بندگي جا سڀ رنگ دل ۾ ئي ڏسي سگهجن ٿا
سوچي سوچي زندگي جي، ساگر نه پھتو ڪنھن دڳ تي،
هر طرف هٿ جوڙ ۾، هر ڪو اڳتي پيو وڃي.
’ميٿيو آرنلڊ‘ شاعري کي ’خيال ۽ فن‘ جو اتحاد سڏيو آهي، سندس چواڻي ’اها ڳالھه ياد رکڻ گهرجي ته عظيم فن پارن جي تخليق هردؤر ۾ ممڪن آهي‘.۽ اسان جي امداد حسيني چواڻي، ’تخليقي صلاحيتن جو جوهر ته تڏهن ٿو کلي، جڏهن ذهني ۽ روحاني فضا سازگار هجي‘. پر صورتحال ’مرده‘ هجي، ماڻھن جا روح ئي مري ويا هجن. اتي عظيم فن پارا ڪيئن جنم وٺندا! مور ساگر به اهڙي صورتحال جي نشاندهي ٿو ڪري:
مردا ماڻھن ۾ احساس پيا ڳوليون،
سادا يا ته چريا لڳون ٿا.
خودڪشي جھڙن خيالن ۾،
روز جيئڻ جا جتن ڪيون ٿا.
انسان جنھن ماحول ۾ رهي ٿو. پنھنجي شعور جي تابع رهي ٿو، هو روزمره جيڪي لقاءَ ڏسي/ پسي ٿو. جيڪي هن جي آسپاس جنم وٺن ٿا. تِن جو مٿس اثر لازمي ٿئي ٿو. جيئن هن ڪتاب ۾ مور ساگر جا نظم ’هوءَ جا ماري وئي‘، ’ديس جو ڪيڏارو‘، ’ڄڻ سڀ کيل آهي اسان لئه‘، ’ڪو مور وري ماريو ويو‘، ’تنھنجو آهي ايمان پئسو‘، ’فراموشي‘ وغيره جيڪي مور ساگر اهڙو ئي مشاهدو ڪندي لکيا آهن.
روز ٿا باغ اجڙن سنڌ جا،
روز ٿا لڳن راتاها.
هي ڪھڙو دور آهي خدايا،
جنھن ۾ جيئڻ ڄڻ ته سزا آ.
تخليق جو عمل ڇا آهي!؟
جواب اهو ئي ٿي سگهي ٿو، تخليق جو عمل ايئن آهي، جيئن ڪنھن آڏاڻي ۾ ’ڪوري‘ ڪپڙي جي اُڻت ڪري ٿو. يا جيئن ڪا سُگهڙ زال ڪپڙي تي سنھي سُئي سان نھايت خوبصورت ڀرت ڀري ٿي، تيئن شاعر به لفظ ميڙي چونڊي، اُنھن کي خيالن جي مالھا ۾ پوئي، پنھنجي تخليق/ فن، ڪنھن ’شھپاري‘ جي صورت ۾ پڙهندڙ جي اڳيان پيش ڪري ٿو.
محترم محمد ابراهيم جويو، شاهه، سچل، سامي، جي ٽه ڪتابائين، رٿا جي مھاڳ ۾ لکي ٿو، ”شاعر، سچا شاعر، تاريخ جا فرشتا سڏيا ويا آهن. تاريخ بني نوع انسان جي ۽ پڻ قومن جي، ۽ فرشتا انھيءَ ڪري جو هي فِڪري جذبي جي پرورش ڪن ٿا ۽ ان طرح انساني زندگي ۽ پڻ قومي زندگي کي معنيٰ ۽ معيار بخشين ٿا. سڄي سچائي، سڄي بُلندي، سڄي املائپ، انساني تمدن ۽ قومي تھذيب جي انھي کان ملي ٿي، ۽ هو ئي ان سڀ جا ضامن پڻ آهن“.
انھيءَ آڌار، اسين پنھنجي سيبتي، سھڻي، ماٺيڻي ۽ مھربان شاعر دوست ’مور ساگر‘ جي شاعري جو اڀياس ڪنداسين ته انھيءَ ۾ اسين پنھنجي وقت، حالتن، ماحول وغيره جو پرتوو پَسنداسين، مثال طور سندس غزلن جا ڪجهه بند حاضر آهن:
عجب آ، تون ئي نه سمجهي سگهيو آن،
ورنه، هي چھرو ته کُليل هو ڪتاب.
*
آهن ديس پنھنجي تي ڌاڙيل قابض،
امن جو ڪبوتر اُدسي ٿو آڇي.
*
پيار ڇو ڪمزور ٿيندو ٿو وڃي،
نفرتن جو زور ٿيندو ٿو وڃي.
*
جبر تي صبر جي عادت ٿي ويئي آ،
ڪنھن کي نه ڪجهه چئون ٿا سکي.
*
ڪنھن هنڌ پڙهيو هئم، ”شعر فھمي اها ڪونھي ته اوهين شعر ۾ اهو ڳولھيو ته شاعر ڇا پيو چوي. پر شعر فھمي اها آهي ته اوهين اهو معلوم ڪريو ته شعر ڇا پيو چوي، يا شعر ۾ ڇا چيو ويو آهي“ ڇو ته شاعر پنھنجي شعر ۾ ڪيتريون ئي ڳالھيون چوي ٿو، جيڪي ڪنھن زمان ۽ مڪان جون پابند ناهن هونديون.
مور ساگر جي شاعر پڙهي مونکي ايئن محسوس ٿيو، جيئن:
ڪنھن به مندر ۽ نه مسجد، ها مگر ڪنھن دِل اندر،
مون ڏٺا هئا، اي خدايا بندگي جا رنگ سڀ.
مذهبي صحيفن توڙي صوفي حضرات جو به چوڻ آهي ته، ”خدا دِل ۾ وسي ٿو“ جيئن ته هو ئي بندگي جي لائق آهي، تنھن ڪري صحيح معنيٰ ۾ دِل ئي عبادت جي جاءِ/گهرآهي ۽ مور ساگر چواڻي: بندگي جا سڀ رنگ دِل ۾ ئي ڏِسي سگهجن ٿا.
اهڙيون ئي پُر معنيٰ، دِلپذير ۽ دِل کي وڻندڙ سِٽون ’مور‘ جي ڪيترن ئي غزلن ۾ مِلن ٿيون:
سونھن سودي ڪيئن سگهندين، حُسن جو ڇا ڏيندين اگهه،
جسم خريدي سگهين ٿو، پر جذبن جو ڇا ڏيندين اگهه.
*
زندگي آ سگريٽ سستو ناهي، جو اڌ پيتو اڇلائجي،
پيار آ، پھريل وڳو هي ناهي، جو روز پيو بدلائجي.
*
گهر، مندر ۽ مسجد ۾ ڀي، تنھنجي ياد رهڻ نه ڏي جي،
مئڪدي وڃجي، خيال اچن ٿا، تون جو ناهين منھنجي ڀر ۾.
*
هوءَ ڇانو نه هئي، تنھنجي نظر جو دوکو هو،
پاڇن پويان ڊوڙندي، پاڻ وڃائين ٿو مور.
*
گهر گهر مان هڪ فرد اُٿي بس،
پُٽ يا نياڻي گُهري ٿي سنڌ.
*
مٿين خيالن/ مثالن ۽ اڀياس جي روشني ۾ مور ساگر جي شعري مجموعي ”پيار جي پنڌ ۾“ کي مطالعي هيٺ آڻينداسين ته اسين اهو بنا ڪنھن هٻڪ جي چونداسين ته ”مور ساگر“ اڄ جي نئين ٽھي جي شاعرن ۾ پنھنجي شعري جوهر جي ذريعي، جلد ئي اوچو شماريو ويندو.
[b]يوسف سنڌي
[/b]دڙو 10 آڪٽوبر 2004ع