ڪِرڻا سِج جا
ڇا چنڊَ جي چانڊاڻ آ،
هِير ڏکَڻ پئي گهُلي،
وار کُوليَ تو ڇڏيا،
ويٺيئن اچي گوڏو گڏي،
هِي نيڻ ٻَئي ساغر ڀريَل،
مَڌَ تِن مان پئي ڳڙي،
ڄَڻ برف ۾ باهه لڳل،
او پَدَمَڻي تُنھنجو بَدَن،
تُنھنجو ڏِسڻ تُنھنجو کِلڻ،
مُرڪو ڪري گُلڙا ڇَٽَڻ،
بادَل جيئان گرجيِ وَسَڻ،
هو، چنڊَ جو گُهوري ڏِسڻ،
هِي، راتَ ڀي ڇا راتَ آ،
پر دِل پئي چاهي ڇو الئه،
پِرهه ڦُٽي جلدي ڦُٽي،
راتيون نه گُهرجن ٿيون مِٺي!
باتيون نه گُهرجن ٿيون مِٺي!
ڌرتيِ پئي کِسڪائي وڃي،
ڌرتي پئي ڳِڙڪائي وڃي،
ڏِس! وات ڦاڙي هو وڏا،
واڳوئن وانگر هو اُٿيا،
تون چئه ڀلا مان ڪيئن وِيھان،
تو ساڻَ گڏجي ڪيئن کِلان!
پاڻي ڀي روڪِيو پيو وڃي،
نعرو يزيدي هو هڻي،
سنبري اُٿيا آهِن ڪُتا،
ڊيم ٺاهِڻ لئه سڀئي،
گڏجي آهِن ڀؤنڪڻ لڳا،
تون چئه ڪَنن تي هَٿ ڌري،
ويھون ته ويھون ڪيئن مِٺي!
ڌرتيءَ سڏڙا پئي ڪري،
اُٿ جلدي اُٿ مِٺي!
هو ڏِس! ڪِرڻا سِج جا،
دَر ڏي پنھنجي پيا اَچن،
تِن جي ڪيون ٻئي آجيان،
هو ڏِس! ڌرتيءَ جا ٻَچا،
اُوڍي ڪُلھن تي اَجرڪُون،
ڪُونڌَر ڪري هُو قافلا،
سنڌ بچائڻ هِن اُٿيا،
ٿڃ ملھائِڻ هِن اُٿيا،
پاڻي ورائِڻ هِن اُٿيا،
تِن جي ڪيون ٻئي آجيان،
اُٿ جلدي اُٿ مِٺي!
اُٿ جلدي اُٿ مِٺي!
§