کان ٿي سنڌي الف-ب ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ پرڏيهي ادب جي ترجمن، ڏيهي لوڪ ڪهاڻين ۽ قصن کي لکت ۾ آندو ويو. سنڌيءَ ۾ دنيا جي اهم قصن ۽ داستانن کي ترجمو به ڪيو ويو آهي. جيئن ”چندر ڪائتا“، ”طلسم هوشربا“، ”الف ليلى“، ”داستان امير حمزه“، ”حاتم طائي“، ”چار درويش“، ”گُل خندان“، ”ممتاز دمساز“، ”گل بڪاولي“، ”بهرام گور“ وغيره. اصل قصا، سنسڪرت، هندي، اردو، عربي ۽ فارسي جا آهن. جن جو ترجمو دنيا جي سڀني علمي زبانن ۾ موجود آهي. پهريون قصو جيڪو سنڌيءَ ۾ لکيو ويو اهو ڏيهي قصو ”سورٺ راءِ ڏياچ“ هو. انهيءَ کان پوءِ ”مفيد الصبيان“ ميران محمد شاھ (اول) لکيو ۽ ”سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو“ ۽ ٻيا قصا لکيا ويا، ديوان ڪوڙيمل، اڌارام، مرزا قليچ بيگ، نانڪرام، ڌرمداس، لالچند امر ڏنو مل ۽ ٻين ڪجھ ننڍيون آکاڻيون لکيون.
1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ افسانو ”شريف بيگم“ لکيو لعل چند امر ڏنو مل ”ڪشنيءَ جا ڪشٽ“ ۽ ”ڏکن ڏڌي زندگي“ لکيا. محمد صديق مسافر جون تاريخي ڪهاڻيون، ”زيب النسا“ ۽ ”چاند بيبي“ شايع ٿيون. پير حسام الدين جو افسانو ”انارڪلي“ لطف الله بدويءَ جو ”غريبت“، عبدالله عبد جو ”اسڪول ماسترياڻي“، امر لعل هنڱوراڻيءَ جو ”ادو عبدالرحمٰن“ مشهور افسانن ۾ شمار ٿين ٿا. ادو عبدالرحمٰن انگريزي ۾ به ترجمو ٿيو. (ادو عبدالرحمٰن هڪ اهڙي شاهد جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي صاف گوئيءَ عدالت ۾ ٿرٿلو وجھي ڇڏيو). سندس ٻين افسانن ۾ ”ڏس ڏيو م ته ڪٿان لڀندي“، ”هي به رانجھو سنڌي رمز“، ”رام ۽ رحيم“، ”گوليءَ جو گناه“ آهن، عثمان علي انصاري اوائلي افسانه نگارن ۾ هڪ اهم نالو آهي. ”پنج“ جي عنوان سان سندس ڪهاڻيون شايع ٿيون. جن ۾ ”ململ جو چولو“ مشهور ڪهاڻي آهي، مرزا نادر بيگ جي افسانن ۾ ”موهنيءَ جي ڊائري“، موهنيءَ جي دل جو داغ“، ”موهنيءَ جي آھ“، ”ڀاڄائيءَ مضمون لکيو“ آهن، آسانند مامتورا جو نالو به اهم آهي، سندس ڪهاڻي ”ڳنوارڻ“ انعام يافته آهي. هيءُ ليکڪ جنسيات تي لکندڙ جي حيثيت سان ليکيو ويو آهي، سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”آرسي“ ۽ ٻيون آکاڻيون آهن.
سنڌي افسانوي ادب جو پهريون آکاڻي نما دور 1851ع کان 1925ع تائين شمار ٿئي ٿو. جنهن ۾ ڪجھ آکاڻيون ۽ پوءِ افسانا لکيا ويا. 1925ع کان پوءِ جو ٻيو دور 1947ع تائين ۾ پرڏيهي ۽ ڏيهي ٻولين جي ادب جو اثر سنڌي ادب تي آيو. افساني جي ٽيڪنيڪ ٺهڻ لڳي ترجما ٿيڻ شروع ٿيا. اصلوڪا سٺا افسانا لکيا ويا. موضوعن ۾ وسعت آئي، ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون اڳيان آيون. جن افسانه نويسيءَ کي هٿي ڏني ۽ مجموعا شايع ٿيا. پهريون افسانن جو مجموعو لطف الله بدوي جو ”دستهءِ گل“ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن کي اين.ايڇ پنجابي ڪمپني ڪراچي شايع ڪيو. انهيءَ کان پوءِ ”پنج گنج“، ”سرد آهون“، ”پرھ ڦٽي“ شايع ٿيا. پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه 1945ع ۾ ”مرڪندڙ اکيون“، 1947ع ۾ ”تاريخي افسانا“ جي عنوان سان مجموعو شايع ٿيو. ”ريگستاني ڦول“ گوبند مالهي، ”سفيد وحشي“ شيخ اياز، ”گلشن عبرت“ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا مجموعا شايع ٿيا. انهيءَ کان سواءِ به چند مجموعا مختلف پبليڪيشن ڇپايا.
افسانه نويسيءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي، سندر ساهتيه، سک ٽرئڪ سوسائٽي، ڊي.جي سنڌ ڪاليج جو ”سنڌ سرڪل“ امر لعل جو ”ڦلواڙي“، ”آشا“، ”ساقي“، ”پرھ ڦٽي“، ”ڦليلي“، ”جيوَن ڪلا“، ”ڪهاڻي“، بولچند راجپال جو مخزن ”سنڌو“ 1932ع ۽ ٻيا ڪيترائي هفتيوار، ماهوار مخزن ۽ رسالا هئا، جن ڪهاڻيءَ کي اڳتي آندو، جن ليکڪن هن صنف ۾ لکيو انهن ۾ مرزا قليچ بيگ، محمد عثمان ڏيپلائي، پير حسام الدين راشدي، عثمان علي انصاري، شيخ عبدالله عبد، ڪوڙيمل، لالچند امرڏنو مل، آسانند مامتورا، حشو ڪيولراماڻي، شيخ عبدالستار، محمد خان غني، نورالدين سرڪي، امر لعل هنڱوراڻي، نارائڻ داس ڀمڀاڻي، پرمانند ميوارام، خان چند درياڻي، ايشورچندر، سڳن آهوجا، گوبند مالهي، ڪشن کٽواڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. ترجمي جي لحاظ کان به هن دور ۾ ڪافي ترجما ٿيا، ادبي دنيا ۾ جديد افساني کي اڳيان آڻڻ ۾ پرڏيهي افسانه نگارن جو وڏو ڪمال آهي، جن ۾ ايڊگرايلن پو، موپاسان، بالزڪ، اوهينري، چارلس ڊڪسن، گوگول، چيخوف، ڊبيو ڊبليو جيڪب، ترگنيف، ڊبليو سامرسٽ مام، ۽ ٻين ڪيترن ئي وڏن فنڪارن افساني کي تجربن جي ڀٽيءَ مان لنگھائي نون اصولن ۽ سونهن سان اڳيان آندو، جنهن جو اثر سنڌي افساني تي آيو.
اردو ادب ۾ افسانه نويسيءَ جي شروعات جي باري ۾ ڊاڪٽر انور سديد لکي ٿو ته: ”اردو ادب ۾ پهريون افسانو، سجاد حيدر بلدرم جي ترجمو ٿيل، افساني سان شروع ٿيندو نظر اچي ٿو. جيڪو 1901ع ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ سلطان حيدر جوش، پريم چند، (پريم چند جا شروع جا افسانا گھڻي قدر ٽئگور جي ڪهاڻين جا ترجما آهن). علي عباس حسيني، جليل قدوائي، احمد شجاع، سعادت حسين منٽو، غلام عباس، عصمت چغتائي، حجاب امتياز علي، شفيق الرحمان، قراّة العين حيدر، حاجره مسرور، زاهده حنا، اشفاق احمد، انتظار حسين، خديجه مستور، انور سجاد ۽ ٻين ڪيترن ئي ترقي پسند، رومانوي، تجريدي ۽ علامتي افسانا ۽ افسانن جا مجموعا اردو ادب جي سونهن بنايا“.
هاڻي ڏٺو وڃي ته سنڌي ۽ اردو افساني جو اهو دور لڳ ڀڳ ساڳيو ٿو بيهي، سنڌي افساني تي ٻاهرين ادب جو گھڻو اثر ٿيو. 1925ع کان 1940ع جو سنڌي افساني جو دور ترجمي جو دور شمار ڪري سگهجي ٿو. هن دور ۾ اردو، هندي، بنگالي ۽ ٻين ٻولين جي افسانن جا بي حساب ترجما ٿيا. خليل جبران، پريمچند گورکناٿ، ڪرشن چندر، احمد نديم قاسمي، سعادت منٽو، خواجه احمد عباس ۽ عصمت چغتائي، رابندر ناٿ ٽئگور، ابراهيم جليس ۽ ٻين جي افسانن جا ترجما، جڳت آڏواڻي، ميلارام، منوهرداس، چوهڙمل، ديو سڀائي، گوبند مالهي، پارومل ۽ هري آشا ڪيا، ڪوڙيمل بنگاليءَ مان به ڪافي ترجما ڪيا، شيوڪ موٽواڻي، ٽئگور جي افسانن کي، ڪلياڻ آڏواڻي، آسڪروائيلڊ جي افسانن کي، نانڪرام ڌرم داس مير چنداڻي، منشي پريم چند جي مشهور افسانن ”پريم بتيسي“ ۽ ”پريم پچيسي“ کي سنڌي ويس ڍڪايو.
هن وقت ۾ طبعزاد افسانا به لکيا ويا ۽ موضوعن تي به سٺي گرفت رهي، هندو مسلم فساد، هندو مسلم اتحاد، قوميت، مذهب، آزاديءَ جو تحريڪون، عالمي جنگيون، معاشي بدحالي ۽ ٻيا انيڪ موضوع هئا ۽ سنڌي سماج جي مسئلن سان گڏ بين الاقوامي ادب جي اڀياس جي نتيجي ۾ ڪجھ مختلف موضوع پڻ سامهون آيا. 1947ع کان پوءِ جو افساني جي دور سنڌي ادب ۾ گھڻي اهميت رکي ٿو، جنهن ۾ خاص طور 1950ع کان 1985ع جو دور افساني جو سونهري دور سمجهڻ گھرجي مجموعي طور سنڌي افسانوي ادب، سنڌ جي تاريخ آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ماحول، ثقافت، خيالن ۽ ويچارن جا اولڙا پسجن ٿا. 1947ع کان پوءِ جي افساني ۾ لڏپلاڻ جون حالتون، ذهني ڇڪتاڻ، مذهب ۽ قوميت شروع ۾ ته ظاهر هئا پر پوءِ نوان موضوع، نوان لاڙا، نيون سوچون، نيون راهون هن ادبي صنف لاءِ تيار ٿيون. موضوعن ۾ ڪراچيءَ جو سنڌ کان جدا ٿيڻ، سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ناانصافيون، ون يونٽ جو ٺهڻ ۽ جمھوري حڪومتن جو قائم ٿيڻ ۽ وچ ۾ مارشلائي وقت، اديبن ۽ ليکڪن سان سختيون، اشاعتن تي پابنديون، وارنٽ ۽ جيلون، هڪ اهڙو سياسي ۽ سماجي ڏاڍاين جو دور آيو، جو هڪ بهترين مزاحمتي ادب تخليق ٿيو. غيرت، سجاڳي، سرڪشي ۽ خودداريءَ سان گڏ پرڏيهي ادب جي اڀياس ۽ وطنيت جي جذبي سان جيڪو افسانوي ادب ٺهيو سو بين الاقوامي ادب جي مقابلي ۾ بيهارڻ جي لائق ٿي بيٺو، جنهن ۾ ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون اڳتي آيا. سڀ کان پهرين مرڪزي حڪومت طرفان 1950ع ۾ ماهنامه ”نئين زندگي“ جاري ٿيو. 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ قائم ٿيو، 1955ع ۾ ”ٽه ماهي مهراڻ“ رسالو جاري ٿيو. سنڌي ادبي سنگت نوجوان اديبن جي طرفان قائم ٿي. 1956ع ۾ ”سنڌ سنگت“ هڪ باقائده صورت اختيار ڪئي. جنهن سان وڏو انقلاب آيو.
ڊاڪٽر بشير احمد شاد موجب ته، ”1952ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، افساني ۾ لفاظيءَ کان وڌيڪ مقصديت ڏانهن توجه ڏنو ويو. سنڌي افساني کي نوان موضوع مليا ۽ افسانو پنهنجي سمورين بلندين سان لکجڻ ۾ آيو. جنهن ۾ پراڻن توڙي نوجوان ليکڪن گڏجي سٺو ملهايو“. (صه، 126)
سنڌي ڪهاڻيءَ جو مزاج سنڌي ادبي سنگت جي ادبي ڪلاسن کان پوءِ وڌيڪ نکريو ۽ سنوريو سنگت جي ادبي ڪلاسن ۾ افسانا پڙهيا ويندا هئا، اديب ۽ نقاد انهن تي تبصرا ڪندا هئا. انهيءَ سان ڪهاڻي لکڻ، بيان ڪرڻ ۽ ڇپائڻ جوعمل تيز ٿي ويو. ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ هڪ قسم جي Competition (مقابلي) جي فضا پيدا ٿي، ڪيترائي افسانا لکيا ويا، ڪيترائي مجموعا ڇپيا، ڊاڪٽر شاد هر سال جي حساب سان ڇپيل مجموعن جو جيڪو تعداد پنهنجي مقالي ۾ ڄاڻايو آهي، انهن ۾ 1947ع کان 1987ع تائين جو وچور، لڳ ڀڳ ٽن سون افسانوي مجموعن تي مشتمل آهي، هيءُ دور سنڌي افسانه نويسيءَ جو ڪامياب دور شمار ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي افساني جي اوسر“ کي ڄاڻائيندي هن دور جي لاءِ لکيو آهي ته: ”موجوده وقت مختصر افساني جو دور سڏيو وڃي ٿو. هن دور ۾ لکيل اڪثر افسانا اسان جي ادب جو بيحد قيمتي سرمايو آهن، جن جي مطالعي سان هن خطي جي اهم خصوصيت سنڌي ماحول جي جھلڪ ۽ هتي جي فطري، سياسي، تاريخي، قومي، سماجي ۽ اقتصادي لاڙن جو پتو پوي ٿو“.
جن ليکڪن هن دور ۾ افساني کي اڳيان آندو، انهن ۾ شيخ اياز، محمد عثمان ڏيپلائي، جمال ابڙو، جمال رند، اياز قادري، غلام رباني آگرو، سراج الحق ميمڻ، نجم عباسي، نسيم کرل، امر جليل، آغا سليم، غلام نبي مغل، حميد سنڌي، طارق اشرف، رسول بخش پليجو، عبدالحق عالماڻي، عبدالقادر جوڻيجو، نور عباسي، زيب ڀٽي، محمد ابراهيم خليل، شيخ حفيظ، رشيد ڀٽي، ساقي سجاولي، علي احمد بروهي، ڪروڙ پتي، بشير مورياڻي، رشيد آخوند، مدد علي سنڌي، علي بابا، طارق عالم، بادل جمالي، مشتاق شورو، اخلاق انصاري، رزاق سهتو، نور گھلو، قبول ابڙو، عبدالحق عالماڻي، قاضي خادم، مراد علي مرزا، علي انور ابڙو، محمد علي پٺاڻ، رفيق سومرو، پرويز ابڙو، ممتاز بخاري، حسيب ڪانهيو، ابراهيم کرل، اڪبر سومرو، ستار پيرزادو، رحمت پيرزادو، منظور جوکيو، رضوان گل، ڪيهر شوڪت، رزاق مهر، زينت عبدالله چنا، ثميره زرين، رشيده حجاب، خيرالنسا جعفري، ماهتاب محبوب، نورالهدى شاھ، فهميده حسين، ج.ع منگھاڻي، تبسم ماهتاب قريشي، تبسم گل، سحر امداد، تهمينه مفتي، سيما عباسي، زاهده تاج  ابڙو ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا. هندوستان ۾ موهن ڪلپنا، پوپٽي هيراننداڻي، ڪلا پرڪاش، تارا ميرچنداڻي، هيرو شيوڪاڻي، برج موهن، اُتم ۽ سندري اتم چنداڻي، ڪرشن کٽواڻي، لعل پشپ، ڪيرت ٻاٻاڻي، موهن ديپ، اندرا شبنم، ريٽا شهاڻي، وينا ۽ ٻين سنڌي افساني کي ڪامياب ڪيو. جن رسالن ۽ اخبارن ورهاڱي کان پوءِ هن صنف کي ترقي ڏياري انهن ۾ نئين زندگي، ٽه ماهي مهراڻ، روح رهاڻ، سرتيون، اديون، مارئي، سوجھرو، سهڻي، ڪينجھر، سارنگ، شعور، پارس، پروڙ ساڃھ، برسات، پيغام، تحريڪ، آرسي، اڳتي قدم، ڪهاڻي، عبرت مئگزين، روزاني ڪاوش، عبرت، هلال پاڪستان، سنڌ ايڪسپريس، سوڀ، عوامي آواز ۽ ٻيون اخبارون ۽ رسالا اچي وڃن ٿا.
جيڪي افسانوي مجموعا ورهاڱي کان پوءِ شايع ٿيا انهن ۾ ڪجھ ترجما آهن ته ڪجھ اصلوڪا، ڪي هڪ ئي ليکڪ جا آهن ته ڪجھ وري مختلف ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون گڏي ترتيب ڏيئي ڇپايون ويون آهن. جيڪڏهن انهن سڀني جو تفصيلي وچور ڏبو ته ڪم از ڪم 500 سئو کان مٿي ٿيندا، هتي مختصراً ڪجھ مشهور مجموعن جا نالا ذڪر ڪجن ٿا. ترتيب ڏنل مجموعا ”سنڌي ڪهاڻيون“، قاضي عبدالرزاق، ”مهراڻ جون ڇوليون“ ثميره زرين، ”سڀ رنگ“ گلزار علي خواجه، ”چونڊ اسلامي ڪهاڻيون“ رشيد صابر، ”بهترين سنڌي ادب“ شمشيرالحيدري، ”قيمتي ڪهاڻيون“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، ”عظيم ڪهاڻيڪارن جون عظيم ڪهاڻيون“ فيروز ميمڻ، ”عظيم سنڌي ڪهاڻيون“ نبي بخش کوسو، ”چونڊ سنڌي افسانا“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”چونڊ افسانا ۽ ڪهاڻيون“ اسدالله ڀٽو، ”ٽيهن سالن جون چونڊ ڪهاڻيون“، ”بهترين ڪهاڻيڪارن جون بهترين ڪهاڻيون“، ”يادگار ڪهاڻيون“، ”دنيا جا عظيم افسانا“ طارق اشرف، ”چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“ بادل جمالي، ”چونڊ ڪهاڻيون“ قمر شهباز، ”ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون“ مراد علي مرزا، ”ڪهاڻي نمبر“ دائود بلوچ.
ترجمو ٿيل مجموعن ۾ ”چونڊ آمريڪي افسانا“ سراج ۽ غلام رباني، ”سپون“ فضل احمد بچاڻي، ”ليلى جا خط“ محسن ڪڪڙائي ”پرڏيهي ڪهاڻيون“ پريم نانڪ رام، ”دنيا جا عظيم افسانا“ رشيد ڀٽي، ”وارن جي سنوار تائين“ زيب ڀٽي، ”زندگيءَ ڏي موٽ“ مقصود گل قاضي، ”اگهاڙي“ عمر، ”هنگريءَ جون ڪهاڻيون“ زيب سنڌي، ”چونڊ ترڪي ڪهاڻيون“ بشير مورياڻي، ”چونڊ نوبل ڪهاڻيون“ ممتاز بخاري ۽ حبيب ساجد، ”سڃاڻپ جي ڳولا“ طارق عالم ابڙو ۽ ٻيون ڪيتريون ڪهاڻيون ترجمو ٿيل آهن.
طبعزاد ڪهاڻين جي مجموعن ۾ اهم هي آهن، ”سفيد وحشي“ شيخ اياز، ”پشو پاشا“ جمال ابڙو، ”آبجيات“ غلام رباني، ”بلو دادا“ اياز قادري، ”اي درد هلي آءُ“، ”اٺون ماڻهو“ سراج ميمڻ، ”شبنم شبنم، ڪنول ڪنول“، ”چوٽيهون در“، ”ڊمي“ نسيم کرل، (هاڻي هيءُ ڪهاڻيون هڪ ڪتاب ۾ ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ جي عنوان سان آهن). ”دل جي دنيا“، ”جڏهن مان نه هوندس“، ”ٽيون وجود“، ”منهنجو ڏس آسمان کان پڇو“، ”تاريخ جو ڪفن“، ”سنڌو منهنجي ساھ ۾“، امر جليل، ”سمنڊ اُپسمنڊ“ قاضي خادم، ”ڊاڪ بنگلو“ شيخ راز، ”سوکڙي“، ”اباڻو گھر“ ڊاڪٽر جبار جوڻيجو، ”طوفان جي تمنا“، ”پٿر تي ليڪو“، ”جيڪي منهنجي من ۾ آهي“، ”ايڏو سور سهي“ ڊاڪٽر نجم عباسي. ”جلا وطن“، ”ڪربلا“ نورالهدى شاھ، ”پسي ڳاڙها گل“ رسول بخش پليجو، ”اداس واديون“، ”ويريون“، ”سيمي“، ”دردونديءَ جو ديس“، ”راڻا جي رجپوت“ حميد سنڌي، ” ڌرتيءَ ڌڪاڻا“، ”آيل ڙي اولاڻا“ علي بابا، ”گيت اڃايل مورن جا“، ”آءٌ اها ئي مارئي“، ”روشن ڇانورو“، ثميره زرين، ”چانديءَ جو تارون“، ”پرھ کان پهرين“، ”لهر لهر زندگي“، ”مٺي مراد“ ماهتاب محبوب، ”واٽون راتيون ۽ رول“، ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ عبدالقادر جوڻيجو، ”عبرت ڪده“ ڊاڪٽر ابراهيم خليل، ”هاري ڪهاڻيون“، ”هاري انقلاب“ حيدر بخش جتوئي، ”پنهل کان پوءِ“، ”جي تند برابر توريان“ شيخ اياز، ”چنڊ جا تمنائي“، ” ڌرتي روشن آهي“ آغا سليم، ”نئون شهر“، ”رات جا نيڻ“، ”رات منهنجي روح ۾“، ”اونداها رستا ۽ دونهاٽيل گھٽيون“، ”سٺ ستراسي“ غلام نبي مغل، ”سونهن پٿر پيار“، ”درد جا ڏينهن درد جون راتيون“، ”بند اکين ۾ ڪجھ يادون ڪجھ سپنا“ طارق اشرف، ”حويليءَ جا راز“ ماڻڪ، ”ٿڪل جذبن جو موت“ مشتاق سومرو، ”الزام“، ”اوڙاھ“ حليم بروهي، ”مورتي“ زيب ڀٽي، ”من جي پاتال مان“ طارق عالم ابڙو، ”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر“ زيب سنڌي، ”ڪشمڪش“ سليم ڪورائي، ”ٽٽل شيشا ۽ آڱريون“ نور گھلو، ”پيار جي گھُٽ“ الطاف شيخ، ”رهيل قرض“ ظفر حسن، ”پُل تي ويٺل ماڻهو“ ڪيهر شوڪت، ”سڪون ڪٿي آهي“ رزاق مهر، ”اڌوهي“ رزاق سهتو، ”پهرين جنوري“ انور ابڙو، ”گم ٿيل ماڻهوءَ جو سفرنامو“ جان خاصخيلي، ”جرڪندڙ جسم اداس راتيون“ ابراهيم کرل، ”حليمان“ رسول ميمڻ ۽ ٻيا انهيءَ کان سوءِ هندوستان ۾ پڻ ڪافي مجموعا شايع ٿيا آهن.