روز آسن جا ڏيئا ٻاريون ٿا
ميڪسم گورڪي جي وطن روس جي عوامي شاعر، رسول حمزه توف پنھنجي ڪتاب ”ميرا داغستان“ ۾ لکيو آهي ته اسان جي مُلڪ ۾ ماڻھو پنھنجي ٻارن جون سالگراهون تڏهن ملھائيندا آهن. جڏهن هو ڪو اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏيندا آهن، جھن ڪارنامي جي وسيلي دُنيا سندن وجود جي چڱائي کي قبول ڪري ۽ سندس ڪارنامي ۽ ڪم جي روشني پٽن ۾ پکڙي. هو چوي ٿو ته منھنجو جنم تڏهن ٿيو جڏهن مون پھريون نظم لکيو.
سندس خيال آهي ته جيستائين مون ڪو به نظم نه لکيو هو ۽ ٻيا دُنيا جھان جا غير اهم، عام رواجي ۽ معمولي ڪم پئي ڪيا، ايستائين ڄڻ آئون هِن زمين تي پيدا نه ٿيو هئس.
سندس ان تصور ۽ خيال مان اِها مُراد ناهي ته هِن دُنيا ۾ پيدا ئي اُهي ٿيا آهن جيڪي شاعري ٿا ڪن، جن شاعري نه ڪئي، اُهي ڄڻ پيدا ئي نه ٿيا آهن. پر سندس اِن ڳالھه لکڻ مان اِها مُراد آهي ته هِن دُنيا ۾ هن زندگي جي پنڌ ۾ جيستائين ڪو به ماڻھو ڪا اهڙي وِک نٿو کڻي جنھن وِک سان ماڻھو کي اُن وِک جي تجلي، روشني ۽ مھڪ جي حوالي سان ڄاڻي، سڃاڻي جيءُ ۾ جايون نه ڏي، قبول نه ڪري، ايستائين ڄڻ اِهو ماڻھوءَ پيدا ئي نه ٿيو آهي.
ڄمڻ ۽ پيدا ٿيڻ ۾ فرق آهي، ڄمن روز هزارين ۽ لکين انسان ٿا پر اُنھن ڄاوَل انسانن مان پيدا ڪير ڪير ٿو ٿئي.
مور ساگر جنم ته خبر ناهي ڪڏهن ورتو پر پيدا اُن ڏينھن ٿيو، جنھن ڏينھن هِن هي پنھنجي بيقراري ۽ بي چين روح جي صدا ڪتاب ”پيار جي پنڌ ۾“ لکيو آهي، ۽ ايئن ماڻھوءَ جا سوين جنم ٿين ٿا. سوين موت ٿين ٿا. جڏهن جڏهن به ڪو ماڻھوءَ زندگيءَ جي دريا جي ڇولي مٿي عشق ۽ جُستجو جو ڏيئو ٻاري ٿو.
حياتيءَ جي صحرا ۾ نيم صبح جو نغمو ڳائي ٿو ۽ انساني سماج کي تبديل ڪرڻ جي خوابن کي رستن تان کڻي دِلين ۽ اکين ۾ رکي ٿو ۽ تخليق جو مِينھن بنجي هينئن جي واٽ تي وَسي ٿو. ته اِهو سندس نئون جنم آهي، هن دُنيا ۾ اهڙا سوين ماڻھو آهن. جيڪي پنھنجي عملي ۽ بي علمي حُسن سان گڏ هر بھار ۾ جنم وٺن ٿا ۽ سوين اهڙا ماڻھوءَ آهن جيڪي، بي علمي ۽ به عملي جي واري ۾ غرق ٿي مَرن ٿا.
عظيم شاعر پنھنجي نظم سان گڏ جنم وٺندو آهي. سندس نظم سندس پنھنجي ۽ پنھنجي آس پاس جي حياتيءَ جي صورت هوندي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل وايون، غزل ۽ نظم اسانجي شاعر ساٿي مور ساگر جي پنھنجي اندر جي ۽ آسپاس جي دُنيا جي صورت گري آهي، ۽ هئڻ به ايئن گُهرجي ته اسانجون تخليقون، اسانجا نغمه، اسانجون تحريرون، اسانجي ۽ اسانجي سماجي زندگي جون صورتون هئڻ گُهرجن ترجمان هئڻ گهُرجن ۽ زبانون هئڻ گهُرجن.
ڪُجهه نظم ۽ غزل اهڙا هوندا آهن جيڪي فقط اکرن جي سٽاءُ تڪبندي جي سنگهرن ۾ ٻَڌل هوندا آهن. شاعر زوري زبردستي ونگارون ڪري اُهي نظم لکندا آهن. ڪجهه نظم ۽ غزل اهڙا به هوندا آهن، جيڪي درد جي بهار ۾ روح جي زمين مان ڦُٽندا اهن، روح جي زمين مان ڦُٽندڙ نغمه غزل ۽ نظم خودبخود پاڻ کي لکرائيندا آهن، جيئن خودبخود لُڙڪ اکين مان ڪِري پوندا آهن. جيئن چَپَن تي مُرڪ پکڙي ويندي آهي. جيڪا شاعري نالو ڪمائڻ لاءِ، پئسو ڪمائن لاءِ، ڪو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مٿاڪُٽ ڪري ۽ محبت مزوري ڪري لکي ويندي آهي، فن جي بازار ۾ اُن شاعري کي به قدر جي نِگاهه سان ڏِٺو ويندو آهي، پر درِ يار کان درِ مقتل تائين دِلبرين جي دَڳن تي اُن شاعري جا وڻ قطاريل هوندا آهن جيڪا شاعري ڪنهن درد، ڪنهن بيواجپي، ڪنهن بي رُخيءَ، ڪنهن دغابازي جي چڪندڙ زخم جي ٽمندڙ رت مان جنم وٺندي آهي.
سنڌ ۾ اهڙا شاعر هئا. آهن ۽ وري به پيدا ٿيندا، جن اکرن جي بازيگري، تڪبندي جي هُنر سان شاعري جا نوان دريا واهي ڇڏيا، نوان باغ پوکي ڇڏيا، بازارون لڳائي ڇڏيون، سندن ديوانن مٿان ديوان آيا، سندن شاعري جي حُسن ۽ هُنر تي سوَين مشاهدا ٿيا، واهه جون ڌماچوڪڙيون ٿيون، مقرر، مقرر، ارشاد، ارشاد جا مِينهن وٺا، مهورتون ٿيون. مذاڪرا ۽ ورڪشاپ ٿيا. پر زماني جي بهارن ۾ زندگي جي پَٽن وري اُن شاعري جون وَليون نه ڦُٽيون.
اسانجي ساٿي مور ساگر جو هي ڪتاب ”پيار جي پنڌ ۾“ ۾ ڪافي اهڙن نظمن ۽ غزلن جي حُسن سان سينگاريل آهي. جيڪي نظم ۽ غزل هن شاعر جي روح جي سرزمين مان ڦُٽندڙ غزل ۽ نظم آهن.
عظيم ڏاهپون، عظيم تخليقون روح جي زرخيز زمين مان ڦُٽنديون آهن، انهن ڏاهپن ۽ تخليقن جي سونهن ۽ سينگار ۽ سدابهاري کي ڪڏهن کي ڪڏهن به موت نه ايندو آهي، اُهي ڏاهپون، اُهي تخليقون سردرد جي مُند ۾ پهچي پوري شباب ۽ پوري سونهن سان وري وري جنم وٺنديون رهنديون آهن. زندگي جون بيشمار وسعتون ۽ گهرايون آهن، زندگي جي سمورين وسعتن، سمورين گهراين، زندگي جي سمورين ارڏائن، ادائن ۽ رُخن جي نمائندگي ڪرڻ سولي ۽ هر ڪنهن جي وَس ۽ اختيار جي ڳالهه ناهي، ان هوندي به هر شاعر پنهنجي شاعري جي بازار ۾ پنهنجي تخليق جي ميلي ۾ زندگي جي سمورن رُخن جي نمائندگي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
مور ساگر جي شاعري تي ”پيار جي پنڌ ۾“ مسلسل ڌَڪن ۽ وِڇوڙن جي احساس جي شام وڌيڪ ڇانيل آهي ۽ اِهو ٺيڪ آهي ته زندگي جي ڀلي ڪنهن به هڪ ادا کي پنهنجي شاعري جو مرڪز بنائجي، پر صداقت ۽ روح جي گهرائين جي مينار ٿي اُن رُخ تي شاعري ڪجي، ڇاڪاڻ ته سماجي زندگي جي شهرن ۾ تبديلي ۽ سوجهري جون هيرون روح جي گهرائين مان بُلند ٿيندڙ صدائن جي سحر سان اينديون آهن، هونئن به زماني کان گُهري ورتل روشن ترين هيرن ۽ جواهرن کان دلبرين جي دڳن تي پنهنجي جگر جي رَت جا ڦُڙا وڌيڪ روشن ۽ حسين لڳندا آهن.
صدين جي صدا ڄڻ ٿي ٿا وڃون.
نيڻ توڏي جڏهن کڻون ٿا سکي.
*
دل بري ناهي اڃا هي غم کان.
کيس چئو پاسو ڪري سِتم کان.
*
مان نِراس ناهيان او منهنجي مٺي!
ڪو درد آ جو حدون ويو آ ٽپي!
صليب تي ساگر هئي هڪ زندگي،
هڪ زندگي تنهنجي اکين ۾ ڏِٺي.
*
مونکي تنهنجي وارن جون ڇائون ٿيون گهُرجن،
اوهانجي اکين ۾ پناهون ٿيون گهُرجن.
*
اکين جا ِاشارا نه سمجهي سگهيا.
الائي ڇو پيارا نه سمجهي سگهيا.
آ لهر لهر ۾ درد ’ساگر‘ جو،
سنڌو جا ڪِنارا نه سمجهي سگهيا.
*
ڪو ته جيوَن ۾ خوشيون آڻيندو،
روز آسن جا ڏيئا ٻاريون ٿا.
ڊَهون ٺهون، ٺهون ڊهون ٿا،
الائي ته ’ساگر‘ ڪيئن جيئون ٿا.
*
تون نيڻن سان ٿي سير واهين،
تنهنجي وارن جا ٿا ونگين روپ.
مان منصور آهيان اڙي او عشق!
ڀلي سوريءَ تي تنهنجا ٽنگين روپ.
*
چنڊ لِڪي ويو جُهڙ جي هنج ۾،
جو نڪتِين نقاب کي لاهي سکي اڄ.
*
پرين کي ڇُهن ٿيون نه هرگز وڻن ٿيون،
خدايا! هِن چنچل هوائن کي روڪ.
*
طوفانن سان وڙهندي وڙهندي،
ويو واري، گهر جان ڊهندي شخص.
رکيا روَين ۾ هئا لوڪ پٿر،
هو شيشي جان ويو ٽُٽندو شخص.
*
جسم گهر ۾ نيڻ سفر ۾.
تڙپيو آهيان پهر پهر ۾.
*
ناهيون پاڻ کي ڳولي سگهيا،
رهندا آهيون هڪ ئي شهر ۾.
اکين سان جڏهن ملن ٿيون اکيون.
اکين جو قسم پو رُلن ٿيون اکيون.
*
رهياسين دُنيا کان سدا بي خبر.
جڏهن کان پرين تنهنجي ٿياسين نظر.
*
يا تون اچ يا يادون کڻي وڃ.
وِساريان نه وِسرين نه ايڏو وڻي وڃ.
ڪڏهن ڀي نه هڪٻئي کي ماڻي سگهون،
وِچ ۾ نه ايڏيون وِڇوٽيون رکي وڃ.
*
واپار ناهي موٽ گهرين ٿو،
پيار آ سڀ ڪجهه لُٽائي ڇڏ.
مان ساگر آهيان تون پياس،
کُٽائي سگهين ته کُٽائي ڇڏ.
*
هي غزلن جا ڪُجهه بند آهن جيڪي مور ساگر جي تخليقي حُسن جي شاهدي طور ڏجن ٿا. هنن بندن کان سواءِ هن ڪتاب ”پيار جي پنڌ ۾“ ٻيا به ڪافي نظم ۽ غزل آهن، جن کي روح جي اکين سان پڙهڻ کانپوءِ منهنجو خيال آهي ته درد جي ڌاڳن ۾ غم جهان ۽ غم جانان جا مڻيان پوئڻ جو فن کيس حياتيءَ سيکاري ڇڏيو آهي. زندگي جي پنڌ ۾ پيرن جي ڦٽن مان ٽِمندڙ خون مان جيڪڏهن هن شاعري جي ٻنيءَ کي ريج ڏِنا، زندگي جي زخمن کي ڏاهپ جي ڪارن گلابن سان سينگاريون ته هڪ اڃا به وڌيڪ ميران ٻائي جي اکين ۽ قرت العين طاهره جي عشق جهڙي حياتي، ملوڪ شاعري ڪري سگهي ٿو.
مور ساگر جيئن وڌيڪ پڙهندو، جيئن وڌيڪ پيار جو پنڌ ڪندو، جيئن وڌيڪ زندگي جي ناسورن جو سور سهندو، جيئن يتيم ٻار جي درد، بيوسي ۽ محرومي جي ڪڪرن ۾ ڍڪيل اُداس مرڪ تي وڌيڪ غور ڪندو. جيئن دربدر زندگي جي ڌڪاڻيل قافلن سان آمهون سامهون ٿيندو، تيئن سندس شاعري جي پير جي ڇير جي گهنگهروئن جا آواز زندگي جي صنم خانن ۾ وڌيڪ بُلند، اونها، تکا معنيٰ خيز ۽ سحرانگيز لڳندا.
[b]عبدالله ملاح
[/b]اسسٽنٽ پروفيسر
گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج بدين
29 نومبر 2004ع