توکي ساريَ جانان! توکي ساريَ جانان! نيڻ مُنھنجا ڀِنا. چين دِل کي ناهي، پَل پرين تو بِنا. جيئون ڪنھن آس تي، سارو جِيوَن خِزان. بَس بچيا هئا اِهي، ٽھَڪ تو جي ڇِنا. دانھَن ڪنھن کي ڏِيون، سُور سڀني ڏِنا. §