ڪتاب جو نالو: ڪرڻي جھڙو پَلُ
مصنف: امداد حسيني
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 20 جون 2019 ع
پڙهيو ويو: 934 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 323 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ”سحر“ جي نالي
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڇپائيندڙ پاران
  • ٻه اکر: ڊاڪٽر الياس عشقي
  • سِٽ ڄڻ هٿ- لڪير: قمر شهباز
  • پَلُ، وقت، سمئه : امداد حسيني
  • او منهنجا رَبَ!
  • آءٌ اوهان جي آهِيان!
  • ڪر ڪو واڪو وَسُ!
  • سپنا ٿي ويا سَچُ
  • وِکَ وڌائي رکجو!
  • ليکڪ
  • ڪوئي گيت سُڻائي!
  • رات
  • شهر: زهر لهجا!
  • ڏات ته تنهنجي تات آ
  • هاڻ ته هليا!
  • مون گيت لکيو آهي!
  • ڊائلاگ
  • اوندهه جو گهاءُ!
  • چنڊ نشي ۾ چُور
  • مُور نه ٿيندس ڏورُ!
  • توبن جيون
  • ساٿ جدائيءَ وانگي!
  • شاعري ٿيندي رهي
  • مَچُ مچي يا نه مچي!
  • اکيون ٿيون ڳالهائِن
  • گيت لکون
  • اوتي رت جو تيل
  • رت جو ريٽو رنگ
  • رات ڪا برسات جي
  • وارَ سنواري ڇڏجان
  • هر انگ کي بهار چئون
  • پريت مَن ڀونري جي!
  • ترائيل لکڻ لاءِ
  • ڀٽائي تنهنجو نانءُ!
  • سُور ڪجهه سوايو آ!
  • تارُونءَ ۾ تلوارون
  • پنجين ديوار!
  • خوش رهين شال!
  • بِلو شهيد تي سلام!
  • لات
  • چنڊ وڌيڪ ٿڌو!
  • هاريءَ جي ڪهاڻي
  • تون به ڪَنائي ته سهيِ
  • سنڌو ساگر کان!
  • ابتدا ڪا ڪريون!
  • اُهي ئي جِي ويا!
  • ڪراڙ جي جل ۾!
  • هيءَ جا منهنجي دل آهي
  • ٻڌائي ته ڀلا!
  • ڏُور ايڏي به نه ٿي!
  • نينهن ٿيو
  • روح کي ايندو قرار!
  • پانڌ سنڀال!
  • ڳيت ڳائي ڪونه سگهياسين!
  • ڄڻ ملي ناهين!
  • چِکيا
  • وقت به آهي ميت جيان!
  • رات بيگاهه سهي!
  • شاعر ته شاعري ٿو ڏي!
  • تون ئي تون موجود!
  • مِٽيءَ مُلهه مهانگو ڙي!
  • ديوار ڊٺي پئي آهي!
  • چهرو، موسم ۽ ندي
  • سِنڌ سارڻي آهي
  • هِيءَ جِند ڳاهه ڳاهي!
  • شيشو کڻي پٿر تي اُڇلايو!
  • تبديلي
  • تون اُهائي ته نه آهين...؟
  • هڪ راڪشس
  • اوچتو ئي اوچتو!
  • طوفان به طوفان آهي!
  • هوا ۾ هڪ ڦاٽل پنو!
  • شالِ جئين وو!
  • زخم جي نظم به آهي ته…
  • خود ڪلامي
  • هِيرَ گهُلي ٿي!
  • اداس نيڻن جي نانءُ!
  • دل ٿي ٿئي لکڻ تي!
  • سِج اُلٿا اڀريا
  • ويساهه
  • واڙيل آهن انسان
  • ڏِيئو
  • راند
  • ڪُونج ڪٿي ڪُرلائي آهي!
  • نئون چنڊ- نئون جنڊ
  • پاڻي!
  • بنان تنهنجي!
  • موڪلاڻيءَ مهل
  • سُٺو آهي جو!
  • جيئن پوءِ تيئن
  • خودساخته ڏاهو
  • اُهو!
  • نظم- زخم ۽ لُوڻ
  • آٿتُ
  • هيءِ هيءِ منهنجو جيئڙو!
  • ڌارا
  • منهنجا ساگر
  • دل هئي ٽڪرا ٽڪرا!
  • تشبيهه
  • دوستو! مهربانو!
  • هر لهر ۾
  • توکي معلوم به آهي...!
  • اوسونا!
  • جندڙي آهي ڦاهي گهاٽ!
  • جاڳي جڳ جاڳائجان!
  • سَتَ سڱيڻي
  • ساڻيهه جو سندوم
  • سينڌ جي مِٽي
  • شاعري ته تون آهين!
  • ڪارنهن
  • پيار به ايڏو آهي!
  • اوڻٽيهين رات
  • ڇا جو رڙڪو هو!
  • پٿر مُرڪون!
  • هڪ ڪَوِتا جي وارتا
  • بادل برسيو
  • ياد ڪا
  • ٻاهر ساگر سانت
  • هيمنگوي جي ياد ۾!
  • شهر ۾!
  • پُڇن ٿا!
  • شالَ!
  • وڻ وڍڻ لئه
  • جاڳن پيا ستارا!
  • جندڙي گهوريان
  • ڪاڳر ليک بنان!
  • اُهي به ڏينهن هئا!
  • پوءِ ته!
  • ڳچيءَ ڳچي وَٽَ- سورَ
  • اڪيلي گهٽي هئي!
  • تنها اسين
  • وري رات ٿي وئي!
  • ٻُڌڻو پيو اهو به!
  • سَکڻي سوڀ
  • معاف ڪجانءِ مسافر!
  • ٻئي ڏينهن جو دوزخ!
  • ڏُسڪي پيئي ڏات:
  • ڌارين ۾ هڪ پنهنجو
  • لڙڪ سوا اک!
  • پريت جو دان
  • بند ڪمري ۾
  • هيلوڪو وري آ!
  • آءُ ته جاڳون!
  • تنها هئاسين
  • ذهنيت
  • بنان عنوان
  • شايد !
  • ڪجهه ترس اڃا!
  • بهانو
  • آ ته لنئون ڪا لات!
  • قيدي!
  • جمڙائوءَ تي وڻ
  • وقت
  • پوءِ به
  • سچل
  • وِکَ کي وڌائي رک!
  • چنڊ لياڪو پاتو!
  • دُونهَن جي لِيڪَ
  • هَٿُ ڌريل آهي سيني تي!
  • سورج پريين پار !
  • سنڌڙيءَ جهڙو ديس
  • ”حليم بروهي“ لاءِ
  • هوا پئي در کڙڪائي
  • پر گهائجي ويندين!
  • شيشو ڪنهن ٽِڙڪايو!
  • مانَ!
  • ڌُريان ئي ڌار
  • گئس چئمبر!
  • انهيءَ کان پوءِ به!
  • رين وِهاڻي
  • اجنبي
  • آءٌ ۽ چنڊ
  • رولڙي کان پوءِ!
  • لهوءَ جي ميندي!
  • بس بس بادل بس وو!
  • تون مورُ ٿي وڃ!
  • سُونهاري جا سنڌ !
  • اوسيئڙو
  • هڪ منظر
  • مان اَپراڌي
  • يارن جي ياد!
  • قبله مخدوم طالب الموليٰ
  • ”اياز“ به ساڳيو!
  • ساگر ۾ دريا پون ٿا
  • هي عَلم ڪنءَ ڇڏيان!
  • پاڻ کي ڇاهي!
  • بارش آئي ڙي!
  • وَراڻِي
  • جي تون چاهين!
  • گُهلندا هلياسين
  • پرهه کان پهرين
  • هڪ ياد
  • تون ته سُهاڳڻ آهين!
  • توبند دري کولي
  • بند گِهٽي
  • ڏات اَمر آهي!
  • برسڻ بن بادَلَ!
  • هڪڙي ويران گهر کي ڏسي
  • نئون روپ
  • آ ته هڪ ڀيرو وري....!
  • کُٽڪو
  • اڄ لکڻ لاءِ!
  • تنهنجي سارَ!
  • قسمت جو تارو!
  • 4 مارچ 1967ع
  • وقت تي
  • اڄ ۽ ڪلهه
  • ساهن جي خوشبو
  • سُور سوين ساماڻا!
  • تارن ڳاتو ڳيت!
  • نئون نسل
  • وڻڪاري مهم
  • ٻولَ ٻَڌو ڙي
  • واپسي
  • تنهنجو وجود
  • ۽ ترائيل لکئي....!
  • مان ڊٺل ئي سهي!
  • لهجو
  • زندگي ايش- ٽري جيان آهي
  • آئي مُند ملهار
  • پوءِ به هر فنڪار
  • او همراهي-!
  • عشق به خواري آهي!
  • ڪڏهن آءٌ هُن لاءِ....
  • ويساهه
  • .... خونِ جگر آهي ڪٿي!
  • ڪوشش ته ڪريون!
  • چور آهيان نه
  • رهبرو! رهزنو!
  • تند ٻُري ٿي!
  • منهنجو ڳوٺ
  • مانُ اپمانُ
  • دُکي رهيا هُئاسين رات
  • آءٌ لڙندس!
  • توکان پوءِ!
  • سِنڌ جي سَڏَ تي
  • گيت لکڻ نٿو چاهيان!
  • ڪُونج ڪُرلائي پئي
  • وَڙُ- ڪُوَڙُ
  • آئيني کي جاڳايان!
  • هَٿَ رسن ۾!
  • جيءُ وجهه نه جهوراڻي!
  • پهرين ۽ پوءِ
  • مانَ پَسان پرڀات!
  • گيت ماري نه سگهندا
  • ماٺار
  • تيلي ٻاريان
  • مَچُ مچايون، هليا
  • اي سنڌ امان!
  • دل به نگر آهي
  • صبح جي تلاش
  • مَهريءَ وارا!
  • ويرين وچ ۾
  • طيءِ ڪيل فاصلو
  • چنڊ به ساڳيو
  • سانوڻ آيو ڙي
  • اي پرين مگر!
  • سنٻنڌ
  • پريت ڪهاڻي
  • سمنڊ ڪناري
  • اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!
  • وري مِلون نه مِلون
  • ڪرٽ ڪري ڪرڙاٽ
  • نڀائي رکجان!
  • هي جو نِيَرُ نِينهَن جو....
  • اَپِيل
  • گهاءُ گيت- زخم نظم: ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
  • Mohammad Ibrahim Joyo
  • Rasool Bux Palijo
  • Ghulam Rabbani Agro
  • Siraj

  • ”سحر“ جي نالي

    ”سحر“ جي نالي


    لُڙڪ هجي ته رکي ڇڏيان، ٽِشو پيپر منجهه،
    مُٺ ۾ ڪنءَ پڪڙي سگهان، ڪِرڻي جهڙو پَلُ!





    لوڪان نحو صــــرف، مـــون مطالع سپرين،
    سوئي پڙهيو ســو پڙهان، سوئي سو حرف.

    (شاه ڪريم رحہ )


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪرڻي جھڙو پَلُ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري شاعر امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. قمر شھباز لکي ٿو:
    ”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
    ھي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سائين امداد حسينيءَ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڇپائيندڙ پاران

    ڇپائيندڙ پاران


    سائين امداد حسيني پنهنجي مان ۽ مرتبي جي لحاظ کان اسان سڀني لاءِ گهڻو قابلِ عزت آهي. هن پنهنجي سموري زندگي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. پاڻ گذريل پنجاهه پنجونجاهه سالن کان سنڌ جي مختلف علمي ۽ ادبي ادارن، جهڙوڪ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، شاهه لطيف چيئر ۽ سنڌي ادبي بورڊ سان مختلف حيثيتن ۾ واڳيل رهيو آهي ۽ انهن سمورن ادارن لاءِ هن وس ۽ وِت آهر علمي، ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تخليقي ڪم پئي ڪيو آهي. هو ساڳئي وقت ڪهاڻيڪار به آهي ته نقاد به، هن تحقيقي مقالا به لکيا آهن، جيڪي مختلف ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پيش به ڪيا ويا ته ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڇپيا به. هن مختلف رسالن ۽ اخبارن لاءِ ريگيولر ڪالم به لکيا آهن، ته ريڊيو لاءِ گيتن سان گڏوگڏ فيچر، گيت، ڪهاڻيون، ناٽڪ ۽ سيريل به لکيا آهن، ته ساڳيءَ وقت هن ٽي.وي لاءِ به گيت، ڊراما ۽ سيريل لکيا آهن. پر هن جي بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر جي آهي.
    سائين امداد حسيني سنڌي ٻوليءَ جو هڪ نامور شاعر آهي. جنهن پنهنجي ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جي ابتدا ڪئي هئي. سٺ جي ڏهاڪي ۾ هن جي جاندار ۽ اعليٰ ۽ ارفع شاعري جيڪا صحيح معنيٰ ۾ جديد فڪر سان ٽمٽار هئي، تنهن هن کي صفِ اول جي شاعرن ۾ آڻي بيهاريو. تڏهن کان وٺي پاڻ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ پنهنجي پوري قد ۽ مد سان بيٺل آهي.
    هيءُ ڪتاب امداد حسينيءَ جي شاعراڻي زندگيءَ ۾ هڪ نئون سنگِ ميل ثابت ٿيندو.
    ”ڪِرڻي جهرو پَلُ“ اُن وقت جي انتظاميه سائين امداد حسينيءَ کان اهو مجموعو گهرائي ورتو هو، ۽ اڄ کان ٽي سال پهرين اهو مجموعو ڪمپوز ٿي چڪو هو ان جا ٻه پروف به پڙهجي چڪا هئا، پر پوءِ ان کي ترسايو! “چئي: ان کي روڪيو ويو هو. پر زنده شاعريءَ کي” پنهنجن پڙهندڙن/ٻڌندڙن تائين پهچڻ کان ڪير به ترسائي نٿو سگهي، ۽ ”ڪِرڻي جهڙو پَلُ“ کي مُٺ ۾ بند نٿو ڪري سگهجي. سو، انهيءَ آزاد ۽ روشن پل کي اوهان تائين پهچائڻ جو ڪريڊٽ شايد اسان کي ئي ملڻو هو.
    سائين امداد حسينيءَ جي انتهائي سنجيدي، ميچوئر ۽ جيءُ جهنجهوڙيندڙ نظمن، مرصع غزلن ۽ رسيلن گيتن سان سينگاريل هي مجموعو ”ڪِرڻي جهڙو پَلُ“ شاعر کي اسان پاران سندس سالگره جو تحفو آهي.
    سنڌي ادبي بورد طرفان سٺا ڪتاب اوهان پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ جناب مخدوم جميل الزمان چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ جن جي خاص هدايتن تحت شاعريءَ جو هي حسين گُلدستو ڇپائيءَ پڌرو ڪري رهيا آهيون. اسين اُميد ڪريون ٿا ته اوهين هن ڪتاب کي پڙهندؤ به ۽ دوستن کي تحفي طور ڏيندؤ به. ائين ئي هڪ شاعر کي پنهنجي محبتن جو نذرانو پيش ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب وٺو، پڙهو ۽ پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪريو- اسان کي توڙي شاعر کي!



    ڄام شورو سنڌ الـهـڏتو وگهيو
    01 ربع الثاني 1433هه سيڪريٽري
    بمطابق 24- فيبروري 2012ع سنڌي ادبي بورڊ




    ٻه اکر: ڊاڪٽر الياس عشقي

    ڊاڪٽر الياس عشقي
    ٻه اکر


    منهنجي حالت اهڙي ڪانهي جو ڪا وڏي تقرير ڪري سگهان، پر بيمار هئڻ جي باوجود اچي حاضر ٿيو آهيان، جو تقريب اهڙي آهي، اهڙي دوست جي آهي، اهڙي ڪتاب جي آهي، جو ماڻهو رهي نه سگهيو. ڳالهه اها آهي ته ڏهه سال ٿيا جو آءٌ بيمار آهيان ۽ گهر ۾ قيد آهيان. ڏهه ڏينهن ٿيا جو مون کي خيال آيو ته گهڻا ڏينهن ٿيا آهن جو مان ڪتابن جي دڪان تي نه ويو آهيان، سو مان ڪوشش ڪري ڪتابن جي دڪان تي ويندس، ڌيءَ کي چيم جيڪا مون کي وٺي وئي. سنڌي ڪتابن جي اسٽال تي ويس ته ڏٺم ته امداد حسينيءَ جو ڪتاب ”هوا جي سامهون“ رکيو آهي، اکين ۾ نور اچي ويو. ڏاڍي خوشي ٿي، ڇو جو امداد جو پهريون ڪتاب ”امداد آهه رول“ جڏهن ڇپيو ته مون کي نه مليو. مون رسالن ۾ پڙهي پڙهي امداد حسينيءَ جو ڪلام ڏٺو، پر ڪتاب ۾ ڇپيل امداد جي ڪلام ڏسڻ کان محروم رهيس- سو، اهو ڪتاب (هوا جي سامهون) وٺي گهر آيس ۽ سوچيم ته پڙهندس رات جو- پر اهو ڀلجي ويس ته مان پڙهي نٿو سگهان! ڇو جو اڄڪلهه مون تي بيماريءَ جو جيڪو حملو ٿيو آهي، ان ۾ نڪو لکي ٿو سگهان، نڪو پڙهي ٿو سگهان! بهرحال، مون سوچيو ته مان ٿورو ٺيڪ ٿيان ته ڪتاب جو مهورت مان ڪندس.
    ٻه ٽي ڏينهن ٿيا جو مون کي دعوتنامو مليو ته مهورت ٿي رهيو آهي ۽ مون سوچيو ته ضرور ويندس. امداد کي ٽيليفون ڪري چيم ته مان ضرور ايندس- ۽ ٿورو ڳالهائيندس به.
    مون کي فخر آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا جيڪي ٽي جديد شاعر آهن- اياز، تنوير ۽ امداد ٽنهي سان منهنجي دوستي رهي آهي. ٽنهي سان گهڻي ويجهڙائي رهي آهي. پر انهن ٻن جو مان احترام ڪندو آهيان. پر امداد سان مان محبت ڪندو آهيان.
    امداد منهنجي خيال ۾، ڪي ماڻهو ٿي سگهي ٿو ته مون سان اتفاق نه ڪن، پر اهو منهنجو خيال آهي ۽ پڪ آهي مون کي، انهيءَ چوڻ ۾ ڪا هٻڪ ڪانهي ته امداد سنڌي شاعريءَ جو پهريون ۽ آخري جديد شاعر آهي. اياز وڏو شاعر آهي. تنوير دوست شاعر آهي- وڏو شاعر آهي؛ پر انهن ٻنهي شاعرن کي مان جديد شاعر نٿو سمجهان. اهي روايتي شاعريءَ جا تمام وڏا شاعر آهن. هنن جو ڪوبه مَٽُ ڪونهي. هنن جو نالو سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ لکبو- پر مان جيڪا ڳالهه ڪريان ٿو ته امداد جديد شاعر آهي، سا رڳو انڪري نه ته مون کي امداد سان محبت آهي.
    امداد جڏهن شاعري ڪئي ته مون ڏاڍي غور سان هن جو ڪلام پڙهيو. انهيءَ ۾ مون اهڙي ڳالهه ڏٺي، جيڪا ڪنهن به سنڌي شاعر ۾، نه هتي پاڪستان ۾ ۽ نه هندستان ۾، ڪنهن وٽ ڏٺي هئي. مان انهيءَ جي ثابتي اوهان جي سامهون پيش ڪندس. انشاء الله-
    امداد شايد ڀلجي ويو آهي. اوهين هتي ويٺا آهيو، اوهان سڀن به شايد امداد جي اُها شاعري وساري ڇڏي آهي- پر مان امداد کي ياد ڏياريندس ته تون انهيءَ امداد جو، انهيءَ نوجوان امداد جو، جنهن جو مان ذڪر ڪريان ٿو- تون ٿورو پاڻ سوچ ته اهو ڪهڙو زمانو هو، جڏهن تو ”حملو“ جهڙو نظم لکيو هو. اڄ مان چئي سگهان ٿو ته سنڌي شاعريءَ ۾ نه اڳي ڪو اهڙو نظم هو، نه اڄ آهي- مان ڇو ٿو چوان ته اهو آهي جديد نظم؟ اهو مان اوهان کي ٻڌائيندس.
    امداد حسينيءَ جو اهو زمانو هو جڏهن هن شروعات ڪئي. پوءِ وري ون يونٽ جو سلسلو هليو. اسان جي سڄي شاعريءَ جو رخ بدلجي ويو. وقت جي تقاضا هئي- ٺيڪ آهي- هڪڙي movement هلي ٿي. نئشنل موومينٽ هلي ٿي. ٺيڪ آهي، وقت جي ضرورت هئي.
    جيترا به اسان جا ليڊر صاحبان آهن، سياسي صاحب آهن، انهن ڪجهه نه ڪيو. اها جيڪا جنگ هئي، اها رائٽرس، ليکڪن ۽ شاعرن اها جنگ لڙي- ۽ اُن کي کٽيو. اهو زمانو هليو ويو، پر اڄ تائين اهو سلسلو هلي رهيو آهي. اهي موومينٽس ان لاءِ هلن ٿيون، جڏهن پنهنجي وجود کي خطرو محسوس ڪندا آهن- ته پنهنجي وجود کي قائم رکڻ لاءِ تحريڪون هلائيندا آهن. هلو، ٺيڪ آ، ترقي پسند تحريڪ آهي- اها به سنڌي ادب جي ۽ اردو ادب جي به، برصغير جي، ننڍي کنڊ جون جيتريون به ٻوليون آهن، انهن جي ادب جي وڏي تحريڪ هئي؛ پر تحريڪ ۾ هڪ خوبي هوندي آهي، جيڪا ان جي طاقت به هوندي آهي ته ان جي ڪمزوري به هوندي آهي ته اها ”محدود“ ڪري ٿي. اُها پنهنجي اغراض ۽ مقاصد تائين محدود هوندي آهي- پر جڏهن اُها پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺندي آهي ته اُن جي اها طاقت ختم ٿيندي آهي ۽ نعريبازي شروع ٿيندي آهي- ۽ نعريبازيءَ تي ختم ٿيندي آهي.
    امداد جو اهو جيڪو زمانو هو، جنهن جو مان ذڪر ٿو ڪريان، انٽرنئشنل ٿنڪنگ (International thinking) جو - بين الاقوامي سطح جي ٿنڪنگ (Thinking) جو زمانو هو، جيڪو ان کان اڳي به ڪونه هو، ان کان پوءِ به اُها ڳالهه شروع نه ٿي آهي- ته امداد کي مان وري چوندس ته پنهنجي انهيءَ زماني کي تون وري ياد ڪر! انهيءَ امداد کي پنهنجي تصور ۾ آڻ، ته هو ڇا ڇا چاهيندو هو- ڪهڙا هن جا خيال هئا ۽ هن ڇا لکڻ ٿي چاهيو! مان سمجهان ٿو ته اهو ڪتاب جيڪو مان پڙهي نه سگهيس ۽ انشاء الله جڏهن مان ٺيڪ ٿيندس ته ضرور پڙهندس ۽ لکندس به- ته انهيءَ جو خيال ڪر. مهرباني ڪري پنهنجو اهو لاڙو، جيڪو محدود نه هو، جنهن ۾ انٽرنئشنل ٿنڪنگ هئي، بين الاقواميت هئي، آفاقيت هئي، انهيءَ سلسلي کي وري شروع ڪر.
    مون کي پڪ آهي ته هن نئين مجموعي (هوا جي سامُهون) ۾ اهڙو ڪلام ضرور هوندو، جنهن ۾ اُهو جيڪو نوجوان امداد آهي، اُن جا خيالات ضرور هوندا-. مان اوهان جو وڌيڪ وقت نه وٺندس- نه ئي مون ۾ طاقت آهي. مان جيڪو سنڌي شاعريءَ جو ترجمو ڪيو هو اردوء ۾- پنجويهن ٽيهن شاعرن جو- ان ڪتاب (1) ۾ مون ان نظم ”حملو“ جو ترجمو ڪيو هو، اصل ڪتاب ته مون کي نه مليو، پر مان اهو اردو ترجمو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪندس- انهيءَ عرضداشت سان ته جيڪو نظم اردو ترجمي ۾ اچي ايترو forceful ٿي سگهي ٿو، اهو نظم سنڌيءَ ۾ ڪهڙو هوندو! مان اهو ٿو چوان ته هي انٽرنئشنل نظم آهي- بين الاقوامي خيالات آهن هن ۾ ۽ هي محدود ڪونهي- ۽ اصل امداد اهوئي آهي، جيڪو اهڙا نظم لکي ٿو:

    شب کے شبخون میں اک تیرہ شہبی کا خنجر
    دہر کے سینہ بیدار میں حسب معمول
    وار بھرپور تھا، پیوست ہوا قبضے تک
    روکے خاموش ہوئی گنبذ مسجد میں اذاں
    میوزیم میں کہیں اوندھی گری گوتم کی شبیھہ
    نے شکستہ ہوئی، نوحے تھے نہ نغمے باقی
    جام زہراب کا یونان کے وانا نے پیا
    ایک ماں گرجے کے دروازے کے آگے آکر
    کوڑے میں ڈال گئی اپنے گناہوں کا حساب!
    شہر کے لاش کو ڈھانپا تھا سیہ چادر نے
    روح انسان پہ چھائی ہوئی تاریکی قبر
    ہر طرف پھرنے لگے درد کے تنہائی کے دیو
    شہر کی گلیوں کو سنسان سمجھ کر آئے
    کتنے ویرانی و خاموشی کے چور اور ڈاکو
    سرد اور تیز ہوا دیتی ہے در پہ دستک
    کوئی انساں ہو تو ہو شہر کے ماتم میں شریک
    یا کوئی چینخ کہ ہو جشن جہنم میں شریک
    ٹوٹتا تھا در و دیوار پہ چُپ کا جادو
    اپنے ہی گوشت کو خود نوچتے پاگل کتے
    بیوہ چورنگی پہ استادہ تھا اندھا سگنل

    ڪو لکي سگهي ٿو اھڙيون سٽون؟
    چاپ قدموں کی نہ جانے تھی کہاں سوئی ہوئی
    جانے دم توڑ گئے چوڑیوں کے راگ کہاں
    کتنے سینوں میں کہاں بجھ گئیں دل کی شمعیں
    چشمے آنکھوں کے خدا جانے کہاں خشک ہوئے
    نہ کہیں حسن و حقیقت، نہ کہیں سوز نہ ساز
    ہار سنگھار چتاؤں میں جلے راکھ ہوئے
    اور خدا جانے کہاں گم ہوئے اس شہر کے لوگ
    کس جگہ تھم گئے رقاصہ کے مدہوش قدم
    مضطرب رقص کہاں، جاگتے سوتے پہنتے
    کب سسکتے ہوئے کسی قید میں خاموش ہوئے
    جاگتے رنگ کہاں سوگئے، کس سے پوچھیں
    ہُوا خوشبو کا جگر چاک کہاں، کون بتائے

    شاہراہوں پہ کہیں سڑتی گٹر کی بدبُو
    ایسا دوزخ کا اندھیرا ہے کہ دم گھٹتا ہے
    چشم ساقی میں خدا جانے کہاں اشک بھر آئے
    کس نے ایسے میں خدا جانے کہاں جام اُلٹا

    رات جلاد تھی پیتی ہی رہی جام شراب
    رات قاتل بھی تھی، مردود بھی تھی، قہر بھی تھی
    رات ظالم بھی تھی، صیاد بھی تھی، زہر بھی تھی
    رونے والا، نہ کوئی اشک بہانے والا
    تھا کوئی شہر کی میت نہ اٹھانے والا

    ڪو لکي سگهي ٿو؟

    غسل اس لاش کی میت کو اب آکر دے کون
    کون اس لاش پہ اب ڈالے غلاف کعبہ
    کون اس لاش کو سنگھار کرے پیار کرے
    کون اس لاش کی پیشانی کو روکر چومے
    کون اس لاش کا دیدار کرے آخری بار
    سرد رخسار سے کون اس کے ہٹائے زلفیں
    کون اس لاش پہ اب ڈالے گلوں کی چادر
    کون اس کی سر بالیں پہ چلائے لوہان
    کون ہو مرثیہ خواں، کون کرے غم اس کا
    آخری سجدہ تعظیم بجا لائے کون!

    ہوگا اس شہر کا بھی ہمدم و ہمراز کوئی
    ہوگا اس شہر کا بھی مونس و مساز کوئی
    کوئی اس شہر کا دلبر کوئی ہوگا محبوب
    کچھ تو اس شہر کا حسن اس کی جوانی ہوگی
    کچھ تو اس شہر کے عاشق کی نشانی ہوگی
    ہوگا اس شہر کے بچے کا تبسم کوئی

    ڏسو ڪيئن ٿو لکي:
    ہوگا اس شہر کے بچے کا تبسم کوئی
    ہوگا اس شہر کی لوری کا ترنم کوئی

    سرد اور تیز ہوا دیتی ہے در پر دستک
    کوئی ہے بھی کہ ہو اس شہر کے ماتم میں شریک
    چيخ ہی کوئی سہی جشن جہنم میں شریک

    در زنداں ہو آہستہ سے دا آخرکار
    زرد مہتاب اٹھا، تاروں کی زنجیر کٹی
    ہوئے افلاک کے پھر دار و رسن آویزاں
    پھر کہیں یادوں کے تابوت میں اُترا ہے ذہن

    دل کے بغداد کو تاتاریوں نے لوٹ لیا
    مانگ میں سندھ کے خطرے سے مچی چیخ و پکار
    مست آنکھوں کی جمیلا کا تبسم تھا نہ اشک
    خون میں سرخ تھا سینے کا مقدس کانگو
    ہیروشیما میں ہوئے ایٹمی دجال آباد
    آرزؤں کی ثریا کا مقدر تھا طلاق
    بخت کا شوخ کینڈی ہوا گولی کا شکار
    تاج محلوں کے کنول روئے سویروں کے لیے

    ہر گنہگار محبت کا ہے انجام یہی
    ہر طرفدار صداقت پہ یہی تہمت ہے
    ہر وفادار محبت پہ ہے الزام یہی۔


    ڏسو جيڪو ڪلام ترجمي ۾ اچي پنهنجو اهڙو فورس برقرار رکي سگهي ٿو. مان چوان ٿو ته هي اهڙو نظم آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڪهڙي به هنڌ، ڪهڙي به فورم تي، ڪهڙي به زبان جي شاعرن آڏو ان کي پيش ڪجي ته هرڪو ان جي درد کي محسوس ڪندو. اهائي ان نظم جي عظمت آهي- اهو آهي امداد حسيني.
    دل ته چئي ٿي ته اڃا به گهڻو ڪجهه چئي ماڻهو- پر همٿ به ڪانهي ۽ وقت به ڪونهي. انهيءَ ڪري مان امداد جي توجهه ان موضوع ڏانهن ڇڪايان ٿو- ۽ وري به چوندس ته هن جو اصل ميدان، هن جو اصل فڪر، هن جو اصل لاڙو بين الاقواميت ئي آهي. انڪري مان هڪ ڀيرو وري به چوان ٿو ته امداد حسيني سنڌي ٻوليءَ جو اڄ تائين هڪڙوئي جديد شاعر آهي- ۽ مان نٿو سمجهان- بلڪ مان ته چوان ٿو ته امداد حسيني پهريون ۽ آخري جديد شاعر آهي سنڌيءَ جو.
    مون اوهان صاحبن جو گهڻو وقت ورتو- معاف ڪندا- ۽ مان ٿورائتو آهيان ته مون کي موقعو ڏنو ويو ته منهنجا جيڪي خيالات آهن، سي مان اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان- شڪريو. مان اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان ڏاڍي توجهه سان مون کي ٻڌو.

    ________________________________________
    (1) موج موج مهران


    سِٽ ڄڻ هٿ- لڪير: قمر شهباز

    امداد حسيني بلڪل ائين آهي جيئن هڪ شاعر کي هئڻ گهرجي. سندس هر ادا ۾ شاعري آهي. سندس حليو، لهجو توڙي رويو جڳ کان ڌار، مختلف ۽ الڳ ٿلڳ آهي. تمام گهٽ ڳالهائڻو اسان جو هيءُ دوست ڀرئي ميلي ۾ به اڪيلو اڪيلو لڳندو آهي ۽ پنهنجي تنهائيءَ ۾ به سوين ميلا ساڻ کڻي سيلانين جيان سفر ڪندو رهندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته بلڪل معصوم ٻار لڳندو اٿم. مٿس پيار به ائين ئي ايندو آهي جيئن ڪنهن ابهم جي پهرينءَ هُونگر تي اوچتوئي اوچتو پلٽجي اچي. ويٺي ويٺي بي ساخته ٽهڪ اهڙو ڏيندو جو لڳندو ته سوين ٽانگڙ ٽڙي پيا. نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾. پنهنجيءَ ڌن ۾ مست، گفتگو ۾ نهٺائي، نماڻائي، عاجزي ۽ سادگي. پرائي پچار کان ڪوهين ڏور، ڪنهن دل آزاري ڪيس به کڻي ته هلڪو مسڪرائي ماٺ ٿي ويندو. مرڪ جو اهو موهيندڙ هٿيار هن وٽ هر مرض جو علاج آهي. پيار، پنهنجائپ، پسندي، ناپسندي، ڪاوڙ، حجاب توڙي لاجوابيءَ جو اظهار لفظن ۾ گهٽ، مرڪ سان وڌيڪ ڪندو آهي. ”رول“ جو الزام ته هن پاڻ تي پاڻ ئي هنيو آهي، ورنه ذاتي زندگيءَ ۾ گهر کان ٻه قدم ٻاهر رکڻ لاءِ به کيس سحر جي اک جي اشاري جي ضرورت پوندي آهي. ذهني هم آهنگي هن جوڙي کي منفرد بنائي ڇڏيو آهي. هڪ کان سواءِ ٻئي جو تصور ئي ناممڪن ٿي پيو آهي. علم ۽ ادب جي دنيا ۾ ڪي ٿورا اهڙا خوشنصيب هوندا جيڪي رنڌڻي تي گهٽ، ادبي صنفن تي وڌيڪ ڳالهائيندا هوندا. سندن انهن ئي ادبي لاڙن ٻنهي جي سوچ توڙي لکڻين ۾ هڪ وڻندڙ maturity پيدا ڪري ڇڏي آهي.
    امداد شاعراڻي ماحول ۾ اک کولي، ٽکڙائي شاعر ته هونئن ئي مشهور آهن، پر امداد کي ته شاعري مورڳو ورثي ۾ ملي. ظاهر آهي مٿس ماحول جو گهرو اثر پيو. روايتي غزل جو ميدان هن به جهاڳيو، پر سنڌ ۾ هلندڙ تحريڪن کيس روايتن جا ٻنڌڻ ٽوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ هُن پنهنجي لاءِ هڪ نئين، نرالي ۽ انوکي راهه جو انتخاب ڪيو. منهنجي خيال ۾ امداد جي انا کيس هميشه ٻين کان ڌار ۽ مختلف ٿيڻ تي مجبور ڪيو. هن قومي شاعري به ڪئي ۽ اڃا تائين ڪٿي نه ڪٿي سندس لفظن جي اندروني تهن ۾ سنڌ جي درد جي پيڙا جو پڙلاءُ پيو گونجي، پر هن جي عقيدت ۽ محبت جو انداز عامياڻو ناهي. ۽ نه وري هن جي شاعريءَ جي هيئيت (Form) گسيل ڦِٽل گَسَ جهڙي محسوس ٿيندي. هن پنهنجون راهون، پنهنجون واهون پاڻ جوڙيون آهن. تجربا ڪرڻ هن جي فطرت ۾ شامل آهي ۽ اهي تجربا کيس سندس همعصر شاعرن ۾ منفرد حيثيت ڏين ٿا.
    امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct)آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي. اهڙي شاعري فقط امداد ئي ڪري سگهي ٿو:

    آرسيءَ ۾ جو ڏٺائين خود کي
    ته اهو پاڻ چيائين خود کي:
    ”پاڻ اڳ ۾ به مليا آهيون ڪٿي
    پر ڪٿي سو ته نٿو ياد اچي!“


    هن وٽ تمام سولن لفظن ۾ گهاٽي ۽ گهري ڳالهه ڪرڻ جي جادوگري به آهي. نه لفاظيءَ جا ڪوٽ ٿو اڏي، نه مومل جي ماڙيءَ ۾ ناتر واريون گوهيون ۽ نه وري تجريدي تشبيهن جا اجايا سجايا اولڙا، بس، ائين ئي سڀڪجهه چيو ڏئي جيئن ڪو سادو سُودو ماڻهو پنهنجي دل جي ڳالهه ڪندو آهي. سادگيءَ سان، سچائيءَ سان، پنهنجائيءَ سان:

    جي تون چاهين
    رات به توسان رَسَ ۾ آهي
    چنڊ به تنهنجي گس ۾ آهي
    سڀڪجهه تنهنجي وس ۾ آهي
    جي تون چاهين!؟

    رومانيت امداد جي نس نس ۾ سمايل آهي. اها سندس فطرت جو حصو آهي جنهن کان هو ڪنهن پر به پاند ڇڏائي نٿو سگهي:

    چنڊ جهومر ڪري تارن سان سجايان توکي،
    اچ ته اڄ رات جو توساڻ ملايان توکي،
    جهانءِ جهرڻي جي ٻڌئي ڏينهن لنگهي ويا آهن،
    اڄ ته ڪوڙو سچو روئي به کلايان توکي!

    روايتي غزل کان آزاد نظم جي تجرباتي انوکين گهڙتن تائين جو سفر امداد لاءِ فقط Form جي تبديليءَ تائين محدود ناهي. ان ڊگهيءَ مسافريءَ دوران هن جي شاعري سندس ذهن جي مختلف ڪيفيتن جي عڪاس پڻ آهي. لفظن، تشبيهن، علامتن توڙي اشارن ۽ رَوَين ۾ پڻ مرحلي وار بدلاءُ ايندو رهيو آهي. موضوعن جي تبديلي ته هر حال ۾ اٽل هئي. امداد جهڙي حساس ۽ ترقي پسند ليکڪ لاءِ ملڪ ۾، خاص طور سنڌ ۾ ٿيندڙ سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي واقعن کان منهن موڙڻ ڪنهن به طور ممڪن نه هو. ون يونٽ جي تحريڪ دوران هو بلڪل نوجوان شاعر جي حيثيت سان ادبي محاذ ۾ داخل ٿيو. ظاهر آهي ته هُو ان دور جي ڪڙاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ اوتڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو هوندو، هيءُ اهو زمانو هو جڏهن سنڌي نوجوان هڪ ئي وقت ٻن جدا جدا محاذن تي وڙهي رهيا هئا. هڪ، سرڪار ۽ ٻيو پنهنجا غدار ۽ ٽڪي ٽڪي تي وڪامندڙ سياسي رهنما:

    صدين کان پوءِ
    اسيمبليءَ ۾
    ڀوتار به آخر ڳالهايون
    پهريون ڀيرو
    هڪ کدڙي کي پُٽ ڄائو
    سورج اولهه کان اُڀريو
    آڌيءَ آڌي ڀيڄ ڀني
    مادي ڪڪڙ ٻانگ ڏني!

    هنن ئي ڏينهن ۾ امداد ”روح رهاڻ“ رسالي جي ڪَورَ تي هر مهيني هڪ شعر لکي حالتن مطابق پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو. پندرنهن سال لاڳيتي هلندڙ هيءُ جنگ سنڌي اديبن پنهنجي قلم سان لڙي. هڪ طرف حڪمرانن ۽ سندن ڇاڙتن جا ڪٽڪ هئا ۽ ٻئي طرف خالي هٿين ۽ نڌڻڪن ليکڪن جون لکڻيون هيون. ان سموريءَ ويڙهاند کان پوءِ جڏهن ون يونٽ جا زنجير ٽُٽا ته ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. سنڌ هڪ دفعو وري صدمي کان بي حال ٿي وئي. ڀُٽي صاحب جي اچڻ کان پوءِ اميد هئي ته اسان جي دردن جو درمان ٿيندو، پر جلدئي هڪ دفعو ٻيهر ضياءُالحق جو مارشل لا سنڌي قوم لاءِ مايوسين جو پيغام کڻي آيو. اها مايوسي، بي يقيني ۽ پريشاني اڄ به موجود آهي. سنڌ دشمن قوتون اڳ کان وڌيڪ اڳريون ٿي چڪيون آهن. اهڙين حالتن ۾ سنڌ جا سچا شيدائي هڪ پل لاءِ به مزاحمتي ادب کان وانجها ويهن، سا اڻ ٿيڻي آهي. امداد ان سموري عرصي ۾ وڏيءَ همت سان ڌرتيءَ جو قرض چڪايو:

    ڌرتيءَ کي مان ڪِنءَ ڇڏيان، ڌرتي منهنجي مڱَ،
    هيءَ ته منهنجي لڄَ آ، هن سان ست ئي سڱَ.

    هن جو سنڌي قوم لاءِ ڏنل پيغام هاڻي دائمي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي، ڇو ته هاڻي پڪ ٿي وئي آهي ته اسان جي جدوجهد سالن نه بلڪ صدين تائين قائم رهندي. بقا جي جنگ ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل نه ٿيندو آهي. ڏينهن نه ڳڻبا آهن. وقت نه ڏسبو آهي، غيرت جا ماڻ ماپبا آهن. لاشن جا انبار ڪٿبا آهن. سوريءَ جا سَٽڪا ڳڻبا آهن:

    هڪ سِر آهي، سَوَ ته ناهن،
    سوريءَ سيج سجائي رکجو.
    پير پٿون ۽ پٿ پٿرائون،
    ويتر وکَ وڌائي رکجو.
    گهگهه اونداهي، تيز هوائون،
    دل جو ديپ جلائي رکجو.

    امداد جي مزاحمتي شاعريءَ کيس هميشه جوان رکيو آهي. هُو هر دور جي نوجوان باغين جو سورمو آهي. ڪلهه به، ۽ اڄ به، هر نئين پيڙهيءَ جي جذبن جو عڪاس امداد ئي رهيو آهي. امداد کي ڪنهن اوچي سنگهاسڻ تي ويهارڻ بدران سنڌ جي هر ويڙهاڪ نسل کيس پاڻ سان گڏ رکيو آهي. جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن. پنهنجو سمجهيو آهي. پاڻ مان سمجهيو آهي. تڏهن ته امداد پنهنجي ڌرتيءَ، ماڻهن ۽ مارن جي دل جي دانهن کي پنهنجيءَ جيءَ مان جهونگارڻ لاءِ آتو آهي:

    تند ٻُري ٿي ڪجهه ته گهري ٿي
    تند ٻُري ٿي ڪنڌ گهري ٿي
    سڀ کان سڻڀو سَنڌ گهري ٿي
    ڏيل- ڏيي جي لاٽ مڱي ٿي
    ڳڀروءَ ڳاڙها ڳاٽ مڱي ٿي.

    اهو به رومانس آهي، وطن سان محبت، ديس جو درد ۽ ڏيهه تي ڏاڍئيءَ خلاف احتجاج. اهو به رومانس آهي. سنڌ جي سَنڌ سَنڌ ۾ ڀريل زهر تي تڙپي اُٿڻ. دُولهن جي پيرن ۾ پيل زنجيرن تي ماتم ڪرڻ، سندن ريٽي رت سان رڱيل ڌرتيءَ تي سجدو ڪرڻ، اهو به رومانس آهي. سنڌ جي چپي چپي کي محبوب جي انگ انگ جيان چاهڻ، پوڄڻ ۽ پرڀائڻ، اُن جي خوشيءَ تي مُرڪي ڏيڻ ۽ اُن جي غم تي ڳوڙها ڳاڙڻ، اُن جي دشمن تي وري وري وار ڪرڻ ۽ سڄڻ جي هر ادا کي پيار ڪرڻ، اهو به رومانس آهي. اسان ته رومانس کي فقط هڪ رنگ، هڪ ڍنگ، هڪ انگ ۾ ئي ڏٺو آهي، پر هن جا ته ڪئي روپ سروپ آهن، ڪئي اولڙا ۽ ڪئي زاويا، ڪئي چهرا، ڪئي شڪليون، ڪئي شبيهون آهن. مٽيءَ جي مهڪ کان ويندي چانڊوڪين جي چهڪ تائين، سنڌوءَ جي وَهڪ کان ويندي ٽاڙوءَ جي ٽهڪ تائين، سينواريل سيني کان ويندي سرسبز فصل تائين، پاڻيءَ جي پائڻ کان ويندي وڇڙيلن جي وصل تائين، رومانس ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟

    وهه کٿوريءَ ڪنان شال وِترو وهي
    لهر تنهنجي مڙوئي هجي لال شال
    واءُ توتي سدائين سڻائو وري
    ۽ مهاڻن مٿان مهر سائين ڪري
    هر مهاڻي ڏيا جو ڏيو ٿي ٻري
    سڙهه ساڄا ڪري شال ٻيڙي تري
    ۽ سندن ٻارڙا ڪوجهڙا ڪارڙا
    شال لڌڙن جيان تڙڳندا ئي رهن…

    ان ئي رومانس ۾ هو پنهنجي ذاتي پيڙا کي به وساريو ڇڏي. اها هن جي مجبوري آهي، لاچاري آهي، بي وسي آهي. ڌرتيءَ جا متوالا دل جي دنيا تياڳي ڇڏيندا آهن. امداد جي محبتن جا ڪئي مدار آهن، پر هن جي اوليت وري به پنهنجيءَ مٽيءَ ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ آهي. سندن مرجهايل چهرن کي ڏسي هُو لڙڪ لاڙي ٿو ويهي. سندن جهريل جهوپن کي پسي هو وياڪل ٿي ٿو وڃي. سندن غربت سندس دل دکائي ٿي ڇڏي:

    مون کي معاف ڪجانءِ مسافر
    جي مان توکان
    مانيءَ ڌانيءَ
    پاڻيءَ ڇاڻيءَ
    جو نه پڇان!
    منهنجي ڦاٽل ساٽل جهوليءَ ۾
    ماني ناهي
    ڌاني آهي
    منهنجي سِيرُون سِيرُون ٻُڪ ۾
    پاڻي ناهي
    ڇاڻي آهي
    مان پاڻ بکيو ۽ پياسو آهيان!
    مون کي معاف ڪجانءِ مسافر
    جي مان توکان……

    ڌرتيءَ سان ڪمٽمينٽ لاءِ نه نعرن جي ضرورت آهي نه هوڪارن جي ۽ نه وري للڪارن جي. نهائينءَ جو نينهن آهي، ماٺو ٿيڻو ناهي. جن سان جند جڙي وئي، سي ته هنئين ۾ هُرندا ئي رهندا. پيار جا پيچ آهن، ڪَٽيءَ بنان ڪينءَ ڪٽبا؟ امداد ته فينڪس (Phoenix) پکيءَ جيان آهي جيڪو پنهنجي هڪ طرفي پيار ۾ سُريلا گيت ڳائيندو هوائن ۽ فضائن ۾ اوچو اڏرندو رهندو آهي ۽ پوءِ پنهنجي ئي اندر جي اساٽ ۾ جلي خاڪ ٿي ويندو آهي ۽ ڌرتيءَ تي ڇڻيل پنهنجي ئي خاڪ مان ٻيهر جنم وٺندو آهي:

    ٿي چڪي ٿي چڪي ٿي چڪي ٿي چڪي
    جا به ٿيڻي هئي ماجرا ٿي چڪي
    هر ستم ٿي چڪو، هر جفا ٿي چڪي
    هر ڏيي جي مخالف هوا ٿي چڪي
    ابتدا ڪا ڪريون، انتها ٿي چڪي!

    امداد پيارو شاعر ته آهي ئي، پيارو انسان به آهي. هن جي سانتيڪي سيني ۾ ڪيترا طوفان لڪل آهن، انهن جو ڪاٿو تڏهن لڳائي سگهبو جڏهن ڪاڳر تي اُتاريل سندس من جي ڀاونائن جو مطالعو ڪبو. هو ڪجهه چوي نه چوي، ڪُڇي نه پڇي، گهري نه گهري، هُو اسان جي گهرج آهي. اسان جي سوچ جو سنديسو آهي. اسان جي اندر جو آواز آهي. اسان جي احتجاج جو انداز آهي. هيءُ ڪتاب، ”ڪِرڻي جهڙو پَلُ“ جنهن ۾ سندس شاعريءَ جا املهه ماڻڪ جرڪن ٿا ۽ رابيل مهڪن ٿا، سو هاڻي سندس نه رهيو آهي- اسان سڀني جو آهي، ڇو ته امداد به اسان جو پنهنجو ئي ته آهي.

    مون کان جيڪڏهن ڪو هڪ سٽ ۾ امداد جون وصفون پڇي ته جيڪر هئن چوان: ”گهڻو لکڻ، تکو لکڻ، سٺو لکڻ“.

    لِکڻ لَکڻ سين جن بدلائي، ماڻهن جي تقدير،
    ڪيڏي سڪ سين سِٽَ لکيائون، جهڙي هٿَ لڪير!


    پَلُ، وقت، سمئه : امداد حسيني

    ڪڏهن دل ٿيندي آهي ته زندگيءَ جي وهڪري ۾ گهاگهائي گهڙي پئجي:

    ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهِڙن جي

    ڪڏهن وري اُهائي دل سڀڪجهه ڇڏي ڏيڻ، تياڳڻ چاهيندي آهي.
    سڀڪجهه! (جيئن ڪنهن ڏاهيءَ ڏس به ڏنو هوم)، ها، سڀڪجهه-
    سواءِ ڪَوِتا جي، ها، ڪَوِتا جي- جيڪا مون سان آهي.
    سدائين کان، ازل کان- نه پر ازل کان به اڳي- ۽ ابد تائين.
    بلڪ ابد کان پوءِ به گڏ هوندي مون سان!

    ازل ابد هڪ وِکَ آهي، ڪنهن به ڪويءَ جي لاءِ!

    مون ته هر پل ڪوتا- لڙيءَ ۾ پُوئڻ گهريو آهي:

    لڙڪ هجي ته رکي ڇڏيان، ٽِشو پيپر منجهه
    مُٺ ۾ ڪنءَ پڪڙي سگهان، ڪِرڻي جهڙو پَلُ!


    پر اهو ڪِرڻي جهڙو پَل- وقت جو اهڃاڻ، سمئه جو پرتيڪ-
    مُٺ ۾ پڪڙي سگهجي ٿو؟ نه!
    پر ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پل/ وقت/ سمئِه- اهو ڪِرڻو صرف ۽ صرف شاعريءَ/ ڪَوِتا ۾، جيڪڏهن اُها شاعري/ڪَوِتا آهي ته، پڪڙي سگهجي ٿو.

    امداد حسيني
    5.9.2007
    ڄام شورو، سنڌ


    او منهنجا رَبَ!

    او منهنجا رَبَ!


    جڏهن تيز هوائون پئي لڳيون
    تڏهن منهنجي من ۾ ڪوبه نه هو
    سواءِ تنهنجي
    او منهنجا رَبَ!
    ۽ مون
    ڪيڏيءَ نه سِڪَ اُڪير مان
    ڪيڏي نه ڌيان ۽ گيان سان
    تنهنجي لاءِ
    نظم پئي لکيو
    ڄڻ
    اُهو منهنجو
    پهريون نظم هجي
    ڄڻ
    اُهو منهنجو
    آخري نظم هجي!



    آءٌ اوهان جي آهِيان!

    آءٌ اوهان جي آهِيان!
    پانڌي چئج وڃي، آءٌ اوهان جي آهِيان!

    عمر ڪئي جا آڇ هئي، مون سان هَڏ نه مڃي-
    پانڌي چئج وڃي،
    آءٌ اوهان جي آهِيان!

    ڪوٽ ڪڙا زنجيريون، اينديس بند ڀڃي-
    پانڌي چئج وڃي،
    آءٌ اوهان جي آهِيان!

    مارُن ڪارڻ مون سِسِي، سوريءَ ڏانهن سَڃي،
    پانڌي چئج وڃي،
    آءٌ اوهان جي آهِيان!




    ڪر ڪو واڪو وَسُ!

    ڪر ڪو واڪو وَسُ!


    ڌرتيءَ کي مان ڪنءَ ڇڏيان، ڌرتي منهنجي مَڱَ،
    هيءَ ته منهنجي لَڄَ آ، هن سان ست ئي سَڱَ.

    ماٺ منجهان ٿئي ڪينڪي، ڪر ڪو واڪو وَسُ،
    راڙو ڪر رانڀاڙ ڪو، ڪور ماٺ جو ڪَسُ.

    جنءَ رات ٺري تنءَ باهه ٻري، جاڳي جڳ مڳ جوت،
    ڀري ڀري ڏي مڌ او موکي، اوت اڃا ڪجهه اوت.

    ٻيلا ٻوڙي ويندو آهي، موج ڀريو مهراڻ،
    مُنڌ وئي مهراڻ به ٻوڙي، ڄاڻي ڇا اڻڄاڻ.

    منهنجي مارُل، منهنجي ٻاگهل، مومل منهنجي سنڌڙي،
    توکي ڀيٽ ڏيڻ چاهيان ٿو، جندڙي سکڻي جندڙي.

    ڪن ۾ ڳالهه ٻڌائڻ جهڙي، آهي ڇاهي چَو،
    سورج اڀري آيو آهي، هاڻي ڇاجو ڀَو!



    سپنا ٿي ويا سَچُ

    سپنا ٿي ويا سَچُ


    تنهنجا منهنجا
    منهنجا تنهنجا
    سپنا ٿي ويا سَچُ سمورا
    ٿي ويا پورا گيت اڌورا
    تارن وانگر سُرَ ڇڙي پيا
    مُکڙين وانگر ٽهڪ ٽڙي پيا
    ڇُلڪي پيو آ چنڊ جو ساغر
    اُٿلي پيو آ سڪ جو ساگر


    تنهنجا منهنجا
    منهنجا تنهنجا
    سپنا ٿي ويا سَچُ سمورا
    ٿي ويا پورا گيت اڌورا

    سينڌ ستارن سان جهرڪائي
    جندڙي ٿي اڄ جهومي ڳائي
    لنونءَ لنونءَ ۾ ڪا لهر لُڇي ٿي
    مون کان تنهنجا پارَ پُڇي ٿي

    تنهنجا منهنجا
    منهنجا تنهنجا
    سپنا ٿي ويا سَچُ سمورا
    ٿي ويا پورا گيت اڌورا



    وِکَ وڌائي رکجو!

    وِکَ وڌائي رکجو!


    اک ۾ لڙڪ لڪائي رکجو،
    مُک تي مُرڪ سجائي رکجو.
    سُورن کي سَرچائي رکجو،
    پُورن کي پرچائي رکجو.
    پير پِٿون ۽ پَٿ پٿرائون،
    ويتر وِکَ وڌائي رکجو.
    گهُگهُه اونداهي، تيز هوائون،
    دل جو ديپ جلائي رکجو.
    هڪ سِر آهي، سَوَ ته ناهن،
    سوريءَ سيج سجائي رکجو.
    رات به کٽندي، باک به ڦٽندي،
    اکڙين کي جاڳائي رکجو.
    ماڻهو لُوڻَ لپُون ڙي سائين،
    دل جا زخم ڇُپائي رکجو.
    ڪنڊا ڪنڊا موڙ مٿي تي،
    مکڙين کي مهڪائي رکجو.
    لڙڪ سمورا روئي ڇڏجو،
    هڪڙي بُوند بچائي رکجو.


    ليکڪ

    ليکڪ

    سوير اَوير ته ٿي ويندي آ، آهيون سنڌي پاڻُ
    پر هي جيڪو ماڻهو آهي، آهي ڄڻ ته سُڀاڻُ

    زندانن مان زنجيرن مان، آزاديءَ اهِڃاڻُ
    ليکڪ جنهن جو ڪرتويه آهي، ڌرتيءَ نَوِ نرماڻُ
    جنهن جا نيڻ سدائين آلا، پياسي ڪاڻ نياڻُ

    جنهن جي پاڙ اَڻهيئي ويندي، اونهي ڌرتيءَ منجهه
    نيل ڪمل جنءَ نرمل نرمل، پکين ۾ جنءَ هنجهه

    پاتالن کان گهرو گهرو، اوچو کان آڪاس
    سنڌي ٻوليءَ منجهه لکي پيو، پني تي اتهاس

    هن جا مارو ڏکيا بکيا، هن جو جيءُ اُداس
    پاڻ به ٻاري جوت جياري، ٽاري رات اُماس

    ٻٽيهه لَکڻا پُٽَ ڄڻيا جنهن، ڇٽيهه لکڻي سنڌ
    پُٽَ سَپُٽَ، ڇڏي جن اَرپي، ارهي سَرهي جند

    لِکڻ لَکڻ سين جن بدلائي، ماڻهن جي تقديرَ
    ڪيڏي سِڪ سين سِٽَ لکيائون، جهڙي هٿ- لڪيرَ




    ________________________________________
    * ”لاٽ“ پاران ڊاڪٽر نجم عباسيءَ سان ملهايل شام ۾ پڙهيل.


    ڪوئي گيت سُڻائي!

    ڪوئي گيت سُڻائي!


    ڪوئي گيت ٻڌائي
    تنهنجو نه سهي
    منهنجو نه سهي
    ڪنهن جو به سهي
    ڪوئي گيت سُڻائي!

    ڪيسين تائين چَپ چُپ رهندا، ٻول چئو ٻولائي
    هر سُر سونو سِڪو آهي سِڪن کي ڇڻڪائي
    ڪوئي گيت سُڻائي!
    اُلجهيل اُلجهيل مَنُ آهي، مَنَ! اُلجهيل کي سُلجهائي،
    اونداهيءَ جي خاموشيءَ ۾، سُر جو ديپ جلائي
    ڪوئي گيت سُڻائي!
    ڪوبه ملهائي يا نه ملهائي، راڳي تون ته ملهائي
    اڻٿيڻيءَ کي ٿيڻي ڪر تون، وِجهه تون وقت ورائي
    ڪوئي گيت سُڻائي!
    اُلا اُلا آلاپن سان، تن من آڳ لڳائي
    شيشو سناٽي جو شيشو، پٿر تي اُڇلائي
    ڪوئي گيت سُڻائي!
    ڪنڌ ڪلهن تي بار لڳي ٿو، ٻيجل تند ٻُرائي
    مُک تي مَڙهه جي ماٺ مڙهيل ڇو، ڳائي ڳائي ڳائي

    ڪوئي گيت سُڻائي
    تنهنجو نه سهي
    منهنجو نه سهي
    ڪنهن جو به سهي
    ڪوئي گيت ٻڌائي!


    رات

    رڳو سگريٽ ڦوڪڻ سان ئي ته رات ڪانه گذرندي!
    هُن کي سُڌ هئي اها
    پوءِ به هُو ائين ڪندو رهيو هو
    سڄي رات
    دُکندو رهيو هو- هُو به سگريٽ جيان
    کوڙ ڀيرا سوچيو هئائين
    ته ڇڏي ڏيندو
    سگريٽ ڇڪڻ
    ۽ سگريٽ جيان دُکڻ!
    پر رات
    اچي ئي ويندي هئي هر شام کان پوءِ!
    ۽ کڻي ايندي هئي پاڻ ساڻ
    اُهوئي جاڳڻ ۽ جلڻ!
    چوڌار
    اُڻي ڇڏيندي هئي دونهين جو ڄارُ!


    شهر: زهر لهجا!

    شهر: زهر لهجا، نقاب هر چهري تي پاتل،
    ڳوٺ: گهٽيون واقف، ماڻهو ڄاتل، ڏيک سڃاتل.

    اُٿي کاڌل ڪپڙي وانگي تُنَ تُنَ سڀ تَنُ،
    ڀڳل آنهري من، ٽڪرا چهرا ڄاتل اڻڄاتل.

    آءٌ نه ڀِٽَ ڌڻي، نه ڪپل وستوُ جو شهزادو،
    ڪٺور رشتن جون زنجيرون پيرن ۾ پاتل.

    کُليل گهٽيءَ ۾، بند درين دروازن جي آڏو،
    ڦٽل چپن تي ڳيت اُهيئي ڳاتل اڻ ڳاتل.

    ڦُلڻا ڄِڀَ، ڄراٽيل ڄيرو، سِر تي سورج ڇٽ،
    ڇُلڻن پيرن هيٺان راهون ڄاتل اڻڄاتل.

    مانيءَ ڀور ۽ ڪپڙي ٽُڪرو ناهي سڀ جيون،
    جيون ڳَلَ ڳرهاٽيون، جيون ڳوڙها ڳل لاتل.


    ڏات ته تنهنجي تات آ

    ڏات ته تنهنجي تات آ

    ڏات بنان ڪوتا اِئين، ڌڻيءَ بنان جنءَ ڌَڻَ،
    پري پري تائين رڳو، الف اُگهاڙا وَڻَ.

    اڳي ڀڳو نه هُئو ڪڏهن، هانءُ اسان جو هيئن،
    ڪورو ئي رهجي ويو، ڪاڳر جنءَ جو تيئن.

    اکڙين جون مِڙ ڳالهڙيون، جهڙيون پڌرو پَٽُ،
    تون ته صفا ڪو ڄَٽُ ڙي، بنهه ڪورو ڄَٽُ.

    لکڻ لَکڻ آهي سڄڻ، پين پنو ناهي،
    ڏات ته تنهنجي تات آ، سا مون وٽ آهي.

    رات سُتي مون ننڊ ۾، ڪيون ڪيڏيون ڪِيڪُون،
    ڪرائيءَ بنان هٿن جون، ڊهي وييون لِيڪون.

    ٻارن کي هن عيد تي، دل تي کائي زخم،
    کِلي کين خرچي ڏنم، هڪڙو هڪڙو نظم.

    ويٺي ويٺي اوچتو، ڪو جو پُور پيوم،
    ڏيٺ ويٺ تو ساڻ ٿي، هينئڙو هٿان ويوم.

    منهنجي چِت ۾ چورا کورا، ڀورا ڀورا جيءُ،
    هرڪا سوچ لوچ ٿي آڇي، اچي اچي وِهُه پيءُ.

    من آ ڀاري جهولي خالي، نانءُ اٿم امدادُ،
    نينهن ته اهڙي نگري سائين، داد نڪو فريادُ!

    پير لڪائن چور ڇو، ڍور ڍڳو ڪو ڪاهي،
    رستو منهنجي ڳوٺ جو، پڪو ٿي ويو آهي.


    هاڻ ته هليا!

    هاڻ ته هليا!


    هاڻ ته جانان
    من تي مَچَ مڱر
    رجهي رهيا آهن رستا
    جسم پگهر ۾ شُم
    اندر اوٻر، ٻاهر
    ڌرتي ٽامو
    کوري جهڙو ڏينهن!
    آڳ اوڳاڇيندو سِجُ
    پل پل ديڳ پڪل!

    هاڻ ته جانان
    سوچون لوچون
    سيخن تي ڄڻ ماهه هجي
    گهُٽَ ٻوسٽُ
    لُڪيءَ ۾ ڄڻ ساهه هجي!

    هاڻ ته جانان
    اوڙو پاڙو
    ڄِڀون ڄِڀيون
    تن تي لفظن جو پيٽرول

    هاڻ ته جانان
    تن ٿو تاڙي وانگي تاڙي
    من جو مورُ ٽهوڪي
    هاڻ ته هليا ڀنڀا ڇوڙي
    لوڪ ڀلي پيو روڪي ٽوڪي
    کَرُ مَرُ کامي پڄري!

    اُڀ ۽ ڌرتيءَ واري ليڪ لتاڙي
    هاڻ ته هليا
    هاڻ ته هليا!


    مون گيت لکيو آهي!

    مون گيت لکيو آهي،
    تنهنجي منهنجي باري ۾!

    اِن ۾ آهي ذڪر گلابي سانجهيءَ جو
    ڪينجهر ۾ ٿي گيت ٻُريو ڪنهن مانجهيءَ جو
    تو مون نيڻ کُپايا شام جي تاري ۾

    مون گيت لکيو آهي،
    تنهنجي منهنجي باري ۾!

    ان ۾ آهي ذڪر سُهاين راتين جو
    ماکيءَ جهڙين مِٺڙين مِٺڙين باتين جو
    جيڪي ڪيوسين چانڊوڪيءَ جي چاري ۾

    مون گيت لکيو آهي،
    تنهنجي منهنجي باري ۾!


    ڊائلاگ

    ڊائلاگ

    تو چيو:
    ”تيلي نه ٻار!“
    مون سوچِيو:
    ’تيلي نه ٻاريندس ته هي ٻيلو ڀلا ڪنءَ پٽ ٿئي!‘
    لڙڪ لهجي ۾ ڀري
    تو چيو:
    ”تيلي جي ٻاريندين ته ڪا گولي ڪٿان ايندي- ۽
    سڀڪجهه گُل ڪري ويندي هلي
    اچ ته موٽي گهر هلون!“
    انءَ چئي
    منهنجي کاٻي ٻانهن ۾
    ساڄو ۽ کاٻو هٿ وجهي
    ڌونڌاڙيهءِ
    ۽ سندم هٿ ۾ جهليل ماچيس جو کڙڪو ٿيو
    مون ڀُڻِڪِيو
    ”مون کي ته هن ٻيلي کي آهي ٻارڻو!“
    پوءِ ساڄي ٻانهن سان
    توکي ڳرهاٽي مون وڌي
    ۽ چپن تي آخري ڀيرو چُمي ڏيئي چيم:
    ”گهر وڃ
    اگر تيليءَ کي ٻارڻ کان اڳي يا پوءِ
    منهنجي زندگانيءَ جو ڏِيو گُل ٿي وڃي
    پوءِ ٻارن کي چُميءَ جو تِلڪ ڏئي
    ماچيس ڏج!“


    اوندهه جو گهاءُ!

    ڏيئو آ اوندهه جو گهاءُ
    جنءَ ڪنهن ڏامر جي رستي جو چُٿڙ لٿل
    جنءَ ڪنهن سانوري سلوڻي مُکڙي تي چِٽيءَ جو چِٽو
    جنءَ ڪنهن ڪاريءَ ۽ ڪجراريءَ اک ۾ ڦُلو
    ڏيئو آ اوندهه جو گهاءُ
    جنءَ ڏکڻ افريڪا تي گورن جو راڄ!


    چنڊ نشي ۾ چُور

    سُکَ هئا مِزمانَ، رهي ڪجهه ڏينهن، هليا ويا ڏورُ،
    ڏُکَ ته آهن ساڻ سدائين، ڏور نه ٿيندا مُورُ.

    آ ته چُمون اڄ چنڊ ستارا، آ ته لُڏون ٻئي پينگهه،
    هيڪلڙيءَ جي هاڻ کڻي ڪر ميڙ منٿ منظورُ.

    آءُ ته ٿڌڙي ڇانوَ ڪيانءِ، آ ته لهون ٻئي لانوَ،
    ڄڻ ته آهيان وَڻُ، ڦٽا ٿم گَونچ، جهليو ٿم ٻُورُ.

    آءُ لڀي وڃ لالَ، هليا اڄ پيهي وڃ پاتال،
    انت تري تائين اوسائين، گهُورَ وجهي تون گهُورُ.

    هيءَ سُهائي رات الا لا، هيءَ سُريلي سانت،
    لِتل اڱڻ تي آءٌ اڪيلي، چنڊ نشي ۾ چُورُ.


    مُور نه ٿيندس ڏورُ!

    ڪيڏو به کڻي مان ڏُورُ وڃان،
    توکان مُور نه ٿيندس ڏُور!

    ساهن مان پئي خوشبو ايندي، او جاني توتان گهور وڃان
    سُرهو رهندو تنهنجو سُورُ!

    ٿَڪ کان آهيان چُور ٿيو پيو، وِک وِک تي ٿو ٿِڙان ٿاٻڙان
    پوءِ به سارا سُورَ سُرورُ

    سانت رات جو ڇير پير ۾، نسَ نسَ مان پور پور مان
    پيهي ايندو تنهنجو پُورُ!

    منهنجي دل جي ڌڙڪڻ آهين، مان توتي پنهنجو ساهه ڏيان
    نيڻن جو تون آهين نُورُ!

    او سهڻا من مهڻا سپرين، مکڙين جهڙين ٻن اکڙين سان
    وري به هڪڙو ڀيرو گهُورُ!

    ڪيڏو به کڻي مان ڏُورُ وڃان،
    توکان مُور نه ٿيندس ڏُورُ!


    توبن جيون

    توبن جيون
    جهڙو ڪر بن
    جسم هجي ڄڻ ٿُڙ ۽ ٻانهون ڏار
    انهن تي مور رڙن ٿا
    پر ڪا نيل گگن وٽ
    بوند هجي ته وسي!

    پاتالن وٽ
    اوڳاڇڻ لئه
    رات آهي
    ڦٽيل سوئر جهڙي رات
    چئني پاسي وَڄَ وڄن ٿا

    ڏِسائن وٽ هوائون آهن
    پاڳل ۽ ڇڙواڳ هوائون
    تيز لڳن ٿيون
    ڏار گسن ٿا
    باهه لڳي ٿي بن ۾
    اُلا وسن ٿا
    دُونهن دُکي ٿو من ۾

    توبن جيون
    جهڙو ڪر بن!


    ساٿ جدائيءَ وانگي!

    ساٿ جدائيءَ وانگي!

    قرب دوريءَ جيان ۽ ساٿ جدائيءَ وانگي
    تنهنجي هوندي به اڪيلائيءَ جو احساس ٿئي
    ٻارڙن هوندي به ڀڙڀانگ ڀريو ڀُڪلو گهر!

    ڪو وچن ناهه مگر پوءِ به بنواس لڳي ٿو جيون
    تون به مون لاءِ جڏهن ٿي ٿي وڃين ماڻهن جان
    بيوقوفي ٿو لڳي پيار ۽ بڪواس لڳي ٿو جيون!


    شاعري ٿيندي رهي

    جيستائين عاشقي ٿيندي رهي،
    تيستائين شاعري ٿيندي رهي.

    تو پڙهيو پئي جيستائين او پرين،
    اُن پَني تي روشني ٿيندي رهي.

    جيستائين نيڻ نيڻن ۾ رهيا،
    مئڪشن جي مئڪشي ٿيندي رهي.

    مرد جيئري ڪونه چِکيا تي چڙهيو،
    بس رڳو عورت سَتِي ٿيندي رهي.

    جيستائين آءٌ توکان دُور هوس،
    هر گهڙي ڄڻ خودڪشي ٿيندي رهي!


    مَچُ مچي يا نه مچي!

    مَچُ مچي يا نه مچي!


    پوءِ هي پَلُ رهي يا نه رهي
    ڳَلَ سان ڳَلُ رهي يا نه رهي
    ٻِجُ ڪو نِجُ ڇٽي وٺ ڇورا
    ڀونءِ ۾ ڀَلُ رهي يا نه رهي

    ٻيون راتيون ته گهڻيون اينديون پر
    پوءِ هيءَ رات اچي يا نه اچي
    رات سورج کي ڄڻي ڏيندي جا
    پوءِ ڪو مَچُ مچي يا نه مچي

    پوءِ هي چنڊ چڙهي يا نه چڙهي
    سمنڊ ۾ لهر لُڇي يا نه لُڇي
    اچ ته آواز لڳايون گڏجي
    پوءِ سڀاڻي ڪو ڪُڇي يا نه ڪُڇي!


    اکيون ٿيون ڳالهائِن

    چَپَ رهن ٿا چُپُ، اکيون ٿيون ڳالهائِن
    پڌرو ۽ لِڪَ ڇُپُ اکيون ٿيون ڳالهائِن
    پاڻ ۾ اينءَ جيئن سَکيون ٿين ڳالهائِن
    اکيون سکيون رَبَ رکيون ٿيون ڳالهائِن!


    گيت لکون

    آءُ ته گڏجي گيت لکون،
    هڪ سِٽ تنهنجي هڪ سِٽ منهنجي.

    منهنجا تارا تنهنجو چنڊُ،
    ورهاءِ چانڊوڪيءَ جو ونڊُ.
    منهنجا لڙڪ ته تنهنجي مُرڪ،
    اک جي اک مان هڪ هڪ سُرڪ.
    تنهنجا منهنجا مُٺ مُٺ سورَ،
    تنهنجا منهنجا پل پل پُورَ.
    آهه ٻنهي جو اندر اَڌَ،
    منهنجو مَڌَ ته تنهنجي سَڌَ.
    تنهنجو ڪاڳر منهنجي مَسُ،
    اوتي ڇڏ ڪو امرت رَسُ.
    تنهنجي خوشبو منهنجا رنگ،
    کولي ڇڏ وارن جا ونگ.
    منهنجا چَپَ ته تنهنجو نانءُ،
    منهنجي ڏات ته تنهنجو ڏانءُ.

    آءٌ ته گڏجي گيت لکون،
    هڪ سِٽ تنهنجي هڪ سِٽ منهنجي.


    اوتي رت جو تيل

    ڳُڻ آ تنهنجو ڳوٺڙو، نالو تنهنجو نينهن،
    ڏاهپ تنهنجو ڏيج آ، ڏات ته تنهنجو ڏيهه.
    سورج جهڙي سوڀيا، نئين نڪوري نِجُ،
    مون کان جي ماڙهو پڇن، ڏيانِ ڪهڙو ڏس!
    چڻنگون چڻنگون ٿي وئي، اُڇلايل سگريٽ،
    دونهن ڇڏي وئي پوئتان، آلي ٿي وئي اَکِ.
    ڏات ڏيي جي وَٽِ ۾، اوتي رت جو تيلُ،
    آڌيءَ آڌيءَ رات جو، رَتُ ٿو روئي ڪير!
    ماڻهو آيا اوپرا، ڪُتن ڪئي باهوڙَ،
    جاڳي اُٿيا ڀاڳيا، ٿي وئي چورُ چورُ.
    هڪڙي هڪڙي لفظ تي، هڪڙو هڪڙو لڙڪ،
    ڏئي سگهو ته ڏيو ڀلي، شاعر کي انعام.
    بس کان ٻاهر ڏيک هو، سائو سائو گاهه،
    لهندڙ سج جا تِروِرا، ٽِلندي ٽِلندي شام.
    دوهي لکندي اوچتو، ڪوجو پُور پيوم،
    هڪڙي سِٽَ هروڀرو، ڇڏي ڏيان تولاءِ!


    رت جو ريٽو رنگ

    گونجي گونجي مري ٺري وئي، هن ڌرتيءَ جي دانهن،
    ٻُڌي سڀن پر، ڪانه ڪڍي ڪنهن سيرانديءَ کان ٻانهن.

    سندءِ من ۾ آدجڳاد کان، اونهي اونهي کڏَ،
    ٽڪري ٽڪري روئي روئي، موٽي آيا سَڏَ.

    هٿ جا ليڪا آمهون سامهون، رت جو ريٽو رَنگُ،
    تو مون گڏجي جيتي آهي، جُڳن جُڳن جي جنگُ.

    پکڙي ويندي گهري گهري اُفق اُفق نيراڻِ،
    اڃا به اڃا به مکڙيءَ جهڙيون، اکڙيون اوري آڻِ.

    سِجُ به لهندو، چنڊ به لهندو، بُکَ نه لهندءِ مُورُ،
    دوڏا نڪري ايندءِ سائين، سهي نه سگهندين سُورُ.

    جيسين ساهه سِسيءَ ۾ آهي، جڳمڳ آ احساسُ،
    تيسين تاءِ امر رهندو هن ڌرتيءَ جو اتهاسُ.

    گهايل گهايل پوءِ به اُڏاڻو، ٽيڙوءَ ٽيڙوءَ گيت،
    مان ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي هان، سرسوتيءَ جو ميت.


    رات ڪا برسات جي

    رات ڪا برسات جي

    رات ڪا برسات جي ايندي جڏهن
    ياد ايندس دوست مان توکي تڏهن

    جيڪڏهن ها جيڪڏهن ها جيڪڏهن
    ساهه ۾ ڀرجي وڃي دونهون تڏهن
    تنهنجو من اکڙين منجهان ڇلڪڻ گهري
    روح جو ڪو زخم جي مُرڪڻ گهري
    بحرِ غم مان لهر ڪا اُڀرڻ گهري
    ٿورڙي همٿ کڻي ڏيکارجان
    تون انهن لهرن کي واپس وارجان
    قول جو مون سان ڪيئي سو پارجان

    رات ڪا برسات جي ايندي جڏهن
    ياد ايندس دوست مان توکي تڏهن

    جيڪڏهن ها جيڪڏهن ها جيڪڏهن
    دانهن ڪا دل ۾ لڇي ڦٿڪي تڏهن
    ڪيتري ڪوشش ڪرڻ جي باوجود
    تنهنجي پنبڻن تي پون اٽڪي ٻه لڙڪ
    ايترو منهنجو چيو تون سارجان
    تنهنجي اکڙين کي چيو هو مون غزل
    تنهنجي اکڙين کي چيو هو مون ڪنول
    توکي تنهنجو سُنهن نه هنجون هارجان
    ڇو ته بارش ۾ رُنل لڙڪن جو مُلهه
    ڪوبه ڪونهي ڪوبه ڪونهي ڪوبه ڪونهي..

    رات ڪا برسات جي ايندي جڏهن
    ياد ايندس دوست مان توکي تڏهن


    وارَ سنواري ڇڏجان

    گُل رکي منهنجي ڪتابن ۾ وساري ڇڏ جان،
    ۽ جڏهن ياد اچن لڙڪ قطاري ڇڏ جان.

    ويندي ويندي به مُڙي مون ڏي نهاري ڇڏ جان،
    ڌار تلوار جي سيني ۾ اُتاري ڇڏ جان.

    چنڊ چوٽيءَ ۾ هڻي رات هلي آئي آ،
    سينڌ سندُور ڀري وار سنواري ڇڏ جان.

    منهنجا سِنڌُو منهنجا مهراڻ اڙي جل داتا،
    مون کي وچ سير منجهان پار اُڪاري ڇڏ جان.

    لڙڪ جو آهه لڪل روح جي تهخاني ۾،
    اَڄُ ”امداد“ اُهو لڙڪ به هاري ڇڏ جان.


    هر انگ کي بهار چئون

    هر انگ کي بهار چئون


    ستم کي جان چئون، درد کي قرار چئون،
    اچو ته حسن جي هر ڪنهن ادا کي پيار چئون.

    چپن کي جام چئون، اکڙين کي مئخانو،
    خيالِ يار کي اي مئڪشو خمار چئون.

    انهيءَ ۾ آهه ڀلائي ته هُن جي ڪُوچي ۾،
    وفا کي جرم ۽ ديوانگيءَ کي پيار چئون.

    هي شهر ننڊ جو شهر آهه ڪيستاءِ ڀلا،
    اسين اڪيلا خبردار هوشيار چئون.

    صبا کي آهه چئو ۽ گلن کي زخم چئو،
    ته پوءِ موسمِ گل کي اسين بهار چئون.

    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ حُسين ۽ نگر نگر منصور،
    اوهين ٻڌايو ته ڪنهن کي گناهگار چئون!

    اکين جي رُت کي سدا سانوڻيءَ جي رُت سمجهون،
    ۽ دل جي جيڪا به موسم هجي بهار چئون.

    تمام عمر اهو مسئلو ئي حل نه ٿيو،
    ته وصل ڪنهن کي چئون ڪنهن کي انتظار چئون!

    ڪري وڃي ٿو هي ”امداد“ ڪنءَ نه عقل جي ڳالهه،
    اچو اچو ته چرين کي به هوشيار چئون.


    پريت مَن ڀونري جي!

    پريت مَن ڀونري جي!


    تنهنجا ڳل ماڪ سان ڌوتل پوتل
    انگ ڄڻ رنگبرنگي ڪپڙا
    سُونهن سُرهاڻ ۾ وهنتل سنهتل
    نه چُمي توکي ته ٻيو ڪنهن کي چُمي
    سِجَ جو پهريون ڪِرڻو ڪومل
    نه ڀِري توتي ته ٻيو ڪنهن تي ڀِري
    پريت مَن ڀونري جي آهي پاڳل!





    ترائيل لکڻ لاءِ

    اڄ ترائيل لکڻ لاءِ پيو من تڙپي
    دير کان سامهون آهي پيو ڪورو ڪاڳر
    آڇ اهڙي ٿو ڪري هانءُ لڇي، تن تڙپي
    اڄ ترائيل لکڻ لاءِ پيو من تڙپي

    اِيئَن ڦٿڪن پيا جذبا جئين دشمن تڙپي
    لفظ هرڪوئي اچي ايئَن لڳي ڄڻ پٿر
    اڄ ترائيل لکڻ لاءِ پيو من تڙپي
    دير کان سامهون آهي پيو ڪورو ڪاڳر!


    ڀٽائي تنهنجو نانءُ!

    هن نظم جو پس منظر/پيش منظر لاکيڻي لطيف جو هي بيت آهيِ:

    ڏينهن تتو جهُڙ ڀانئيان، جهُڙ وسندو مينهن،
    وڃان ته پُسنم ڪپڙا، ويهان ته ٽُٽيم نينهن،
    توڙي کائيم شينهن، ته په قولين ڪُوڙي نه ٿيان!


    _____________

    ڀٽائي تنهنجو نانءُ
    مون لئه ڏات ۽ ڏانءُ

    ڀٽائي تنهنجو نانءُ
    ڦلڻا ڄِڀ سان
    ڦٽل چپن سان
    جڏهن ڳنهان ٿي آنءُ
    جيڏين سرتين جي هيري ڪڻيءَ جهڙي ڳالهه به ڳُڙ ڀاسي
    پاڙي اوڙي جا وهه وهاٽيل طعنا مِهڻا ماکيءَ لار لڳن ٿا
    لوڪ سڄي جون ٽوڪون ٽهلُون مصريءَ تڙ ٿيون ڀاسن
    لهسائيندڙ لُڪ به هِير هندورو ڀاسي

    جهولي جو ٿي جهُولو جهوُلان
    روهُه روُح سان رُلندي آنءُ
    لڪن منجهه
    لُڇندي لُڇندي
    وڻن ٽڻن کان پکين مِرُن کان
    پار پنهل جا پڇندي آنءُ
    اِنءَ ٿي ڊوڙان ڪيچ وطن ڏي
    پياڪ جنءَ ساغر ڏي
    ڪوتا جنءَ ڪاڳر ڏي
    سنڌو جنءَ ساگر ڏي
    سورج جنءَ اوڀر ڏي!

    ڀٽائي تنهنجو نانءُ
    ڦلڻا ڄِڀ سان
    ڦٽل چپن سان
    جڏهن ڳنهان ٿي آنءُ
    سُڃَ به سيڄ لڳي ٿي مون کي
    ڇوهُه ڇپر جو ڇوهه ڇمر ٿو ڀاسي
    رُڃَ جو منظر نينهن نگر ٿو ڀاسي
    گوندر منجهه اگوندر آنءُ
    اُٺن جي اوڳر جون
    هاڙهي ۾ هٻڪارون آهن
    ڪاڙهي ۾ به بهارون آهن
    ورهه ڪيون وڻڪارون آهن
    جاڏي به نهاريان تاڏي
    تنهنجون نيڻ نهارون آهن!

    رائي ۾ جو رت هاريو مون
    پڳ پڳ ڄڻ ڏيئو ٻاريو مون
    تو جو پانڌ پناهه جهليو پوءِ
    واچوڙا ڀل لَکَ لڳن پر
    جُڳَ جڳاندر تائين سائين
    اُن جي لاٽ اُجاگر آهي
    ٻاٽ واٽ ۾
    اُن جو نُور نشانبر آهي!

    ڀٽائي تنهنجو نانءُ
    ڦلڻا ڄِڀ سان
    ڦٽل چپن سان
    جڏهن ڳنهان ٿي آنءُ
    پٿر ٿي پٿراڻيون ڀانيان
    ڇپون ڇپر کٽ ٿيون ڀاسن
    پَٽُ- پٽيهر پَٽُ لڳي ٿو
    ڇپر ڇولي
    ڇوليءَ ڇوليءَ ڇُلندي آنءُ
    اينءَ ڇلان ٿي ڪيچ وڻن ڏي
    مينهن وسڻ تي
    جيئن ٿري ڪو ٿر ڏي
    پياسو جنءَ ڪو جر ڏي
    سنڌو جنءَ ساگر ڏي
    سورج جنءَ اوڀر ڏي!

    ڀٽائي تنهنجو نانءُ
    ڌوم تتيءَ ۾
    گهاٽي بڙ جي ڇانءُ
    ڦلڻا ڄِڀ سان
    جڏهن به تنهنجو نانءُ ڳنهان
    پنهنجا ڦٽل ڦاٽل چَپَ چُمان
    تارونءَ تي هي تپندڙ سورج
    گهاٽو جهُڙ ٿو ڀاسي
    ڄڀيون ڄيرا
    وَڏَ ڦڙو ٿا ڀاسن
    ڇيرا ڇيرا
    کنوڻين جا کِلڪار لڳن ٿا
    آڳ اُلا
    ڦلن وانگي لِڱَ ٽڙن ٿا جن تي
    رم جهم ميگهه ملهار لڳن ٿا
    واڄا ٽاڄا وڄڙيون
    چوڌاري چمڪار لڳن ٿا
    سارنگيون سارنگ وڄايون
    ڇنن ڇنن ڇيرين جا ڇمڪار لڳن ٿا
    گوڙون ۽ گجگوڙون
    دهلن جا ڌڌڪار لڳن ٿا
    وڻ وِندر جا
    جهُومي جهُومي ڏينِ پيا واڌايون
    وِندر منجهه وندرندي آنءُ
    نينهن نئين ۾ ترندي آنءُ
    انءَ ٿي اُسهان ڪيچ نگر ڏي
    جنءَ ڪو قيدي گهر ڏي
    هاري جنءَ ڪو هر ڏي
    سنڌو جنءَ ساگر ڏي
    سورج جنءَ اوڀر ڏي!

    ڀٽائي تنهنجو نانءُ
    جنمن جي پياسيءَ داسيءَ لئه
    تارون تار امرت رس جو ٿانءُ
    ٻُڪ ۾ امرت رس جو ٿانءُ جهلي
    جڏهن انهيءَ سان
    ڦٽل ڦاٽل چَپَ چُمايان
    ٺوٺ ٺڪر جان
    تارونءَ سان چهُٽيل ڄِڀَ ڀِڄايان
    تڏهن ائين ٿي ڀانيان
    سيد جنهن جو ساڻي آهي
    مُنڍ کان توڙ تاڻي آهي
    مظلومن لئه جو انءَ لازم ملزوم آهي
    جيوت لئه جنءَ پاڻي آهي

    هوت حمايت آهي جنهن جو
    تَنهن کي ڪهڙو ڀَو ۽ ڀولو
    ڇاجي لُڪ ۽ ڇاجو جهولو
    تَنهن جي لاءِ ته آرياڻيءَ سان
    روح رهاڻيون رڻ جو رولو!
    تَنهن جي لاءِ ته ڄَرَ ڄَراٽو
    جل ٿل جل ٿل
    آري جنهن جي اوٽ ٿئي ٿو
    پيڙ پلر پالوٽ انهيءَ لئه
    هن جي هڪڙي مهر نظر سان
    سارا سُورَ سُرورَ انهيءَ لئه

    ڀٽائي تنهنجو نانءُ
    ڦلڻا ڄِڀ سان
    ڦٽل چپن سان
    جڏهن ڳنهان ٿي آنءُ
    ٽِپر تي جو ٽانڊن جو هي ٽانڊؤ آهي
    سو ڄڻ جَرُ جالارو مون لئه
    لارون لارون ڄڻ ته جٽائون
    ڪاري اُسَ به مون لئه
    گهنن گهنن گهنگور گهٽائون
    لُوساٽيندڙ تيز هوائون
    ڄڻ ته اُٺي جون هِيرُون مون لئه
    ڇهي ڏسائون
    ڄڻ ته وُٺي جون کِيرُون مون لئه
    ٽامو ڌرتي
    مون کي گل گلزار لڳي ٿي
    ڏکڻ اُتر اولهه اوڀر
    سڄي سرشٽي پيار لڳي ٿي
    رت جي بُوند ڪِري ٿي جاتي
    سرخ گلاب ڦٽي ٿو تاتي!

    ساٿ ڌڻي سرواڻ لنگهيو جنهن واٽ مٿان
    مون لئه واٽ سُواٽ اُها
    اُن جي کيهه کٿوري ڀانيان
    سا کيهه کٿوري
    آنءُ لڱن سان لائيندي
    چُمي چشمن چائيندي
    اينءَ ڄُلان ٿي ڪيچ ڏيهه ڏي
    نوورني جنءَ ور ڏي
    پاڻياري کُوهر ڏي
    سنڌو جنءَ ساگر ڏي
    سورج جنءَ اوڀر ڏي!

    لاکيڻا لڄپالَ ڀٽائي
    لالئون لال ڀٽائي
    ڦلڻا ڄِڀ سان
    ڦٽل چپن سان
    جڏهن به تنهنجو نانءُ ڳِنهان
    ڇُلڻن پيرن هيٺان
    تتل واري نم ڀاسي
    واريءَ مان ٿو
    گُوها گُوها گاهه ڦٽي
    ٿوهر آشا ٿي گُلي جهلي
    ڪلهي ڦاٽل ڪنجرو
    جهنڊي وانگي ٿو جهُولي!

    تيز هوا ۾
    ڦاٽل ساٽل ڪنجري جي
    جهنڊي کي جهُولائيندي
    انءَ ٿي ڪاهيان ڪيچ شهر ڏي
    هنج اُڏري جنءَ سرَ ڏي
    پوڄاري مندر ڏي
    سنڌو جنءَ ساگر ڏي
    سورج جنءَ اوڀر ڏي!

    ڀٽائي تنهنجو نانءُ
    مون لئه ڏات ۽ ڏانءُ
    ڀٽائي تنهنجو نانءُ
    ڀٽائي تنهنجو نانءُ!


    سُور ڪجهه سوايو آ!

    سُور ڪجهه سوايو آ!

    مون جڏهن ڪو ڏِيو جلايو آ،
    زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.

    يار ميلي ۾ ۽ اڪيلي ۾،
    چين مون کي ڪڏهن نه آيو آ.

    دشمنن کي به آزماءِ ڏسان،
    دوستن کي ته آزمايو آ.

    سچ ته توکان سوا سڄڻ سائين،
    اِنءَ لڳي ٿو جيڻ اَجايو آ.

    جيڪو پنهنجن ڪنان هئو پنهنجو،
    اڄ پراين ڪنان پرايو آ.

    سڀ ڇڏي ويا ڇڏيو نه تو اي درد،
    ڀال ڪيڏو نه تو ڀَلايو آ!

    هونءَ ته چهرو به هو اکيون به هيون،
    آرسيءَ ۾ نظر نه آيو آ.

    توکي چاهيون ٿا توکي چاهيون ٿا،
    بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ.

    هڪڙو ماڻهو ئي آهه اچڻو پر،
    مون سڄو گهر کڻي سجايو آ.

    حال ”امداد“ جو پُڇو ڇا ٿا،
    اڄ مڙئي سُور ڪجهه سوايو آ.


    تارُونءَ ۾ تلوارون

    درد ته دل جو دارُون، وو ميان،
    ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

    چِتَ ۾ چاقوءَ چُڀڪا، تارونءَ ۾ تلوارن،
    وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

    وجود ويئڙو واسجي، وِرهه ڪيون وڻڪارُون،
    وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

    بيراڳين جون بَرَ ۾، برهه لڳيون بازارُون،
    وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

    سچن موتين جون لَڙيون، هي جي لڙڪن لارُون،
    وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

    جيڪا سا مون ڏي مِڙئي، ماروءَ تي نه ميارُون،
    وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

    هي جي وَڍَ وجود ۾، هينئڙو ڦارُون ڦارُون،
    وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

    پاڻهي ڄاڻي مون ڪيو، ڏيل به ڏارُون ڏارُون،
    وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

    رات سُتي سُپنو ڏٺم، ڌُڏي ويون ديوارُون،
    وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!
    چئن ڏِسين ٻُرنديون ويون، ٻاٻاڻن ٻاڪارُون،
    وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

    درد ته دل جو دارُون، وو ميان،
    ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!


    پنجين ديوار!

    هرڪمري کي
    هونديون آهن
    ديوارون چار
    پر اُن ڪمري کي
    پنج هيون ديوارون
    چار پٿر جون
    پنجين
    هڏن جي تيڪي تي
    رت ۽ ماس جي گاري ساڻ
    ٺهيل ديوار
    بنان پِيڙهه جي
    بنان ڇِتِ جي!


    خوش رهين شال!

    خوش رهين شال!


    منهنجي دل تي ستم ڪرڻ وارا
    خوش رهين شال غم ڏيڻ وارا.

    زندگيءَ جي اُداس راهن ۾
    ڌوڙ ئي ڌوڙ آ نگاهن ۾
    آس آ آخري پساهن ۾
    خوش رهين شال غم ڏيڻ وارا
    منهنجي دل تي ستم ڪرڻ وارا

    مون ته هر موڙ تان پُڪاريو هو
    هر قدم دل جو ديپ ٻاريو هو
    تو ئي پٺتي ڪٿي نهاريو هو
    خوش رهين شال غم ڏيڻ وارا
    منهنجي دل تي ستم ڪرڻ وارا

    هاڻ لڙڪن جي بي زباني آ
    بس اها نينهن جي نشاني آ
    مهربانن جي مهرباني آ
    خوش رهين شال غم ڏيڻ وارا
    منهنجي دل تي ستم ڪرڻ وارا





    بِلو شهيد تي سلام!

    سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ جي تحريڪ ۾، شاهه ڪريم رح جي شهر بلڙيءَ ۾ اسڪولي شاگردن جلوس ڪڍيو. هڪ هوٽل وٽ انهن تي هوٽل جي مالڪ بندوق سڌي ڪئي. بلو شهيد ان هوٽل تي پيشگير هو. اُن ٻارن کي بچائڻ لاءِ بندوق کسڻ جي ڪئي ۽ ڇاتيءَ تي گولي کاڌائين.


    نظارو دلخراش آ
    اُگهاڙي آسمان هيٺ
    هي رَت ٻُڏل جو لاش آ
    نراڙ پاش پاش آ
    ڪفن به ليڙ ليڙ آ
    چڳون به چيڙ چيڙ آ

    اُهو به ڪنهن جو دوست آ
    اُهو به ڪنهن جو ڀاءُ آ
    اُهو به ڪنهن جو پيءُ آ
    انهيءَ جي ڪا ته ماءُ آ

    هي رَتُ جيڪو ڌوڙ ۾
    به ٽِڪ ٻڌي بِهي رهيو
    اهوئي رَتُ صبح آ
    اهوئي رَتُ شام آ

    بِلو شهيد تي سدا
    سلام آ سلام آ

    جو گوليُنِ جو گهاءُ آ
    اهو سدا گلاب آ
    ۽ پوري زور شور سان
    سوال جو جواب آ
    نئين لِتل اڱڻ مٿان
    اِهوئي ماهتاب آ
    جهُڙالِين جي ڏيهه ۾
    اهوئي آفتاب آ

    لهوءَ جي ان لڪير تان
    هليا اچو هليا اچو
    اهوئي اڌ کُليل اکين
    جو پهريون ۽ آخري
    اوهان جي لئه پيام آ

    بلو شهيد تي سدا
    سلام آ سلام آ

    لهوءَ جي لهر پئي لڳي
    ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ آ
    اي سرفروش ساٿيو

    ڦڙو ڦڙو پڪار آ
    ۽ آخرين حَدَ تاءِ
    غير لئه ڌڪار آ
    ڪچي سڳي ۾ اٽڪِيل
    ڪپار تي ترار آ
    اڃا به گهاءَ گهاءَ مان
    ڦڙو ڦڙو ڳڙي پيو
    ڦڙو ڦڙو اَجهاڳ آ

    کٿورِيُن جي مُٺ کلي
    بسنت رُتِ جهڙو رَتُ
    ڪنوار جو سهاڳ آ
    ڦُليءَ ڦَليءَ سڀاڳ آ
    اهوئي رَتُ نينهن جي
    نماز جو امام آ

    بِلو شهيد تي سدا
    سلام آ سلام آ


    لات

    آڌيءَ آڌيءَ
    آکيري ۾
    هڪڙو ننڍڙو نرم پکي
    کُنهبن کنڀن جي مُٺ
    هر کولي هر بند ڪري
    نيري نِڀ ڏي نيڻ کڻي
    باک پسڻ لئه واجهائي
    هڪڙو ننڍڙو نرم پکي
    مٺڙي مٺڙي سُر ۾ ويٺو
    بسنت بهار جا گيت چوي!


    چنڊ وڌيڪ ٿڌو!

    چنڊ وڌيڪ ٿڌو!

    جنهن لهرين سان پيار ڪيو،
    سو مون وانگي روئندو ويو.

    مُند مينهوڳي آئي وئي،
    هيل به وَڏَڦڙو نه وُٺو.

    اِنءَ پيا ڪاٽيون ڏينهن ڏکيا،
    ڪاٺ ٽُڪي جنءَ ڪاٺ ڪُٽو.

    مان به اوهان کي ٻڌندس پر،
    پهرين منهنجي ڳالهه ٻڌو.

    مون جو مُنهن تي سَچُ چيو،
    هر ڪنهن هٿ ۾ پٿر هو.

    هڪڙو هُو جو ڪونهي ڪو،
    سڀڪجهه آهي ڦِڪو ڦِڪو.

    آءٌ به توکي چاهيان ٿو،
    توکي اهو پتو نه پيو.

    اڱڻ اڱڻ تي آڌيءَ جو،
    پِيلو چنڊ وڌيڪ ٿڌو.

    خيال جو روشن پاڇو،
    روپ وٺي شل ڪوتا جو.

    راءِ ڏياچ سڏايو، پر،
    پهرين سِر جو دانُ ڏيو.

    چپ ۾ چَڪُ وجهي ڇڏيم،
    اڌ ۾ گهٽجي ويو سُڏڪو.

    رات کڻي ڪيڏي به سهي،
    پر ڏينهن ته نيٺ به ٿيندو.

    ڇاتيءَ ۾ ڇا رکيو هو؟
    جيڪي هو سو رَکَ ٿيو!

    هڪڙي ڀيري دل کولي،
    جيڪي چوڻو اٿو چئو!

    تنها تنها راتين جو،
    تو ڪو مون کي ياد ڪيو؟

    منهنجو پيار پلڻ وارؤ،
    پنهنجيءَ دل تي هَٿُ رکو.

    جسم وڪامي سگهجي ٿو،
    روح ته ڪنهن ناڻي نه ڳِڌو.

    ميڻ بتي به وسامي وئي،
    هاڻي رويو ويٺو رو.

    گهوڙا! پنو ويچارو،
    جيڪي به وڻيوَ اُهو لکو!

    آهه ڪٿي ”امداد“ اُهو،
    جيڪو شعر به چوندو هو.


    هاريءَ جي ڪهاڻي

    هاريءَ جي ڪهاڻي



    هڪڙي هاريءَ جي ڪهاڻي ٿو ٻڌايان آن کي
    نانءُ جنهن جو هو سُکيو، پاڻ ڏکيو رهندو هو
    اَنُ راڪاس زميندار کڻي ويندو هوس
    ديهه جو ڀَڀُ ڀري پاڻ بُکيو رهندو هو
    هو رڳو رات جو دُکندو نه هو دونهينءَ وانگي
    ڌر تتيءَ وانگيان هر وير دُکيو رهندو هو!





    تون به ڪَنائي ته سهيِ

    تون به ڪَنائي ته سهيِ

    رات روشن نه سهي، ڏينهن انڌيرو ئي سهي
    تو جيان دور گهڻو دور سويرو ئي سهي

    ڪوبه سورج نه سهي، ڪوبه ستارو نه سهي
    هن انڌيري جو ڪٿي ڪوبه ڪنارو نه سهي

    ۽ هوا بند سهي، پَنُ به چُرندو نه سهي
    نه سهي ڪابه صدا، دانُ به گهُرندو نه سهي

    گهورڙئي جو به ڪو آواز گهٽيءَ ۾ نه سهي
    شيءِ وٺڻ لاءِ ڪنهين ٻار جو کيٽو نه سهي
    دِٻَ دَٻڙاٽ نه ڪو، ماءُ جو دڙڪو نه سهي

    نه سهي ڀَونڪ ڪتن جي نه سهي وسنديءَ ۾
    سڀ سُتا ماٺِ مُٺا سُور سهي وسنديءَ ۾

    نه سهي ها نه سهي ٻانگ نه ڪو سنک نه گهِنڊَ
    ماٺ ئي ماٺ رڳو ٻاٽ رڳو ننڊَ ئي ننڊَ

    نه سهي شهر، پراڻو اهو کنڊر ئي سهي
    ڪابه ديوار سلامت ۽ نڪو در ئي سهي

    پوءِ به تهخاني جي ڳڙکيءَ ۾ لڳل شيشي مان
    پوربي پار جي ڳڙکيءَ جي ڀڳل شيشي مان

    آءٌ رڙيون ٿو ٻڌان ٻار نئين ڄاول جون
    تون جتي آهين اُتي تون به ڪَنائي ته سهي!


    سنڌو ساگر کان!

    سنڌو ساگر کان!


    سورج نڪرڻ کان به اڳي هُو نڪتو هو گهر کان،
    ان لمحي کان اکڙيون ڪونه هٽيون آهن در کان.

    سحر امداد، ڌرتي سورج، ڪَوِتا ڪاڳر کان،
    ها، وڇڙي ڪانه سگهي آهي، سنڌو ساگر کان.

    ڍولڻ، توبن پوهه مهينو ڪيئَن ڪٽيوم اَلا،
    ان جو حال پڇي وٺجئين تون ڪنهن نسريل سر کان.

    لال گلال گلاب الائي، ڪٿي ڪِري پيو هو،
    خوشبو پوءِ به وڇڙي ڪانه ڪوٽ جي ڪالر کان.

    ٻُڏندڙ سورج، ورندڙ ڌَڻ، وڻ ٽڻ، ۽ ڇڻندڙ پن،
    کِڙڪي بند ڪيئي، کسجي ويو، سڀڪجهه منظر کان.

    وِکَ وڌائي، وِکَ وڌائي، وِکَ وڌائي وِکَ،
    ماڙُهو آهين مختلف ٿي ميل جي پٿر کان.



    ابتدا ڪا ڪريون!

    ٿي چُڪي ٿي چُڪي ٿي چُڪي ٿي چُڪي
    جابه ٿيڻي هئي ماجرا ٿي چڪي
    هر ستم ٿي چڪو، هر جفا ٿي چڪي
    هر ڏيي جي مخالف هوا ٿي چڪي
    ابتدا ڪا ڪريون، انتها ٿي چڪي!


    اُهي ئي جِي ويا!

    اُهي ئي جِي ويا!

    راهه کان گمراهه ٿيا، ڀلجي ويا، ڀٽڪِي وِيا،
    جن اوهان جو در ڇڏيو سي دربدر رهجِي وِيا.

    زندگيءَ جو زهر هڪڙيءَ ڳيتَ سان جي پِي وِيا،
    سِڪَ جي سُورِي چڙهيا جيڪي اُهي ئي جِي وِيا.

    تون مٿينءَ دل سان کِلي مُرڪي ملينءَ پاٻوهه مان،
    مان اَياڻو ئي سهي سياڻا مگر سمجهي وِيا.

    آزمائڻ جي گهڙي آئي جڏهن ”امداد“ يار،
    ڪيترا ڄاڻو سڃاڻو اڻ سڃاڻو ٿِي وِيا.


    ( ق )

    رات ٽکڙ(1) جي حوالي سان رُنيون مون ڪجهه سِٽون،
    لفظ ڄڻ پيرُون هئا پني مٿان پکڙِي ويا.

    هيءُ حامد(2) جو نگر، ”مخلص(3)“،”فدا(4)“ جو هي نگر،
    هن نگر ۾ ڪيترا پاڙا هئا اُجڙِي وِيا.

    ڳالهه ”حافظ شاهه(5)“ جي اوطاق جي نڪتي جڏهن،
    زخم دل جا ڄڻ ته ڪي بخيا هئا اُڊڙِي وِيا.


    ________________________________________
    (1) منهنجو ڳوٺ، شاعريءَ جو هڪ مڪتبئه فڪر
    (2) حافظ حامد
    (3) محمد هاشم ”مخلص“
    (4) علامه اسدالله شاهه ”فدا“
    (5) ڪافيءَ جو هڪ وڏو شاعر، جنهن جي اوطاق ڄڻ هڪ ثقافتي مرڪز هئي.


    ڪراڙ جي جل ۾!

    ڪراڙ جي جل ۾!


    هيڪڙي لڙڪ جيتري پَل ۾
    رات چوڏهين ڪراڙ جي جَل ۾
    چنڊ ڪيڏو اُٻاڻڪو ڀاسي
    لڙڪ لڙيو کڙي وِيو تارو
    هيڏي ميلي ۾ هيڪلو ڪيڏو
    شاهه عبداللطيف ويچارو!





    هيءَ جا منهنجي دل آهي

    هيءَ جا منهنجي دل آهي

    هيءَ جا منهنجي دل آهي
    سا ته الائي ڇا ٿي چاهي!

    ڪجلي رُت ۾ بادل بڻجي
    ٿر بر تي ٿي برسڻ چاهي
    تِرُ نه هڪڙو ترسڻ چاهي

    هيءَ جا منهنجي دل آهي
    سا ته الائي ڇا ٿي چاهي!

    سمنڊ ڪناري واريءَ گهرڙا
    هر هر ٺاهي هرهر ڊاهي
    ڊاهي پوءِ وري ٿي ٺاهي

    هيءَ جا منهنجي دل آهي
    سا ته الائي ڇا ٿي چاهي!

    دوست ڪڏهن ته ڪڏهن هيءَ دشمن
    سڀئي لڳ لاڳاپا لاهي
    منهنجي دل ڄڻ منهنجي ناهي

    هيءَ جا منهنجي دل آهي
    سا ته الائي ڇا ٿي چاهي!



    ٻڌائي ته ڀلا!

    ٻڌائي ته ڀلا!


    ”اڙي امداد! ٻڌائي ته ڀلا ڪنءَ آهين؟“
    (ڇا ڏسين ڪانه ٿي مان اڌ به رهيو ڪونه آهيان!)
    ”مُڱَ ٿئي وات ۾ ڇا؟ تون به صفا انءَ آهين!
    اڙي امداد! ٻڌائي ته ڀلا ڪنءَ آهين؟“

    ”ڪلهه به ساڳيوئي توائي هُئين، اڄ جنءَ آهين!“
    (ڇا چوڻ چاهين ٿي اڄ تاءِ مُئو ڇو ناهيان!)
    ”اڙي امداد! ٻڌائي ته ڀلا ڪنءَ آهين؟“
    (ڇا ڏسين ڪانه ٿي مان اڌ به رهيو ڪونه آهيان!)




    ڏُور ايڏي به نه ٿي!

    ايڏي اوڏي به نه ٿي
    ساهه مُنجهي ٿو منهنجو
    ڏور ايڏي به نه ٿي

    جو سندءِ شڪل ئي وسري وڃي
    نالو به ڪٿي ڪير کڻي جي تنهنجو
    ته رڳو آهه ئي نڪري منهنجي سيني مان
    اکين ۾ رڳو آلاڻ ئي محسوس ٿئي!


    نينهن ٿيو

    نينهن ٿيو


    نينهن اوهان سان نينهن ٿيو،
    نينهن به ڄڻ سنينهن ٿيو.

    رات اُماس رات هئي،
    نيڻ کنيئه ته ڏينهن ٿيو.

    جُهڙ جُهڙالڙو ته هو،
    لڙڪ لڙيو ته مينهن ٿيو.

    قصد ٽنهي ڪباب سين(1)،
    نينهن، سچاڻو، سينهن ٿيو(2).

    قول قريبَ جو ڪيو،
    اَڄُ، سُڀان، پرينهن ٿيو.

    تون ته گدڙ ڪنان به وئين،
    ڏَرِ تي گدڙ به شينهن ٿيو!



    ________________________________________
    (1) نينهن، سِچاڻو، سينهن، قصد ٽنهي ڪباب سين. (شاهه)
    (2) سچاڻو = باز، سينهن = شينهن


    روح کي ايندو قرار!

    روح کي ايندو قرار!


    موسمن وانگي نه ملندي بار بار
    زندگي هڪڙوئي ڀيرو ٿي ملي
    سا وطن تان جيڪڏهن ٿيندي نثار

    روح کي ايندو قرار
    روح جو
    آهي ازل کان بيقرار!



    پانڌ سنڀال!

    پانڌ سنڀال!


    سال نئين ۾، گذريل سالُ،
    جهڙوڪر هرڻيءَ جو ڇالُ.

    اکڙين ۾ لُڙڪن جي لهر،
    پيارا پنهنجو پانڌ سنڀالُ.

    روشن رهي چراغِ دماغ،
    آباد رهي شهرِ خيالُ.

    سَڏُ، پراڏو ٿي موٽيو،
    ڀت سان لڳي وري جنءَ بالُ.

    سيني سور ائين سانڍيم،
    انب وجهي ڇڏجن جنءَ پالُ.



    ڳيت ڳائي ڪونه سگهياسين!

    ڳيت ڳائي ڪونه سگهياسين!

    چپن تي ٽيپ چنبڙيل، مسڪرائي ڪونه سگهياسين،
    اي ڪويل بخش ڪج، ڪو ڳيت ڳائي ڪونه سگهياسين.

    اِئين وڇڙي وياسين، موڪلائي ڪونه سگهياسين،
    انهيءَ کان پوءِ کن پل چين پائي ڪونه سگهياسين.

    ڪلهن تي بار وانگي ئي سدائين ڀاسِيو آهي،
    اُهو سِر جو ڪڏهن سوريءَ سجائي ڪونه سگهياسين.

    سڄڻ آهي، نه سرهي سيڄ، مڌ آهي نه چانڊوڪي،
    ورهيه ٿيا رنگ رس اهڙو رچائي ڪونه سگهياسين.

    چپن تي مُرڪ جون مکڙيون اکين ۾ ماڪ لڙڪن جي،
    لڪائيندي به جذبن کي لڪائي ڪونه سگهياسين.

    اهوئي نينهن جو آهي، سِچاڻو سينهن سو آهي،
    متان سمجهين ته پاڻ اُن کي نپائي ڪونه سگهياسين.

    هوا هئي، پنڌ هو، سگرٽ دکائي ڪونه سگهياسين،
    مگر جا آڳ هئي دل ۾ اُجهائي ڪونه سگهياسين.

    اَڻيهي مُرڪندي مَرڪڻ، اڻيهي مَرڪندي مُرڪڻ،
    سوين هئا سور سيني ۾ لَکائي ڪونه سگهياسين!

    بيابان کي لتاڙيوسين، پهاڙن کي جهڪايوسين،
    مگر ”امداد“ کي ماري مڃائي ڪونه سگهياسين.


    ڄڻ ملي ناهين!

    ڄڻ ملي ناهين!


    وَلِ وانگي ويڙهجڻ کان پوءِ به تون
    ٻن منجهاران هڪ ٿيڻ کان پوءِ به تون
    ايترو ڪجهه ٿي وڃڻ کان پوءِ به تون
    ها اهو احساس الائي ڇو ٿيو
    ڄڻ ملي ناهين ملڻ کان پوءِ به تون!




    چِکيا

    چِکيا


    تيز ڪيڏي نه هوا
    من بن ۾
    رڳا ٽڙڪاٽ سُئا
    سڀ تن ۾

    ڏار جيڪو به ڏسو ڄڻ ته ڀڀڙ ٿو ڀڙڪي
    جا ڄڀي آهه، اُها وِڄُ وراڪو آهي
    چاهه چِکيا تي ائين ڄڻ ته سُتي
    ڳهه ڳٺا، سرخ وڳا پائي پَتيءَ سان سُتي پئي آهي
    اِيئن ٽانڊؤ ٿا نچن پيا ٽانڊا
    تَڙِ تَڙِ
    جيئريون گوشت- تڙون جيئن اڏيءَ تي اُڏرن
    آڱريون، هَٿَ، ڪرايون، سر، ڌڙ
    ٽاريون، ٽارَ، جڙون، ڪک، پن، ٿڙ
    سڀ سڙي رَکَ ٿيا
    رکَ هوا ۾ اُڏري!


    وقت به آهي ميت جيان!

    وقت به آهي ميت جيان!

    وقت به آهي ميت جيان
    روڪڻ چاهيان
    روڪي ڪِينَ سگهان!

    ڄاڱرين ٻيرين وانگر
    رُڙندو آڱرين مان
    رت ڳاڙيندو وٿين منجهان
    اکڙين جي ڳڙکين اڳيان
    لنگهندو ويندو آهي
    ڪيڏي ڪٺورتا سان
    پَروَس پراڻ جيان
    مُڙي به ڪِينَ ڏسي پٺيان
    ٽوڪڻ چاهيان
    ٽوڪي ڪِينَ سگهان
    روڪڻ چاهيان
    روڪي ڪِينَ سگهان

    وقت به آهي ميتَ جيان!


    رات بيگاهه سهي!

    رات بيگاهه سهي
    انڌ اونداهه سهي
    خوف جو ۽ خطرو جو
    پــــــاڻ ۾ ٺـــاهـــه ســـهــي
    ڪو به سونهون نه ڪو همراهه سهي
    مُٺِ ۾ ساهه سهي
    پوءِ به هي ٽانڊاڻو
    جيستائين به جلي جلنداسين
    جيستائين به هلي هلنداسين!


    شاعر ته شاعري ٿو ڏي!

    رَبُ هر ڪنهن کي زندگي ٿو ڏي،
    خوش نصيبن کي عاشقي ٿو ڏي.

    کُڙکُٻتو ڪڏهن ڏٺو اَهنئي،
    ڪنءَ نه اوندهه ۾ روشني ٿو ڏي!

    ڪا ته ان ۾ به آهه رمز رکيل،
    غم گهڻو، ٿورڙي خوشي ٿو ڏي.

    عقل کي ٿو ڪري غرور ۾ غرق،
    عشق کي عجز عاجزي ٿو ڏي.

    ماڪ ۽ گل جو آهه رشتو ڄڻ،
    مان رُئان ٿو ته هُو کلي ٿو ڏي.

    ڪو وٺي ٿو وٺي، وٺي نه وٺي،
    هڪڙو شاعر ته شاعري ٿو ڏي.


    تون ئي تون موجود!

    تون ئي تون موجود، ميان،
    آءٌ عدم موجود!

    سِڪَ سبق ٿو پڙهيو پڙهان مان، ورهه ورونهن وِرُود ميان،
    آءٌ عدم موجود ميان
    تون ئي تون موجود!

    دلبر توئي دان ڏنو هي، دل کي درد درود ميان
    آءٌ عدم موجود ميان
    تون ئي تون موجود!

    ٻيجل،راءِ ڏياچ به تون ئي، تون ئي ساز سرود ميان
    آءٌ عدم موجود ميان
    تون ئي تون موجود!


    مِٽيءَ مُلهه مهانگو ڙي!

    سارو سانگ سهانگو آهي، مِٽيءَ مُلُهه مهانگو ڙي!

    گهر تڙ گهوري نڪرو ٻاهر، ڪهڙو سِر جو سانگوڙي،
    مِٽيءَ مُلُهه مهانگو ڙي!

    اوڻٽيهينءَ جي گُهگُهه اونداهي، اوجهڙ پنڌ اڙانگو ڙي،
    مِٽيءَ مُلُهه مهانگو ڙي!

    ڪهڙا سَڱَ، سياڪا ڪهڙا، نينهن ته آهي نانگو ڙي،
    مِٽيءَ مُلُهه مهانگو ڙي!

    ڏاڍو سوئي گابو آهي، سنڌ هجي يا ڪانگو ڙي،
    مِٽيءَ مُلُهه مهانگو ڙي!


    ديوار ڊٺي پئي آهي!

    ديوار ڊٺي پئي آهي،
    ۽ هُن پاسي ڪجهه ناهي!

    گوندر آهن گَسَ مڙئي،
    ڏَسُ ڏنو هو ڪنهن ڏاهي.

    رات جهڙالي ۽ جهنگل،
    کُڙکُٻيتو ڪو آهي؟

    سچ کي شل تون سوڀ ڏيين،
    ڪوڙ ڪٽڪ آيو ڪاهي.

    انڌا اکيون ڦاڙي ڏس،
    سورج ناهي! ٻيو ڇاهي؟

    مون کي ڪوتا سرجڻ ڏي،
    ٺاهه ٺڳيءَ جا تون ٺاهي.

    اڄڪلهه ماڻهو، ماڻهوءَ تي،
    ڪُتي وانگر ٿو باهي!

    (اڄڪلهه ڪُتو، ڪُتي تي
    ماڻهوءَ وانگر ٿو باهي!)


    چهرو، موسم ۽ ندي

    هر چهري جي پٺيان هڪڙو ٻيو به ته چهرو هُوندو آهي

    هڪڙو چهرو سڀني آڏو کِل کِل کِل پيو کِلندو آهي
    اُن جي پٺيان جيڪو چهرو هوندو آهي
    پنهنجي پَرِ ۾ رَتُ پيو سو رُوندو آهي!

    هر چهري جي پٺيان هڪڙو ٻيو به ته چهرو هوندو آهي
    هر موسم جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته موسم هُوندي آهي

    هڪڙي موسم هَٿَ تريءَ تي ڏيئا ٻاري ايندي آهي
    اُن جي پٺيان جيڪا موسم هوندي آهي
    ڪوول وانگي سا گيت برهه جا چُوندي آهي!

    هر موسم جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته موسم هُوندي آهي

    هر نديءَ جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته ندي هُوندي آهي

    هڪڙي ندي سڀني آڏو ڇل ڇل وهندي ويندي آهي
    ان جي پٺيان جيڪا ندي هُوندي آهي
    سا صدين جي منهن تان ڪارنهن ڌُوندي آهي!

    هر نديءَ جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته ندي هُوندي آهي


    سِنڌ سارڻي آهي

    زندگي ايئَن گهارڻي آهي،
    ڄڻ ته ڪا رسم پارڻي آهي.

    لڙڪ سارا ڪٿي رکي گروي،
    مُرڪ هڪڙي اُڌارڻي آهي.

    اوت ها اوت اڃا به اوت شراب،
    سارَ ڪائي وسارڻي آهي.

    لاٽ مان لاٽ ٻارڻي آهي،
    هيءَ اونداهه ٽارڻي آهي.

    زندگي وقت وانگيان ”امداد“،
    جنءَ به گذري گذارڻي آهي.

    تو ڏٺو ۽ جُڙي وئي ڪَوِتا،
    بس پني تي اُتارڻي آهي.

    سِنڌ جي سينڌ پهريان سَرتي،
    پوءِ پنهنجي سنوارڻي آهي.

    سڄي دنيا وسارڻي آهي،
    سِنڌ ئي سنڌ سارڻي آهي.


    هِيءَ جِند ڳاهه ڳاهي!

    هيڏانهن هيءَ فقيري، هوڏانهن پادشاهي،
    هيڏانهن گودڙي بس، هوڏانهن ڪج ڪلاهي.

    اي سِنڌ تو مٿان ڇا، قربان مان ڪيان ها،
    هي سَنڌ سَنڌ ساڻا، هيءَ جند ڳاهه ڳاهي.

    هن شهر جا اي پيارا، قانون ئي نِيارا،
    ناقابلِ معافي، هِت جرمِ بي گناهي.

    لُڙڪن جيان پيون ٿا، غم کي تڏهن جيون ٿا،
    جنءَ هيملاڪ پيتو، سقراط يَڪَ ساهي.


    شيشو کڻي پٿر تي اُڇلايو!

    خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي اڇلايو
    ائين چپ چاپ ڪيسين تاءِ رهندا ڪجهه ته فرمايو

    چڙهيو آ چنڊ چوڏهينءَ جو ستارن جا سلام آيا
    اوهين آيا ته اي سائين بهارن جا پيام آيا
    اُٿو پازيب ڇمڪايو، اُٿو چوڙين کي ڇڻڪايو
    خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي اڇلايو

    شرابي موسمون آهن گلابي آرزو آهي
    سدا رولاڪ خوشبو کي اوهان جي جستجو آهي
    سُهائي ۽ سُريلي ٽهڪ جي جهانجهر کي جهرڪايو
    خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي اڇلايو

    نظارا نينهن جا آهن نرالو نُور ٿو ڇلڪي
    اوهان جي سُونهن جي صدقي اسان جو جيءُ ٿو جهرڪي
    خدا جي واسطي مُرڪو، کِلو، ايڏو نه شرمايو
    خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي اڇلايو


    تبديلي

    اُهي ئي اوهين
    اُهي ئي اسين
    مگر وقت ساڳيو نه آهي رهيو
    سلهاڙيا پيا آهِيون جسم سان
    مگر روح واڳيو نه آهي رهيو!

    اُهي ئي اوهين
    اُهي ئـي اسين
    مگر اکڙِيـــون
    روحَ جون ڳڙکِيون
    سي ته عينڪ پٺيان گم هيون!


    تون اُهائي ته نه آهين...؟

    تون اُهائي ته نه آهين؟ جنهن لاءِ …
    رات جي پوئين پهر
    رَتَ جا لڙڪ رُنا آهن مون
    ڏينهن جو ڏيهه اڳيان
    ٽهڪندا ٽهڪ ڏنا آهن مون

    شام ٿيندي تي دُکيو آهِيان سگريٽ جيان!

    ۽ ستارن سان اُجهامڻ لڳو هوندس
    ته سندءِ ياد جي ڪا چڻنگ ڦلهوري هوندم
    گهُگهُه اونداهه جڏهن ڦهلبي آ چوڌاري
    وقت هر ٻُوٿ تي دانگي مَلي ويندو آهي
    ته اُنهيءَ چڻنگ مان ٻارڻ کڻي ٻاريو هوندم

    ڏيهه جي ڏنگ لڳايو هوندو
    ته اکيون بند ڪري
    ڌيان ۽ گيان ۾ گم ٿي ويو هوندس
    ۽ سندءِ نانءُ اُچاريو هوندم

    تون اُهائي ته نه آهين؟ جنهن لاءِ....


    هڪ راڪشس

    هڪ راڪشس

    رات جي دانگيءَ مٿان
    چنڊ جو لولو ٿُڦيل
    اڌ ڪچو
    ۽ اڌ سڙيل!

    ۽ ستارا
    ٻارَ
    بُک کان پاهه
    چوڌاري مِڙيل!

    اوچتو ڪارو ڪڪر–
    هڪ راڪشس
    آيو- ۽ لولي کي ڳِهي ويو!



    اوچتو ئي اوچتو!

    اوچتو ئي اوچتو!

    اوچتو ئي اوچتو

    ماٺ جي موتي محل ۾
    ڊاڍ جو پٿر لڳو
    در دريون لرزي ويا
    شيشو شيشو ٿي ڀڳو
    ذرّو ذرّو ٿي ڀُريو

    سازشن جي رات پوري ٿي وئي
    تارو تارو ٿي کِڙيو
    هڪڙو هڪڙو ٿي ڇِڳو
    زور پوري زور سان
    گهِنڊ سورج جو وڳو

    اوچتو ئي اوچتو!



    طوفان به طوفان آهي!

    طوفان به طوفان آهي!

    جو به هن دَور جو انسان آهي،
    صرف حيران پريشان آهي.

    شاهه آهي کڻي سلطان آهي،
    تنهنجي در جو اُهو دربان آهي.

    دينُ آهي نڪو ايمان آهي،
    پوءِ به چي ٿو ته مسلمان آهي.

    مان ڀڀڙ جيئن پِيو ٿو ڀڙڪان،
    مٿان طوفان به طوفان آهي.

    سُور ڏين ٿي ته سهڻ جهڙو ڏي،
    آخر ”امداد“ به انسان آهي.




    هوا ۾ هڪ ڦاٽل پنو!

    هوا ۾ هڪ ڦاٽل پنو!

    منهنجي لاءِ ته هُن وٽ هلڪو مُشڪڻ
    ختم ڪڏهوڪو ٿي به چڪو
    هونئن ٻين جي لاءِ وٽس
    کِل کِل کِل کِل کِلَ کنوڻ جي هوندي آهي!

    هن سان گهاريل لمحو لمحو
    زخم ڪڏهوڪو ٿي به چڪو
    ڪڏهن نه ڇٽندڙ زخم اهو
    گهاءَ ٿيڻ ڏي هوريان هوريان وڌندو رهندو!

    اک ۾ آيل، هن لاءِ رُنل، لڙڪ لڙڻ کان اڳ ۾
    نظم ڪڏهوڪو ٿي به چڪو
    ڏکُ به ڄاڱري ٻير آهي
    ڄاڱري ٻير جا ڪنڊا سوئي
    لڙڪن کي مون لفظ- لڙيءَ ۾ پوئي
    پني تي آندو
    پوءِ پني کي ڦاڙي
    پرن پٽيل پنڇيءَ جيئن هوا ۾ اُڇلي ڇڏيو!


    شالِ جئين وو!

    شالِ جئين وو!

    سُوريءَ سِر سنڀرائجان
    شال جِئين وو
    گهوٽ ٿئين وو

    سسئي بڻجي رڻ ۾ رُلجان
    ڇولي بڻجي ڇپرين ڇُلجان
    سِر ٻيو ڪهڙي ڪم ايندو
    ٽڪر سان ٽڪرائجان
    شال جِئين وو
    گهوٽ ٿئين وو

    سهڻي ٿي لهرين ۾ لُڙهجان
    واڳن سان وِيرُن ۾ وڙهجان
    ميهر پرئين ڀر آهي
    متان ڪڏهن گهٻرائجان
    شال جِئين وو
    گهوٽ ٿئين وو

    موت اچي ته په مات نه مڃجان
    اڳتي ئي اڳتي پيو وڃجان
    ريٽي رت ۾ جهنڊو ٻوڙي
    لهر لهر لهرائجان
    شال جِئين وو
    گهوٽ ٿئين وو



    زخم جي نظم به آهي ته…

    زخم جي نظم به آهي ته…


    تون چئين يا نه چئين
    آءٌ چئي ٿو ڏيان دوست!

    سَچُ آهي ته ڀلا ڪوهه لڪايان دل ۾
    رات جي زهر به آهي ته پيڻ ۾ ڇاهي!
    هِيرَ زنجير به آهي ته گهلڻ ۾ ڇاهي!
    زخم جي نظم به آهي ته لکڻ ۾ ڇاهي!
    گهاءُ جي گيت به آهي ته رچڻ ۾ ڇاهي!
    لڙڪ جي لفظ به آهي ته رُئڻ ۾ ڇاهي!
    زندگي جيل به آهي ته ڪٽڻ ۾ ڇاهي!

    تون چئين يا نه چئين
    آءٌ چئي ٿو ڏيان دوست!



    خود ڪلامي

    خود ڪلامي


    آرسيءَ ۾ جو ڏٺائين خود کي
    ته اهو پاڻ چيائين خود کي:
    ”پاڻ اڳ ۾ به مليا آهيون ڪٿي
    پر ڪٿي؟
    سو ته نٿو ياد اچي!“




    هِيرَ گهُلي ٿي!

    هِيرَ گهُلي ٿي!

    چئن ڀتين جو
    هڪڙيءَ ڇت جو
    هڪڙو ڪمرو آهي، جنهن ۾
    رهندا آهن ٻيئي!

    هُو جاڳي
    هُن جي ڀرسان
    ايئن سُتي پئي هوندي آهي هُوءَ
    ڄڻ ته هجي ڪا سُوءَ!

    اُن ڪمري جي
    هڪڙي ڳڙکي
    پورب پار کلي ٿي
    اُن ڳڙکيءَ مان
    سُرهاڻين سان
    سيخون ٽوڙي هِيرَ گهُلي ٿي!



    اداس نيڻن جي نانءُ!

    اداس نيڻن جي نانءُ!


    هيوج ڪار، پُٺين سِيٽَ تان اُداس ٻه نيڻ
    بنان نهار جي مون ڏي تَڪي رهيا آهن
    ۽ آءٌ ٽيڪ ڏيو پول کي هميشه کان
    جُڳن ڪنان جنمن کان ائين اڻيهي کان
    نظر جي ڏور ٻڌيو تاڻجان پيو توڏي
    (ڪڏهن ته تون به لهي آءُ لهر لهر هلي
    ۽ منهنجو هَٿُ جهلي روڊ تان اُڪارين پار!)

    ۽ منهنجي ذهن ۾ هڪ ٻار راند ٿو کيڏي
    ۽ منهنجي ياد ۾ ٿڏجي ٿو چنڊ جو کينهون
    ۽ تنهنجي ڪُونج ڳچيءَ منجهه ست- سَري دُهري
    ۽ وقت؟ ڪاتُ، جو هر ريک کي ڪپي ٿو ڇڏي
    ۽ موت؟ ماتِ، جو جهڙپي جهٽي جهپي ٿو ڇڏي

    ۽ روڊ هَٿَ تِريءَ جي لڪير ڪانهي ڪا
    جو آءٌ روڪي سگهان صرف مُٺِ بند ڪري
    جي آءٌ روڪي سگهان ٿو ته صرف لڙڪن کي
    اهو به شرط انهيءَ سان: وڃڻ جي وقت سندءِ
    هيوج ڪار پٺيان ڌوڙ ڪانه اُڏاريندي!





    دل ٿي ٿئي لکڻ تي!

    دل ٿي ٿئي لکڻ تي!

    گولي لڳي ڪُڇڻ تي
    سنگين چُپ رهڻ تي

    ڪورو پنو ڏسان ٿو
    دل ٿي ٿئي لکڻ تي

    ڳوڙهو ڳڙڻ گهري ٿو
    من ٿو ٿئي رُئڻ تي

    کِل کِل کنوڻ کلي ٿي
    کِلڻي سندءِ کِلڻ تي

    تاڙي تنواريو پئي
    بادل هئو وسڻ تي

    ڄڻ زندگي لڳي وئي
    هڪڙي غزل لکڻ تي!





    سِج اُلٿا اڀريا

    سِج اُلٿا اڀريا


    واءُ لڳو واريءَ تان پيرا، پَرَ ڪري اُڏريا

    ڏور پٽي ويا ڏيهي ڏيرا، گهنگهر ڏينهن گذريا
    آءٌ نه ڄاڻان ڪهڙيءَ ويرا، ڪهڙي پار اُسريا
    دنبوق ڇٽي اُڏريا ڳيرا، حد لاحد اُڪريا
    اُڀ هو پک پک ڇيرا ڇيرا، تارن ڦٽ اُجريا
    لُڏي رهيا لامن آکيرا، سِجَ اُلٿا اُڀريا

    واءُ لڳو واريءَ تان پيرا، پَرَ ڪري اُڏريا!






    ويساهه

    ويساهه


    رُکي سُکي کائي
    سمهي رهو هاڻي
    سُڀاڻ ڏسنداسين
    ته سِجَ جو لولو
    لِيار لامن تي
    ٽنگيو پيو هوندو!





    واڙيل آهن انسان

    واڙيل آهن انسان


    مطالبن جي ڌُمَ لڳل آ، آڱوٺو ڪم بدران،
    هٽ تاڙ آهي، پنهنجي گهر ۾، واڙيل آهن انسان.

    ماڻهُو اهڙا مُڙدا جهڙا، گهر سڀ قبرن وانگي،
    شمشان آهي؟ يا شهر آهي! گهٽيون رستا ويران.

    رات رني هئي ماڪ پٽن تي، لات لنون ٿا پنڇي،
    باکون بکنديون، لاکون لڳنديون، آهن اهڙا امڪان.

    ڪرفيو ۾ به مليا هونداسين، رُنا کِليا هونداسين،
    هٽ تاڙن ۾ ڪونه ملياسين، او جانان او جانان!

    ڪجهه ڪورا ڪجهه لکيل ڪاڳر، هڪ پين ۽ مس ڪُپڙي،
    هڪ شاعر جي گهر مان مليو، اهڙوئي ڪجهه سامان.



    ڏِيئو

    ڏِيئو


    هونئن ته ڏِيئو مُٺِ مِٽيءَ جي، ٽڪو جنهن جو مُلُ،
    اونداهيءَ ۾ ايئن ٽڙي ٿو، جيئن گلابي گُلُ.

    هونئن ته ڏِيئو مُٺِ مِٽيءَ جي، آڱر جيڏي لاٽَ،
    اونداهيءَ جي ڳل تي آهي، هڪ ڀرپور لپاٽَ.

    هونئن ته ڏِيئو مُٺِ مِٽيءَ جي، ڦُوڪ ڏيڻ تي گُلُ،
    اونداهيءَ ۾ ايئن کڙي ٿو، ٽاريءَ تي جنءَ ڦُلُ.

    هونئن ته ڏِيئو مُٺِ مِٽيءَ جي، هٿ مان ڪِرندي ڀورَ،
    اونداهيءَ جا تڙي ڪڍي ٿو، هر ڪنهن گهر مان چورَ.

    هونئن ته ڏِيئو مُٺَ مِٽيءَ جي، ويري جنهن جو واءُ،
    واٽهڙن کي واٽ ڏَسي ٿو، سج جو ننڍڙو ڀاءُ.

    هونئن ته ڏِيئو مُٺِ مِٽيءَ جي، روپ نه جنهن جو رنگُ،
    سورج اُڀرڻ تائين جاڳي، ۽ جاڳاءِ اُمنگُ.

    مِٽيءَ جو هي ڏِيئو آهي، سُر، سنگيت، سُڳنڌُ،
    مِٽيءَ جي ان ڏيئي سان ئي، روشن گهر- آڳنڌُ.



    راند

    راند


    چنڊ هو بال
    ستارا رانديگر
    ٿڏجي سُڏجي
    پوئين پهر وڃي مس گول ٿيو!
    سِجُ سخي داتا
    جڳ مڳ جڳ مڳ
    سونن ڪِرڻن جو انعام ورهائڻ آيو!






    ڪُونج ڪٿي ڪُرلائي آهي!

    ڪُونج ڪٿي ڪُرلائي آهي!

    وُٺي ڏني واڌائي آهي،
    سانگين ۾ سَرهائي آهي.

    گُونج اڃا گونجي ٿي پيئي،
    ڪُونج ڪٿي ڪُرلائي آهي.

    ٻن نيرن گهرن نيڻن جي،
    ساگر ۾ گهرائي آهي.

    سُرخ سلام هجي سسئيءَ تي،
    ٽڪر سان ٽڪرائي آهي.

    اُن جو پاڻي ڪونه سُڪو آ،
    جيڪا اک شرمائي آهي.

    مارل لاک رتاڻي لوئي،
    پهرن کي پهرائي آهي.

    هيل ته سانوڻ رُت ۾ سِنڌو،
    لهر لهر لهرائي آهي.

    پٺتي تولئه آهه غلامي،
    اڳتي بس آجائي آهي.

    ڳالهه اُهائي ڳنڍ ٻڌيسين،
    سالڪ جا سمجهائي آهي.

    جنهن کي رول ”امداد“ چئون ٿا،
    سنڌڙيءَ جو سودائي آهي.


    نئون چنڊ- نئون جنڊ

    نئون چنڊ- نئون جنڊ

    روز اخبار جي پيشانيءَ تي
    چنبڙيل چنڊ جي تاريخ به هوندي آهي

    وقت ڪيڏو نه تکو گذري ٿو
    چنڊ آهي ته چڙهي اُلهي ٿو
    سِجُ آهي ته لهي اُڀري ٿو

    گذريل ڏينهن جي اخبار پراڻي آهي
    ۽ اهو سِجُ اهو چنڊ- لهن اُڀرن ٿا
    پر ڪڏهن ڪونه پراڻا ڀاسن!

    ۽ اسان لاءِ نئون سِجُ نئون سُور کڻي ٿو اُڀري
    هر نئون چنڊ نئون جنڊ ڳچيءَ ۾ ڀاسي!



    پاڻي!

    پاڻي!


    بادل کي به ڏئي ٿو پاڻي
    نيرو گهرو سنڌو ساگر
    ليڪن ”بابا ڀٽ“ وارن جي
    ڪانه ڀري ٿو هڪڙي گهاگهر

    پاڻي پاڻي پاڻي پاڻي
    ڏکڻ اتر اولهه اوڀر
    پوءِ به پاڻيءَ ڍُڪ لئه ڀٽڪن
    منهنجون مائر منهنجون ڀينر

    جيسين نيڻ نهار وڃي ٿي
    واٽر واٽر ايوري ويئر
    ليڪن اُڃ اُجهائڻ ڪارڻ
    ناٽ اَسنگل ڊراپ آف واٽر!

    رم جهم رم جهم برسايان ها
    بادل ڪاش هجي ها ڪاڳر
    ڇُل ڇُل ڇُل ڇُل ڇُلڪايان ها
    نظم به ڪاش هجي ها گهاگهر!



    بنان تنهنجي!

    بنان تنهنجي!



    لِکڻ جي لاءِ ڪيئي لفظ آهن
    جيڻ جي لاءِ کوڙ آهن بهانا
    مگر هر لفظ جي معنيٰ اهائي
    اَڪارڻ آهه، وئرٿ ۽ اَڪارٿ
    بنان تنهنجي جيڻ جاکوڙ اجائي!


    موڪلاڻيءَ مهل

    موڪلاڻيءَ مهل


    پوري آواز سان جنهن کي به پڪاري ٿو وطن
    جنهن به حالت ۾ ۽ جنهن وقت به ساري ٿو وطن
    ۽ وطن ڏانهن وڃڻ وارا جڏهن ٿا سنڀرن
    ته انهن کي نه ڪو تون روڪي سگهيو آهين نه مان
    ڇو ته ساگر جي پرئين ڀر کان ٻه نيريون اکڙيون
    جن جي گهرائيءَ ۾ ست سمنڊ سمائي سگهجن
    اورئين پار لڳاتار پيون گهوري ڏسن

    اي وطن ڏانهن وڃڻ وارا اسان جي پاسي
    جنهن به موسم ۾ اُتر پار کان هِيرُون گهلنديون
    تون نه هوندين ته سندءِ ياد ته ايندي رهندي
    آسمانن تي شفق رنگ جون ڇوليون ڇُلنديون

    گذرندڙ وقت کي روڪي نه سگهيو آهي ڪو
    ڇڻندڙ پَنُ هوا تي ائين ڇڻندا رهندا
    تون نه هوندين ته سندءِ ياد ته ايندي رهندي!



    سُٺو آهي جو!

    سُٺو آهي جو!



    سُٺو آهي جو دل ڪير نٿو ڏسي
    پر چون ٿا ته
    چهرو دل جو آئينو آهي
    ته ڇا
    ان چهري جي آئيني ۾
    هوءَ پنهنجو چهرو پسي سگهي ٿي!
    پر هوءَ آهي ڪٿي؟
    هيءَ ته خزان جي موسم آهي
    نيڻ نهار تائين
    غم ئي غم آهي
    نوحو آهي هوا جو
    اک نم آهي!
    ۽ پيلا پن
    جيڪي ساوا هئا ڪڏهن
    جڏهن
    اسين مليا هئاسين
    تڏهن
    بسنت هئو
    گل گل نه هئو، ڪلونت هئو!

    ڇا اهو ضروري آهي ته
    اسين بهار ۾ ئي ملون!
    صرف ۽ صرف
    هڪڙي موسم لاءِ کلون؟

    سُٺو آهي جو دل ڪير نٿو ڏسي
    پر چون ٿا ته
    چهرو دل جو آئينو آهي!
    ۽ اهو به سٺو آهي
    ته هوءَ ناهي
    نه ئي بهار آهي
    نه ته هوءَ هجي به ها ته
    منهنجي چهري جي آئيني ۾ ڇا پَسي ها؟
    ڀور ڀور دل!




    جيئن پوءِ تيئن

    جيئن پوءِ تيئن



    اُڃَ ۾ سُڙد، چَپَ ڪاراٽيل
    نِڌَڻڪ ۽ نِسَت ۽ هڙٻاٺيل
    آهه لاڪاس ڪا رُکي نه سُکي
    سنڌڙيءَ وانگيان وڃي ٿيندي
    جندڙي جيئن پوءِ تيئن ڏکي!



    خودساخته ڏاهو

    خودساخته ڏاهو


    لِکيو آ ليک هڪ خودساخته ڏاهي
    بنان نالي بنان ذات
    نٿو نالو کڻي ڪنهن جو
    قبيليو ڪڙم نامعلوم جنهن جو
    پتا ۽ پار اُن جا هيءُ آهن
    ته نڪ ۽ چَپُ هن جو ڪونه آهي!

    سچا ڪچّا جتي آهن
    ڪَچا سچّا جتي آهن
    جتي پنهنجي مٿي تي پنهنجي هٿ سان ”پڳ“ٻڌڻ جي ريت آهي
    جتي ساڻيهه بدران زندگي من ميت آهي

    اُتي ٿيندو ائين جنءَ ٿي رهيو آهي

    اُهو خودساخته ڏاهو
    اُهو جو پاڻ کي آزاد ٿو سمجهي
    غلامي جي رهيو آهي!

    مَتو مهراڻ اڳيان ڇل ڇل وڃي وَهندو
    مگر هي مَتِ جو مُوڙهو
    غلامي پي رهيو آهي!




    اُهو!

    اُهو!


    ڇڏي ويو آهه پنهنجي ياد جيڪو،
    اُهو موٽي به ايندو يا نه ايندو!

    ڏٺم هُن کي ته هن جو ٿي ويس مان،
    اُهو منهنجو به ٿيندو يا نه ٿيندو!

    اُهو جو ننڊ نيڻن کان کسي ويو،
    وٺي دل، دل به ڏيندو يا نه ڏيندو!

    اُهو رستو، وکون جنهن تي وڌن ٿيون،
    اُهو هُن ڏانهن نيندو يا نه نيندو!




    نظم- زخم ۽ لُوڻ

    نظم- زخم ۽ لُوڻ

    هُن کي پنهنجو تازو نظم ڇپيل جنءَ ڏيکاريم
    پني تي لفظن ۾ زخم ڇپيل جنءَ ڏيکاريم
    مون سمجهيو هو، منهنجي من جي پيڙ پروڙي وٺندي
    ڀڳل ڀُريل جو هوس، انهيءَ کي جوڙي وٺندي

    سِٽن ۾ جو سور لڪل هو تاڙي وٺندي
    منهنجا پيتل لڙڪ ڳلن تان لاڙي وٺندي

    ٻيو ڪجهه ڪونه ڪري جي سگهندي
    سکڻي آهه به ڪونه ڀري جي سگهندي
    پني کي ئي ڦاڙي وٺندي
    ۽ پني جا پرزا منهنجي منهن تي اُڇلائي هڻندي
    ۽ ڪڙو ڪسارو ڪو جملو ڦهڪائي هڻندي
    پر هُن اهڙو ڪجهه نه ڪيو
    ڪجهه نه چيو

    هٿ ۾ پارڪر پين جهلي
    هڪڙي پروف چُڪَ ڪڍي
    منهنجي آڏو نظم رکي وئي
    پني تي لفظن ۾ جو زخم ڇپيل هو
    لوڻ اُنهيءَ تي ٻُرڪي وئي!


    آٿتُ

    آٿتُ


    بُکئي لاءِ اهوئي آٿت
    تارا اَن جا داڻا آهن
    چنڊ نه آهي ڄڻ جنڊ آهي
    رات نه آهي دانگي آهي
    اُن تي سورج- لولو ٿڦبو!




    هيءِ هيءِ منهنجو جيئڙو!

    هيءِ هيءِ منهنجو جيئڙو!


    هيءِ هيءِ منهنجو جيئڙو
    جنءَ جنءَ جهليان
    جنءَ جنءَ پليان
    تنءَ تنءَ توڏي ويئَڙو
    هيءِ هيءِ منهنجو جيئڙو!

    نيل ڪنول ٻن نيڻن ۾
    ڪجل ڀنل ٻن نيڻن ۾
    اوجاڳو اوسيئَڙو
    هيءِ هيءِ منهنجو جيئڙو!

    ذات نه ڪائي رَڱُ نه ڪو
    ڪوبه سياڪو سَڱُ نه ڪو
    پيچ انهيءَ سين پيئَڙو
    هيءِ هيءِ منهنجو جيئڙو!


    ڌارا

    ڌارا


    هرڪا ڌارا
    ڦٿراٽيندي سٿڙاٽيندي
    سِرُ سٽيندي
    پاڙان پهڻ پٽيندي
    ٽڪر ٽاڪيندي
    جيئرا وڻ گهليندي
    چنڊ ڍال سان تارن جو لشڪر ڪاهيندي
    آڏو ايندڙ هر ڍِڳ کي ڊاهيندي
    ٻيلا ٻوڙيندي
    ڊيم شيم ٽوڙيندي
    ڌوڪيندي ويندي
    آهي هرڪا ڌارا
    ساگر پار!


    منهنجا ساگر

    منهنجا ساگر


    مان به ته ڪائي ڌارا آهيان!
    اوءِ گهٽا گهنگهور!

    آءٌ رُئان پوءِ ڇو نه؟
    ڪالهه ڪُلهي سان هو ڪُلهو-
    اڄ انءَ آهين ڪونه!

    مور ٽهوڪيو مور،
    مون به رئڻ هو چاهِيو-
    اوءِ گَهٽا گهنگهور!

    ٻيو ڪجهه ڪينَ ڪيوم،
    ڪڪريءَ کي رُوندو ڇڏي-
    لُڙڪ اُگهي ورتوم!


    دل هئي ٽڪرا ٽڪرا!

    دل هئي ٽڪرا ٽڪرا!


    ڪيترا چنڊ هئا عرش جي پيشانيءَ تي
    ڪيترا گيت هئا منهنجي چپن تي رقصان
    ڪيترا گُل هئا ڌرتيءَ جي کُليل سيني تي
    ڪيترا رنگ ۽ خوشبويُون هيون مست جوان

    ڪيترا چنڊ هئا رات جي وارن جا اَسِيرَ
    ڪيترا گيت هئا موت جي اوڙاهه ۾ گم
    ڪيترا گل هئا ڏانڊيءَ کان پٽيل چيڀاٽيل
    ڪيترا رنگ ۽ خوشبويُون هيون راهه ۾ گم

    ڪيترا روح پياسا هئا ۽ شمعون اداس
    ڪيترا جام ڪيا وقت جي پٿر پُرزا
    ڪهڙا ڪهڙا نه هئا رنگبرنگي سپنا
    درد ٺوڪر هنئي ۽ دل هئي ٽڪرا ٽڪرا!




    تشبيهه

    تشبيهه


    جهٽ وارن کي جهٽڪو ڏيئي،
    تارن جا ڏيئا ٻاري ...
    شام به توجهڙي ٿي ويئي!


    دوستو! مهربانو!

    دوستو! مهربانو!


    دوستو! مهربانو! خدا واسطي، اهڙي قاتل نظر سان ڏسو ڪينڪي،
    ها اسان مفلس تي نه آڱر سڃيو ۽ نه چٿرون ڪريو، هنءَ کلو ڪينڪي.

    هن جهان کان مليون زيست کي ظلمتون، سونَ جهڙي سچي پيار کي ذلتون،
    ها مُئاسين جياسين اوهان جي ڪري، ۽ اوهان کي به ڪو ڳُڻ لڳو ڪينڪي.

    گيت ڳايون ته بدلي ۾ آهون ملن، رقص ڪريون ته پيرن ۾ ٻيڙيون پون،
    زخم لڙڪن جا اکڙين کي ڳولن پيا، مهرباني ڪري هت کِلو ڪينڪي.

    رات آهي جوان چنڊ چمڪي پيو، تارا جاڳن پيا، وقت مُرڪي پيو،
    ٿورو ترسو اڃا ٿورو ترسو اَڃا، منهنجي ٻانهن کان وڇڙي وڃو ڪينڪي.

    عاشقيءَ جو سفر، پُرخطر پُرخطر، عشق ئي همسفر، عشق ئي راهبر،
    سرڪٽايو ته بسم الله پهرين اوهين، سِر بچايو ته اڳتي هلو ڪينڪي.




    هر لهر ۾

    هر لهر ۾


    نهر جي لهر ۾ عڪس هو چنڊ جو
    چنڊ جو عڪس هو لهر ۾ نهر جي
    نهر جي لهر ۾ چنڊ جو عڪس هو
    ڪنهن پٿر اُڇلِيو پوءِ هر لهر ۾ چنڊ جو رقص هو!


    توکي معلوم به آهي...!

    توکي معلوم به آهي...!


    توکي معلوم به آهي منهنجا دانا دشمن

    ته ڪڏهن بند ٿي، مجبور ٿي، قيدي بڻجي
    پنهنجي ئي گهر ۾ رهيو آهيان، نه ڪو رهندس مان
    پوءِ تون ڪيئن چوين ٿو ته سڀئي
    در دريون بند ڪري ويهي رهو گهر اندر
    ڪوبه پاڳل نه ٿئي، ڪوبه نه نڪري ٻاهر
    سرد بيدرد هوائن جي هٿن ۾ پٿر
    هر گهٽيءَ ۾ اٿوَ اُونداهه جو بُکيو اجگر
    توکي معلوم به آهي ته گهٽيءَ ۾ ٻاهر
    سجَ جي ٿال کي اڇلائيندي، کِلندي ڪُڏندي
    پرچندي، رسندي ۽ ڪرندي اٿندي
    ٿورڙي دير اڳي راند رهي پئي ٻارن
    تنهنجي منهنجي ٻارن!

    توکي معلوم به آهي منهنجا دانا دشمن!




    اوسونا!

    اوسونا!


    چنڊ جو اولڙو سمنڊ ۾
    سمنڊ ۾ اولڙو چنڊ جو
    چنڊ جو
    سُونهن جو آهه اُهڃاڻ
    ۽ سمنڊ جو
    وقت جو آهه اهڃاڻ سونا!

    مگر سچ پڇين جي ته مون لاءِ
    تون چنڊ
    تون سمنڊ آهين او سونا!


    جندڙي آهي ڦاهي گهاٽ!

    جندڙي آهي ڦاهي گهاٽ!



    جندڙي آهي ڦاهي گهاٽُ، ڪير چڙهي؟ ۽ چاڙهي ڪيرُ!

    دير سوير ٿئي ڇا به ٿئي، ٿيڻو آهي سڀ انڌيرُ.
    ڪاٺ انهيءَ لئه قائم دائم، کڄڻو آهي جيڪو پيرُ.
    دريا ساگر جهرڻو سانوڻ، ڌوئي سگهندو من جو ميرُ؟
    رات رزيل اُهائي، ڏينهن به آهي ڄڻ ته ڏڦيرُ.

    جندڙيءَ آهي ڦاهي گهاٽ، ڪير چڙهي؟ ۽ چاڙهي ڪيرُ!



    جاڳي جڳ جاڳائجان!

    جاڳي جڳ جاڳائجان!


    وڏي واڪي ڳائجان،
    جاڳي جڳ جاڳائجان.

    جيسين سِر جو سانگ ڙي،
    پير نه پِڙَ ۾ پائجان.

    مينديءَ بدران رَتَ کي،
    هٿَ- تريءَ تي لائجان.

    سوريءَ سيج سجائجان،
    ڪُرکي مَرِ نه لائجان.

    سنڌ سدا توساڻ آ،
    متان ڪڏهن گهٻرائجان.

    موچاري هر مهل آ،
    مَلهي مهل ملهائجان.

    اُماس ۾ ”امداد“ تون،
    ڪونجن جان ڪُرلائجان.

    غدار نه ٿيجان ڪڏهن،
    زهر انهيءَ کان کائجان.

    گهور گهنگهور ٻاٽ ۾،
    واٽَ مَ وِيرَ وڃائجان.


    سَتَ سڱيڻي

    سَتَ سڱيڻي


    رَتَ رتيڻي
    سَتَ سڱيڻي
    منهنجن ٻن ٻارن جي ماءُ!
    رهندي جُڳ تائين
    تنهنجي ٿڻن ۾ ٿڃِ رهي

    ٻٽيهه لکڻي!
    ڌرتيءَ ماتر ڀوميءَ کي
    ڇٽيهه لکڻا پُٽَ ڄڻي ڏي!


    ساڻيهه جو سندوم

    ساڻيهه جو سندوم


    مون کي هر ديس جي هر ويس لئه عزت آهي
    منهنجي سلوار ۽ پهراڻ به ڪو گهٽ ڪونهي
    آءٌ هرملڪ جي عظمت کي مڃان ٿو ليڪن
    منهنجي ساڻيهه جو سنسار ۾ ڪو مَٽ ڪونهي

    مون رُنو لڙڪ ته مِٽيءَ ۾ ملي موتي ٿيو
    مون ڏنو ٽهڪ ته ٽاريءَ تي ٽِڙيو ڦل ڪوئي
    نرگس ۽ نسترن ۽ سوسن ۽ سنبل ريحان
    مَٽَ آڏيريءَ جي گل سان نه ڪريان گل ڪوئي
    صنف هرڪا لکيم آزاد هجي يا پابند
    نظم بي قافيا، سانيٽ، ترائيل، غزل
    ڳوٺ ۽ شهر رُليس، ديس ۽ پرديس رُليس
    بيت ۽ گيت ۽ وائيءَ جو مليو ڪونه بدل

    پرهه جو ڳيت مون ڳاتو هئو سورج جهڙو
    سو سنگهارين جي هٿن منجهه مکڻ بڻجي ويو
    ها انهيءَ لاک رتي ڳيت جو هر سُر سائين
    لوئيءَ وارين جو سچو گُڻ ۽ لَکڻ بڻجي ويو

    ريشم ۽ اطلس ۽ ڪمخواب هجي يا زربفت
    ڪپڙو ڪهڙو به هجي، تَنَ ڍڪڻ ليءِ آهي
    پوءِ ڪيڏو به هجي مُلهُه مهانگو اُن جو
    موٺڙي، سوسيءَ ۽ گربيءَ جو مگر مَٽ ناهي

    مئي مينا هجي، شربت هجي، يا سافٽ ڊرنڪ
    مون کي سڀني کان وڌيڪ آهه کُهَرَ جو پاڻي
    منهنجي اربيلي زمين اهڙي لڳي ٿي وينگس
    نَڪَ ۾ نَٿَ پيل، نَٿَ ۾ سوني ڏاڻي
    مون کي هر ديس جي هر ويس لئه عزت آهي
    منهنجي سلوار ۽ پهراڻ به ڪو گهٽ ڪونهي
    آءٌ هر ملڪ جي عظمت کي مڃان ٿو ليڪن
    منهنجي ساڻيهه جو سنسار ۾ ڪو مَٽ ڪونهي





    سينڌ جي مِٽي

    سينڌ جي مِٽي
    ]چوٿين مارچ تي[


    سنڌڙيءَ جي مِٽي به مُلهه لهڻي
    هيءَ مِٽي سينڌ جي مِٽي آهي
    سينڌ جيڪا سِڌي گهٽي آهي
    منزلن ڏانهن ڏس وڃي پيئي
    روشنيءَ ڏانهن ڏس وڃي پيئي
    زندگيءَ ڏانهن ڏس وڃي پيئي
    کنهبي رتڙي مِٽي نرڙ تي مَلي
    جا گهٽي قتل گاهه کان ٿيندي
    دور تائين وڃي رهي آهي
    آ ته ان راهه تي اسين به رَمون
    سنڌ جيئي سدا جِئي چوندا
    آ ته اِن قتل گاهه کان ٿيندا
    هڪ نئين صبح جي سواگت لاءِ
    سِر تريءَ تي رکي هليا ته هلون!





    شاعري ته تون آهين!

    شاعري ته تون آهين!


    شاعري ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون؟
    جو سندم شاعري ته تون آهين!
    عاشقي ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون؟
    شاعري ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون!

    زندگي ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون؟
    جو سندم زندگي ته تون آهين!
    شاعري ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون؟
    جو سندم شاعري ته تون آهين!



    ڪارنهن

    ڪارنهن


    هڪڙي ڪوري ڪاڳر تي
    ڪوڙهئي هٿ سان
    مَنڊا ٽُنڊا اکر لکي
    تو فرمايو:
    ”هِن ۾ تنهنجو
    ۽ تنهنجي ايندڙ نسلن جو
    ليک لکيل آ
    تنهنجن حقن ۽ فرضن جو
    سڀ احوال انهيءَ دفتر ۾ داخل آهي
    تنهنجي هر بي نانءُ خوشيءَ جو لاش سڙيل
    ڪاڳر جي هن مفت ڪفن ۾ ويڙهيل آهي
    تنهنجين مُرڪن جا ماڪوڙا
    هن ڳُڙَ لڳل ڪاڳر تي چهٽيل آهن
    تنهنجي هر خواهش جو
    لوُسي ڪُتو
    ڀَونڪي ڀَونڪي
    پنهنجا ڦَٽَ چٽيندو
    هِن ڪاڳر کي سُونگهي
    پُڇ لوڏيندو!
    توکي ورثي ۾ مليل بيمارين ۽ دردن جو
    هِن ۾ دارُون درمل آهي
    اَڌُ انهيءَ مان گهوٽي پي ڇڏ
    اَڌ جو تائِٿ ٺاهي
    ڳَٽُ ڳچيءَ ۾ پائي.....“
    ٻيو به الائي ڇا ڇا تو پئي فرمايو
    مون ته سمورو وقت اهو پئي سوچيو:
    ’منهنجي سيني ۾
    هڪڙو دل جو دفتر آهي
    اُن تي ٻاجهه ڀريءَ ٻوليءَ ۾
    مور- کنڀ سان ليک لکيل آ
    اُن تي هڪ ٻاجهاري هٿ جي
    مُهر لڳل آ
    ۽ اُن دل جي دفتر جي
    هرڪا سِٽَ نرڙ تي اُڪريل آهي....‘

    پراو پاپي!
    پراو گيدي!
    تنهنجي اندر جي اَکِ مُئل آ
    تنهنجي سيني ۾
    دل دانگي آ
    تون اُن دانگيءَ جي ڪارنهن
    منهنجي مُنهن تي ڪوهه مَلين ٿو؟!



    پيار به ايڏو آهي!

    پيار به ايڏو آهي!


    ڪڏهن ڪڏهن انءَ لڳندو آهي
    مون توکي ڪٿي ڏٺو آهي

    پـينـارن وانگي تـــــــــــــــــــو آڏو
    مون ڦاٽل جهول جهليو آهي

    نيلو نِڀ هي جيڏو آهي
    توسان پيار به ايڏو آهي

    سارو لوڪ ته تيڏو آهي
    مٺڙو مارُو ميڏو آهي




    اوڻٽيهين رات

    اوڻٽيهين رات


    ڇا هيءَ اوڻٽيهينءَ جي رات
    ڪڏهن نه کائيندي مات
    منهنجون آڱريون ڇڏي وينديون سَتُ
    نيرين نسن ۾ ڊوڙندي ڊوڙندي
    ڄمي ويندو ڪوسو ريٽو رَتُ
    لِکندي لِکندي
    باک نه بکندي
    پُورب پاسي
    لاک نه لڳندي

    پني تي
    هي مبهم لفظ اڻ چٽا
    سِٽن جو هي ڏِنگو سِنگو سٽاءُ
    ايندڙ نسل
    ڇا پائيندو
    منهنجن نظمن مان!
    لوڻ ٻرڪيل
    منهنجن زخمن مان!

    ۽ موت
    منهنجي پٺيان بيٺو
    کيکراٽ ڪري رهيو آهي
    ان جي سرد احساس کان
    لڱ ڪانڊرايل
    روح ۾ سيسراٽ

    سڀڪجهه
    در دريون ديوارون
    پڙدا
    تصويرون
    ڪتاب
    لفظَ
    معنائون
    سڀڪجهه
    ها، سڀڪجهه
    ڳڱري رهيو آهي!


    ڇا جو رڙڪو هو!

    ڇا جو رڙڪو هو!

    پاڌر منجهه پڙاڏو هو،
    هو هو هو هو هو هو هو....

    دريءَ منجهان ڪو بيٺو هو،
    ڪونه هو! هو! ڪونه هو! هو!

    من- مهراڻ ته ماٺو هو،
    رُڃ ۾ ڇاجو رڙڪو هو؟

    هونءَ ته گهڻوئي ڏاهو هو،
    ڪانگ ٻِه پيرو ڦاٿو هو.

    رستو تي ڪو بيٺو هو،
    هُو يا هُن جو پاڇو هو!

    تنبوري جي تار ٽُٽي،
    روح اڃا مس رِيڌو هو.

    ڇاجو حق، ڇاجو انصاف،
    جو ڏاڍو سو گابو هو.

    سنڌڙي جو مون ساڻ هئي،
    جيءَ کي ڪهڙو جوکو هو!

    وشال نيلو آسمانُ،
    منهنجو جيڏو سرتو هو.

    تنهنجي در تي پهچائي،
    اهڙو ڪهڙو رستو هو؟

    اچرج جو اظهار نه ڪر،
    ”امداد“ اڻهئي اهڙو هو!


    پٿر مُرڪون!

    پٿر مُرڪون!

    مون کي اپ سيٽ ڪري
    سيٽ ڪري پئي ڪمرو
    ”مُورتي ٻُڌ جي هتي ڪنءَ ٿي لڳي؟“
    ”ٺيڪ آهي!“
    مان چوان ٿو ۽ نگاهون کڻي گوتم کي ڏسان ٿو، گوتم
    ڌيان ۽ گيان ۾ گم
    ڪارنس تي پيو مُرڪي، سَپويتر مُرڪون
    سوچيان ٿو ته هُجان مان به مُنڍي گوتم جي
    ڪارنس تي پيو مُرڪيو مُرڪان
    سَپَويتر مُرڪون
    پٿر مُرڪون!



    هڪ ڪَوِتا جي وارتا

    هڪ ڪَوِتا جي وارتا

    نِڀ تي نکيتر
    وينگس جي سون ساريکن هٿن سان
    نيري چُنيءَ تي
    ٽاڪيل ٽِڪون

    اوچتو هڪ نکيتر کڙيو
    ۽ هُن جي نيڻن جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ الوپ ٿي ويو

    ۽ ان ڪَوِتا جي وارتا
    ڪيڏي نه کلڻ هاب آهي
    ته اُها
    رات جو
    پُٺيءَ ڀر پَٽ تي ليٽي
    ٻانهن وهاڻو ڪري
    نکيترن تي نيڻ کُپائي
    نه رچي وئي هئي!
    بلڪ ڏينهن تتي جو
    ايئرڪنڊيشنڊ روم ۾
    ٽيبل لئمپ جي روشنيءَ ۾
    ڪوري ڪاڳر تي لکي وئي هئي
    پر لڙڪن سان نه
    (ڇو ته لڙڪ اڃا لهو نه بڻجي سگهيا هئا!)
    نه ئي مُڇيل آڱرين سان
    بلڪ شيفر پين سان
    پارڪر اِنڪ سان
    رات جهڙي ڪاري مس سان لکي وئي اُها ڪَوتا

    هن هڪ نهار ڪَوِتا تي وڌي
    اکر ڌنڌلا لڳس
    هن اکين تان عينڪ لاهي
    ڪاوا اُگهيا
    اکر اڃا به ڌنڌلا هئا

    هن شرٽ جي ٻانهن سان اکين جي ڪُنڊن کي اُگهيو
    جتي نکٽ کڙي الوپ ٿي ويو هو
    لڙڪ بڻجي ويو هو!

    ڇا هُن اها ڪَوِتا لکي
    رڳو ڪاڳر ئي ڪارو ڪيو هو؟
    سو به آفيس جو ڪاڳر
    آفيس جو وقت وڃايو هو؟
    آفيس جي لائيٽ ڪتب آندي هئي؟

    ۽ سڀاڻي ڀريون پيون هونديون اخبارون هن جي خلاف
    خبرن سان!




    بادل برسيو

    بادل برسيو

    بادل برسيو
    تِرُ به نه ترسيو
    جيڏي سرتي مُرڪي ڌرتي
    جهُومي ڳايو آسمان

    پاڻ به پَٽ جون پينگهون پايون
    جهُولُون هڪٻئي کي جهُولايون
    مولا ٿيئڙو مهربان

    کيهه کٿوري ٿي وئي آهي
    جندڙي جهومي جي پئي آهي
    کنوڻين لاتي کِل کِلان

    اُڀ تي انڊلٺ آرس تاڻيا
    ڌرتيءَ مينهن وساڙا ماڻيا
    سُريلڙو آهي سمان!
    بادل برسيو
    تِر به نه ترسيو


    ياد ڪا

    ياد ڪا


    اُداس آءٌ
    اڪيلو
    ۽ آخري سگريٽ
    دُکائڻي ته هئي ڪانه
    پر دُکي ويئي

    دريون ۽ در ته هئا بند
    پوءِ به ڪَوِتا جان
    الائجي ته ڪٿان؟
    ياد ڪا اچي ويئي!
    وڪوڙجي ويو سارو وجود
    دُونهين ۾
    اکين ۾ دُونهن اچي ويو
    ته ٿيون اکيون آليون!



    ٻاهر ساگر سانت

    ٻاهر ساگر سانت

    جاڳ به سپني وانگَ،
    اڳيان اڳيان مارئي-
    پويان ڇيلن ڇانگَ!

    گوري، پُشپ، ڪمليشُ(1)،
    ولي رام(2) جو گهَرُ ڄڻ-
    هڪڙو ننڍڙو ديش!

    شاعر ۽ ايڪانت،
    اندر وِهُه ولوڙجي-
    ٻاهر ساگر سانت!




    ________________________________________
    (1) ولي رام ولڀ جا ٻار
    (2) ولي رام ولڀ


    هيمنگوي جي ياد ۾!

    هيمنگوي جي ياد ۾!


    زندگي آهه ڄڻ ته ڪا توڦاڪ
    جنهن جي ڍڍريءَ ۾ ڪارتوس ڀريل
    پنهنجي آڱر ئي آ ٽرئگر تي
    سابه چوويهه ئي ڪلاڪ ڌريل
    پاڻ ئي آهِيون نشاني تي
    بس ڇُٽي ڄاڻ ڪنهن بهاني تي!




    شهر ۾!

    شهر ۾!


    هن کي اها سُڌ نه هئي
    پٽيءَ نه هئي
    ته هو پنهنجو ڳاڙهو ڍڳو
    جيڪو هاڻي هر جي سَٽ نه ٿي سهي سگهيو
    نڪو هُرلي ۾ وهي ٿي سگهيو
    شهر وڪڻڻ ويندو
    ته جيئن ڪوس- گهر ۾ ڪُسجي وڃي
    اڏيءَ تي تڙون تڙون ٿي وڪجي وڃي
    ڳاڙهو ڍڳو
    جنهن ڌرتي کيڙي هئي
    هن لاءِ اَنُ اُپايو هو
    ڳاهه ڳاهيو هو
    رُکي ڀت جو جيڪو ڳِٽو
    هُن پنهنجن ٻچن جي وات ۾ رکيو هو
    اُهو اُنهيءَ ڳاڙهي ڍڳي جي ڪري ئي ته هو!

    هن جي لاءِ ٻوجهه ڍوئيندي
    جنهن جي ڪؤنٽ تي
    پاڃاريءَ جي گاٺ پئجي وئي هئي

    اڄ هُو اُنهيءَ ڳاڙهي ڍڳي کي
    وڪڻڻ لاءِ
    ڪوس- گهر ۾ ڪُسجڻ لاءِ
    تڙون تڙون ٿي وڪجڻ لاءِ
    شهر وڃي رهيو هو
    جيئن مرشد جي اچڻ تي
    اُن کي ڏَنُ ڏئي سگهي!

    پر هن کي سُڌ نه هئي
    پٽيءَ نه هئي
    ته ڳاڙهي ڍڳي بدران
    شــــــــهــــــــــــر ۾
    پاڻ ڪُسجي ويندو!



    پُڇن ٿا!

    پُڇن ٿا!



    ڊيٿ اسڪواڊ جي آڏو بيٺل
    آهيان آءٌ-
    - پُڇن ٿا مون کان
    - ته سندم آخري خواهش ڇاهي؟!


    شالَ!

    شالَ!

    موج تو ۾ رهي شال سنڌوندي!
    چنڊ تولئه چڙهي چوٽ آڪاس تي
    ۽ روان شل رهي آب، آبِ حيات
    سِير جي سِينڌ ۾ شل ستارا کڙن
    هيءَ ڀر، هوءَ ڀر شال مارُو مِڙن
    ٽهڪڙا انءَ ٽِڙن جنءَ ڦلا ٿا ٽڙن

    وَهه کٿوريءَ ڪنان شال وِترو وهي
    لهر تنهنجي مڙوئي هجي لال شال
    واءُ توتي سدائين سڻائو وري
    ۽ مهاڻن مٿان مهر سائين ڪري
    هر مُهاڻي ڏَيا جو ڏِيو ٿي ٻري
    سِڙَهه ساڄا ڪري شال ٻيڙي تري
    ۽ سندن ٻارڙا ڪوجهڙا ڪارڙا
    شال لُڌڙن جيان تُڙڳندا ئي رهن

    هر اُڃيو ٻُڪَ ۾ پاڪ پاڻي پِئي
    ڳاٽ اُوچو ڪري منهن مٿاهون ڪري
    جنءَ جيڻ ٿو ٿئي تيئن جڳ ۾ جئي
    سِجُ تولاءِ اُلهي ته لاکون لڳن
    سِجُ تولاءِ اُڀري ته باکون بکن

    اُن سُريلي سڀاڳي سٻاجهي سمئه
    ياد ڪج ياد ڪج ياد ڪج هي ڪوي
    جنهن ڪڏهن ٻُڪَ ۾ پاڪ پاڻي ڀري
    هي ڦٽل چَپَ اُن تي ڇڏيا هئا رکي
    اُن سُريلي سڀاڳي سٻاجهي سمئه
    لات لنوندو لنگهيو هو پريان ڪو پکي
    سِينڌ سُرمو ڪري ۽ تنجي ۽ مَکي
    وَلِ سُرهي هجي جيئن وڻ سان ٻَکي
    انءَ ڪويءَ سان هئي هڪ سجيلي سَکي

    ۽ اُهو شام جو پهريون پهر هو
    ۽ سندن سامهون ڪوٽڙي شهر هو
    ها، انهيءَ شهر ۾ هڪ ڪلپنا هئو
    جاڳندل ۽ سُتل ٻن اکين لاءِ جو
    انڊلٺ جيئن ست رنگ سپنا هئو
    ياد ڪج
    ياد ڪج
    ياد ڪج
    ياد ڪج
    تون انهيءَ پُٽ- سَپُت کي وسارين متان
    جو ڪڏهن ڪونه توکي وساري سگهيو
    ]25 اپريل 1994[

    هن گهڻو ڪجهه ڪرڻ ٿي گهريو سُڌ اٿئي
    پر ڪري ڪجهه سگهيو ڪونه ڪو هو، مگر
    رات اماوس هئي جُهڙ جهڙالي هئي
    بس رڳو شمع جان پاڻ ڳاري سگهيو
    جيترو ٿي سگهيو ٻاٽ ٽاري سگهيو
    ۽ ســـــچــــــا ســـــون جهـــــڙا لکيــــائيـــــن اکــــــــر
    ڪجهه ڪري جي سگهيو ڪُر اُجاري سگهيو
    ۽ ڪِريل جي به تحت الثريٰ ۾ هئا
    سِجَ وانگر اُنهن کي اُڀاري سگهيو

    ياد ڪج ياد موهن ڪلپنا اُهو
    هڪ مسيحائي اعجاز جنهن کي هئو
    ۽ مٿي تي هئس ڇَٽُ ڪنڊن سندو
    ها، وطن سنڌ اعزاز جنهن جو هئو!
    ]16 جنوري 1995[


    وڻ وڍڻ لئه

    وڻ وڍڻ لئه

    ڪُهاڙو کنيائين
    ۽ وڻ کي وڍڻ لئه
    اُڀو جنءَ ڪيائين
    تڏهن اوچتو سوچِيائين:
    ’اهو وڻ ته مون ساڻ گڏ ٿيو جوان هو!
    اهو ڀُونءِ سان چنبڙيل مون جيان هو!
    اِنهيءَ جي مٿان ساڳِيو آسمان هو!‘

    ڪهاڙو ڇڏيائين
    ۽ وڻ ساڻ ٻکجي
    رُنو- اوڇنگارون ڏنائين....


    جاڳن پيا ستارا!

    جاڳن پيا ستارا!


    جاڳن پيا ستارا، ۽ تون سُتي پئي آن
    مون جيئن، آڱرين ۾، سگريٽ ٿو ٻري پيو
    رُت ريت ڪانه سمجهين، ڪيڏي نه بي چئي آن
    جاڳن پيا ستارا، ۽ تون سُتي پئي آن

    ڪهڙي هيين نه اڳ ۾، ۽ ڪنءَ نه ٿي وئي آن
    ۽ سُور پور پالي، من ڌير ٿو ڌري پيو
    جاڳن پيا ستارا، ۽ تون سُتِي پئي آن
    مون جيئن، آڱرين ۾، سگريٽ ٿو ٻري پيو!




    جندڙي گهوريان

    جندڙي گهوريان

    تون ته سڄڻ منهنجي سر جو سائين،
    توتان پنهنجي جندڙي گهوريان!

    ساريون راتيون توکي ساريان، ڏينهن ڏکن جا ڏُسڪي گهاريان،
    پرچي پير پرين شل پائين، آءُ ته توسان اندر اوريان!

    پل پل تنهنجا پُورَ پچايان، وَٽ کي سوريان لاٽ وڌايان،
    نينهن لڳائي شال نڀائين، سِڪَ سڳو ٿي ساڄن سوريان.








    ڪاڳر ليک بنان!

    ڪاڳر ليک بنان!


    آءٌ اڃا به اُهوئي تنها
    بَر ۾ بيٺل وَڻَ جيان
    ٽهيل، ٽڙيل ۽ پکڙيل سوچون
    ڌڻيءَ بنان ڪنهن ڌَڻَ جيان

    آءٌ اڃا ڏس رول اُهوئي
    پياسي ڪنهن بادل وانگي
    منهنجا اوٺي منهنجا ڳوٺي
    سانگ هليا ويا ڪنهن سانگي

    تيک بنان جنءَ ڪوئي سورج
    هَٿَ هجن جنءَ ريک بنان
    توبن آءٌ ائين ئي ڪورو
    ڪاڳر جنءَ ڪو ليک بنان




    اُهي به ڏينهن هئا!

    اُهي به ڏينهن هئا!


    سڳوري سنڌ جي شهرن ۾ توڙي ڳوٺن ۾
    گهُلِي ٿي هِيرَ ڏکڻ جي، اُهي به ڏينهن هئا
    سدوري سنڌ ۾ جيڪا به مُند آئي ٿي
    هئي سا مُند ملڻ جي، اُهي به ڏينهن هئا

    نظر نظر ۾ نوان ۽ نبار نينهن هئا
    ملير منجهه هئي مارئي ۽ مينهن هئا
    نه لَڄَ لُٽَ هئي ۽ نه ڪو ڦرون ڌاڙا
    اُهي به ڏينهن هئا، ها اُهي به ڏينهن هئا!



    پوءِ ته!

    پوءِ ته!


    رات کي ڏينهن ڪرڻ
    ڏينهن کي شام ڪرڻ
    شام کي رات ڪرڻ
    جيڪڏهن صرف اهائي آهي
    زندگي پوءِ ته اجائي آهي!







    ڳچيءَ ڳچي وَٽَ- سورَ

    ڳچيءَ ڳچي وَٽَ- سورَ


    ماڻهو ٽيانڊيءَ تَپڻا، ماڻهو ڇيڻا ڀورَ،
    مورن سان گڏ مور هُو، چورن سان گڏ چورَ.

    چاڙهي چُوڙ وهي رهي، ٽِڪو ڪُرَ مَ لاءِ،
    جنهن کي پٺتي موٽڻو، پير مَ پِڙ ۾ پاءِ.

    لهرين جي للڪار تي، چڙهنداسين ٿي چنڊ،
    ڦاٽل ساٽل سِڙَهه سان، جهاڳينداسين سمنڊ.

    اوڻٽيهينءَ اڌ رات جو، ڳچيءَ ڳچيءَ وَٽَ سورَ،
    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ شور آ، چونڪ چونڪ تي چورَ.

    کامُ نه پَچُ نه رڙ نه رو، ڪنجهه نه ڪسڪ نه ڪُرڪ،
    ڀاءُ سڏي، وَڄ سان ڦٽي، ڦٽ تي لوڻ نه ٻُرڪ.





    اڪيلي گهٽي هئي!

    اڪيلي گهٽي هئي!



    اڪيلي گهٽي هئي
    اڪيلي هئي هوءَ
    مان پڻ اڪيلو هئس

    پوءِ ٻن مان اسين
    هڪ ٿياسين
    ڦٽل جاءِ ۾
    جا ڪڏهن
    خوب آباد هئي!


    تنها اسين

    تنها اسين


    اڪيلي اڪيلي ۾ دنيا اسين،
    ۽ ميلي جهميلي ۾ تنها اسين.

    اکين ۾ سمندر کڻي ٿا رُلون،
    مگر بُوند جي لاءِ پياسا اسين.

    جتان ٿا لنگهون آڱريون ٿيون کڄن،
    سڄي شهر ۾ آهيون رسوا اسين.

    سُرن ۾ سمائي سڀاڻي جو سِڄ،
    سمئه جي لتاڙيون ٿا سِيما اسين.

    سماياسين گوريءَ جي گهاگهر ۾ ڪيئن،
    ستن ساگرن کان به گهرا اسين!

    اسان جي سدائين اوهان ڏانهن لُوهَه،
    اوهين آهيو ساگر ته دريا اسين.

    اوهان لاءِ ڀوتار هر دور ۾،
    نه سمجهي سگهو اهڙي ڀاشا اسين.



    وري رات ٿي وئي!

    وري رات ٿي وئي!

    وري رات ٿي وئي
    اُها جيڪا بازي رهي ڪانه هئي مون، اُها مات ٿي وئي
    گگن تي گهڙي کن اڳي
    چنڊ هو گهوٽ ڄاڃي ستارا هئا
    اُها آس جيڪا سُهاڳڻ لڳي ٿي،
    اُها آس هاڻي ڏهاڳڻ لڳي ٿي

    وري ماٺ ٿي وئي
    ڪُتا ڀونڪِيا پئي سويري گهٽيءَ ۾
    اڃا ٿورڙي دير اڳ
    ٻارڙا کيڏِيا پئي مِٽيءَ ۾

    وري آڱريون
    ڏيا ڪونه بڻجي سگهيون
    نه رت جا ڦڙا لفظ ئي ٿي سگهيا
    نرڙ جون لڪيرون سٽن ۾ نه ماپي سگهيون
    وري ساڳيو وقت معنا بنان
    سنڍ سڀ آدرش
    کوکلا نظريا!

    ۽ ڪوي
    ڪنهن ڪويتا رچڻ ري
    وري ساڳيوئي
    اڪيلو اُهوئي
    سمهي پيو اويلو
    وري روئي روئي!


    ٻُڌڻو پيو اهو به!

    ٻُڌڻو پيو اهو به!


    ڪالهه هتي هو چنڊُ،
    اَڄُ اُتي اونداهه جو-
    مانڊيءَ منڊيو منڊُ!

    مون ۾ ڳُڻُ نه ڪوبه،
    توکان، ماڻهن جي اڳيان-
    ٻُڌڻو پيو اهو به!

    تنهنجو سهج سڀاءُ،
    وٽئي مُرڪ لوڻَ ٻُرڪ-
    وٽم گهرو گهاءُ!



    سَکڻي سوڀ

    سَکڻي سوڀ


    سکڻي سوڀ پرائي ڪير
    پهرين سر ڏينداسين
    سوڀون پوءِ پَسنداسين

    سر گهورڻ ۾ ڪهڙي دير
    سِر ڌڙ ڌار ڌرينداسين
    سوڀون پوءِ پَسنداسين

    ويڙهي جي ويريءَ سين وير
    پهرين پاڙينداسين
    سوڀون پوءِ پَسنداسين

    پهرين پِڙ ۾ ڀائي پير
    پرزا مِڙ ٿينداسين
    سوڀون پوءِ پَسنداسين!



    معاف ڪجانءِ مسافر!

    معاف ڪجانءِ مسافر!


    مون کي معاف ڪجانءِ مسافر
    جي مان توکان
    مانيءَ ڌانيءَ
    پاڻيءَ ڇاڻيءَ
    جونه پڇان!
    منهنجي ڦاٽل ساٽل جهوليءَ ۾
    ماني ناهي
    ڌاني آهي
    منهنجي سِيرُون سِيرُون ٻُڪ ۾
    پاڻي ناهي
    ڇاڻي آهي
    مان پاڻ بُکيو ۽ پياسو آهيان!

    مون کي معاف ڪجانءِ مسافر
    جي مان توکان.....


    ٻئي ڏينهن جو دوزخ!

    ٻئي ڏينهن جو دوزخ!


    اُهوئي آءٌ اڻسُونهون
    اُهوئي شهر
    اُهائي شام دونهون!

    اُهائي بُو هوا ۾
    ڄڻ ته ڪو ٽائر سڙي پيو
    اُهوئي سائرن هر هر رڙي پيو!

    ڄَور پيئي رَتُ چُوسي
    پڇاڙيءَ جي ڦڙي تائين شفق جو
    ڇڻي پئي آسمان تان رَکَ
    تهه در تهه ڄمي پئي

    ڇتين ڀتين مٿان گهر گهر اڱڻ تي
    اُهائي رات آهستي لهي پيئي ٻِليءَ پير
    اُڻي ڪوريئڙو پيو ڄاڻ تي ڄارا
    گهڙيءَ کان پوءِ ساڳيائي ستارا
    ائين جنءَ رَکَ ۾ ٽانڊا!

    گهٽين ۾ لَٺِ جي ٺڪ ٺڪ
    ڪُتن جي ڀَونڪ
    ڪنهن ڪنهن وير
    رڪشا، ڪار جو رانڀاڙ هوندو
    بلب جي بيمار پيلي روشني هوندي
    ۽ گهر ڄڻ اجتماعي مقبرا هوندا!

    اُهوئي آءٌ اڻسُونهون
    اُهوئي شهر
    اُهائي شام دونهون

    ساڳيو بي مهر ماڻهن جو اَجهل ريلو
    روان آهي گهرن جي قبر ڏي
    بي صبر خواهش کي سڀاڻي جا ڏٽا ڏيئي سمهارڻ لئه
    وري ٻئي ڏينهن جي دوزخ کي ٻارڻ لئه!



    ڏُسڪي پيئي ڏات:

    ڏُسڪي پيئي ڏات:


    گهڻو نه تون ڳالهاءِ،
    گُلَ کڻي وٺ پاڻ لئه-
    گاريون ڇڏ مون لاءِ!

    نِپٽ انڌي رات،
    ڏيئي سان اونداهه ۾-
    ڏُسڪي پيئي ڏات!

    هينئڙي تنهنجا هورَ،
    آڌيءَ ايش- ٽري مان-
    اڌڙن لاءِ ڦلهورَ!




    ڌارين ۾ هڪ پنهنجو

    ڌارين ۾ هڪ پنهنجو


    هر گهُمري نڪور سِٽا سِٽي
    ڇا ڇا نه ڦٻايو آهي تو
    اُماڙ اکڙين، ڄِڀَ ڄڀيءَ سان
    هر جيءُ جلايو آهي تو
    ڌارين هُشِ ڪيئي، پنهنجن کي
    ڪتو بڇايو آهي تو

    تَرَ جي تريناڪن سين ٻِٽَ ٿي
    ڌارين سين ڌاڙيو آهي تو
    هر نَڪُ ٻُٽو تو آهي ڪيو
    هر سُهاڳ ساڙيو آهي تو
    ڀليءَ ڀَتِ اهو ڄاڻين ٿو
    ڀاڙين تي ڀاڙيو آهي تو

    ڌرتي پيرن هيٺان ڪڍيئي
    رَسو ڇڪي ۽ لڙڪايو تو
    ڄميل رت تي مٽي پاتئي
    دٻڙاٽيو تو دڙڪايو تو
    سچ تي دانگيءَ لڳا چنيسر
    ڪوڙ ڪٽڪ ڪڙڪايو تو

    هَسُ پٽي لاهي اُڇلائي
    جنڊ ڳچيءَ ۾ پارايو تو
    قبرن مان به هڏن کي چُونڊي
    ٻارڻ تن تي ٻارايو تو
    اِنڌي سوڙهي بند گهٽيءَ ۾
    هَٿُ وٺي آ مارايو تو

    تاڏي تو بندوق سڌي ڪئي
    جاڏي ڪوئي هنج اُڏاڻو
    جڏهن جڏهن به بلاول ڄائو
    تڏهن تڏهن تو کوڙيو گهاڻو
    پوءِ به سَچُ ته سورج وانگر
    ڪونه اُجهاڻو ڪونه اُجهاڻو
    ڪونه اُجهاڻو
    ڪونه اُجهاڻو


    لڙڪ سوا اک!

    لڙڪ سوا اک!


    پين آهي ته پنو ڪونهي ڪو
    ۽ پنو آهه ته پين آهي ڪانه
    ٻئي آهن ته سندم ذهن صفا خالي آ
    ڏوڪڙن کان سوا کيسي وانگي
    ڄڻ ته ڪو هٿ هجي ريک بنان
    ڄڻ ته ڪا اَکِ هجي لڙڪ سوا!


    پريت جو دان

    پريت جو دان

    ڪيترا سال انهيءَ ساڳي دريءَ جي هيٺان
    ڪئين شهزادا اچي پانڌ پکيڙي بيٺا
    جنهن ۾ لعلون ۽ جواهر هئا جڳ مڳ جڳ مڳ
    جنهن ۾ جرڪيا ٿي سندن بخت جان هيرا موتي
    جيڪي شهزادا ٿڌي ڇانوَ ۾ پليا نپنا
    ريشمي نرم وڇاڻن جا هئا جي هيراڪ
    اُس ۾ نڪتا ته ڇٽيءَ ڇانو ڪئي ٿي تن تي
    مورڇل، ننڊ هجي جاڳ، جهُليو ٿي تن تي

    اُهي شهزادا، اُڀين پير، سنئين ڳاٽ، اُتي
    صبح کان شام انهيءَ آس تي بيٺا هوندا
    ته ٻه ٽي مُرڪ جا گل تنهنجي چپن تي مُرڪن
    تنهنجي چهري جو چڙهي چنڊ، ستارا جرڪن
    ۽ سندءِ سونهن جي ديدار جو خيرات ملي
    تنهنجي نيڻن جي غزل جا ٻه ٽي اشعار ٻڌن
    ۽ سندءِ مشعلِ رخسار تي پروانه وار
    جهومندا کلندا ائين رقص ڪندا جلندا رهن
    رسن و دارِ قد و زلف تي مَرڪي مُرڪي
    ساهه سر سرمد ۽ منصور جيان مُرڪي ڏين
    تون جتي پير رکين، هي اُتي دل رکندا وڃن
    ڪٿان گذرين به ته اکڙين کي وڇائيندا وڃن!

    ڪيترا سال انهيءَ ساڳي دريءَ جي هيٺان
    ڪئين شهزادا انهيءَ آس تي بيٺا هوندا
    ۽ ٻڌايو اِهو هوندئون ته وٽن هيتري فوج
    هيترا گهوڙا ۽ هاٿي ۽ پيادا آهن
    هيتريون سهِڻيون ٻانهيون ۽ ٽڪن ورتا غلام
    جن جي جانين جي هنن وٽ ته ڪا قيمت ڪانهي
    ۽ سندن در تي سڀئي ڏينهن سَوَ انسان حقير
    هڪڙي مانيءَ جي سُڪل ڀور لئه ڦٿڪي ٿا مرن
    ۽ سندن شينهن ۽ چيتا، اهي لاشا، بُک کان
    خوب کائي ۽ ڀري پيٽ کي واڇون ٿا اُگهن

    ڪيترا سال انهيءَ ساڳي دريءَ جي هيٺان
    ڪئين شهزادا انهيءَ آس تي بيٺا ليڪن
    تو ڪڏهن مُرڪي نهاريو، نه دريءَ کي کوليو
    نڪو وارن کي سنواريئه ۽ نڪو نيڻ کنيئه
    چنڊ چهري جو چڙهيو ۽ نڪو تارا چمڪيا

    اوچتو ڪالهه انهيءَ ساڳي دريءَ جي هيٺان
    دل جو ڪشڪول کڻي هڪڙو غريب ۽ مفلس
    جنهن جي جهوليءَ ۾ وفائن جا هئا سورج گل
    جنهن جي مُنهن مان ٿي بَکيو پيار ۽ اخلاص جو نور
    اچي بيٺو ۽ دريءَ ڏانهن سڃيائين اکڙيون
    ها اچي سئن هنيائين ۽ جهليائين جهولي
    تو ڏنو ريشمي پڙدن کي هٽائڻ جو حڪم
    جي سندءِ سونهن جي سورج کي لڪائي نه سگهيا
    ۽ ڪنول جيئن پيون مُرڪي سٻاجهيون اکڙيون
    ڄڻ ته انگوري شرابن جا بلوري ساغر

    نولَکو هار محبت جو ڳچيءَ ۾ پائي
    دل جي ڪشڪول ۾ پاتو تو وڃي پريت جو دان!



    بند ڪمري ۾

    بند ڪمري ۾


    بند ڪمري جي اِڪيلائيءَ ۾
    ڪنءَ نه چمڪن ٿيون ٻليءَ جون اکيون
    صرف گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ
    مون سان جاڳي پئي اونداهيءَ ۾!



    هيلوڪو وري آ!

    هيلوڪو وري آ!

    ڄاريين دود ڦُلا گُرگالُون، گولاڙا ٻي مَڪَ پڪي
    دير سوير به اچڻو آهين، آهيم اهڙي پَڪَ پڪي
    هيلوڪو وري آ
    هيلوڪو وري آ

    ولر وهين جا ايندا آهن، ويندا آهن مَڪَ چُڳي
    ايندين تون ته نه ويندين واپس، آهيم اهڙي آس رُڳي
    هيلوڪو وري آ
    هيلوڪو وري آ

    بادل وانگي برسي ويندين، هن جيون جي بُٺَ مٿان
    ڏکڻان ايندين اُتران ايندين، ويس وسڻ جا ڪري ڪٿان
    هيلوڪو وري آ
    هيلوڪو وري آ

    ڪارونجهر جي ڪور مٿاران، مور ٽهوڪو ماري ڙي
    ساري ساري توکي ڪوئي، تنهنجو پنهنجو ساري ڙي
    هيلوڪو وري آ
    هيلوڪو وري آ



    آءُ ته جاڳون!

    آءُ ته جاڳون!


    ڀوري ڇوري
    آهي ننڊ ندوري ڇوري
    توکي به نِهوڙي نيندي
    مون کي به نهوڙي نيندي
    آءُ ته جاڳون!

    ڀوري ڇوري
    عمر به ٿوري رات به ٿوري
    جنءَ جنءَ ڍرندي ويندي
    تنءَ تنءَ ٺرندي ويندي
    آءُ ته جاڳون!


    تنها هئاسين

    تنها هئاسين


    سفر لاءِ نڪتا هئاسين،
    سندءِ در تي ويٺا هئاسين.

    هزارن ۾ هڪڙا هئاسين،
    ۽ پيارن جا پيارا هئاسين.

    اوهان ٿورو مُرڪي نهاريو،
    زماني ۾ رسوا هئاسين.

    اسان زهر جو جام پيتو،
    اسين ئي ته دانا هئاسين.

    وري اڄ رُٺا ويٺا آهيو،
    اڃا ڪالهه پرتا هئاسين.

    ڀلا ڪنهن کي سمجهائجي ڇا،
    اسين پاڻ اهڙا هئاسين.

    سندءِ هيڏي ساري جهان ۾،
    ڏٺوسين ته تنها هئاسين!




    ذهنيت

    ذهنيت


    تنهنجي ننڊاکڙي
    ڱڱريل ڊرائينگ رُوم ۾
    هاف نيڪڊ نيگريس جي آئل پينٽنگ
    ٽيليويين
    سهڻي زال
    موناليزا

    ڱڱريل ڊرائينگ رُوم ۾
    ماڻهن جي کلن مان ٺهيل صوفاسيٽ
    سوني ميز ۽ روپو ايش ٽري
    تنهنجي آڱرين ۾ لڪڻ ڪيئن نه ڦري!



    بنان عنوان

    بنان عنوان


    صدين کان پوءِ
    اسيمبليءَ ۾
    ڀوتار به آخر ڳالهايو
    پهريون ڀيرو
    هڪ کدڙي کي پُٽ ڄائو
    سورج اولهه کان اُڀريو
    آڌيءَ آڌيءَ ڀيڄ ڀني
    مادي ڪُڪُڙِ ٻانگُ ڏِني!


    شايد !

    شايد !


    شايد
    تنهنجي من ۾ اڃا ڪنهن جهاتي پاتي ڪانهي
    شايد
    تنهنجي ذهن جو بند ٿيل دروازو
    ڪنهن جي ڪومل هٿ کڙڪايو ڪونهي
    هر منظر تولئه دونهاٽيل ۽ ڌنڌلايل
    تنهنجي اکڙين جي ڳڙکين تي ڄارو آهي!

    انهيءَ ڪري ئي
    تنهنجا گيت پراڻن گسي ويل کوٽن سڪن وانگي
    ڪنهن نه قبوليا
    انهيءَ ڪري ئي
    لفاظيءَ ۾ ويڙهيل تنهنجا جامد جذبا
    پٿرن وانگي ٿڏبا رهندا

    اُٿي
    انهيءَ ڄاري کي هٽائي
    دنيا کي ڏس
    چنڊ به تنهنجي نيرين نيرين گهرين گهرين
    اکڙين جي ساگر ۾
    پنهنجو پاڻ پسڻ جي خاطر آتو آهي
    سِجُ به تنهنجي اونداهي ۽ اڻڄاتي اُڀ تي
    اڀرڻ ڪارڻ ماندو آهي!


    ڪجهه ترس اڃا!

    ڪجهه ترس اڃا!


    ڪجهه ترس اڃا ڪجهه ترس اڃا

    منهنجي چچريل چهري تي
    هڪڙو چهڪ ٻيو به ڏئي وڃ
    منهنجن ڦاٽل ڪپڙن تي
    هڪڙو ٽهڪ ٻيو به ڏئي وڃ

    ترس ڪري تون ترسي پئو
    ايڏو به نه ٿي بي ترس اڃا

    ڪجهه ترس اڃا ڪجهه ترس اڃا!

    ويندي ويندي منهنجي مِٺڙي
    مون تي هڪڙو قرب ڪري وڃ
    نَسَ نَسَ ۾ پور پور ۾
    مُرڪي مٺڙو زهر ڀري وڃ

    هن پُور منجهان ڪنءَ پُورت ٿيندي
    سُور ڏئي وڃ سرس اڃا

    ڪجهه ترس اڃا ڪجهه ترس اڃا
    ايڏو به نه ٿي بي ترس اڃا!



    بهانو

    بهانو


    آرسيءَ پُڇيو هُن کان:
    ”پاءُ وال ڪپڙي ڪاڻ
    ايتري تياري ڇو؟“
    هُن وراڻِيو مُرڪي:
    ”ريشمي گهٽيءَ ۾ جو
    هڪ دڪان ڪونهي ڪو!“




    آ ته لنئون ڪا لات!

    آ ته لنئون ڪا لات!

    پِرهه ڦٽي پرڀات، الوميان، آ ته لنئون ڪا لات!

    ويندي ويندي گلن ڦلن تي، ماڪ رُني هئي رات،
    آ ته لنئون ڪا لات!

    ڏيئي سان گڏ جاڳي آهي، تن تنها هڪ ڏات،
    آ ته لنئون ڪا لات!

    ڏينهن کڻي آيو آهي ڏس، سورج جي سوغات،
    آ ته لنئون ڪا لات!



    قيدي!

    قيدي!

    ”قيدي“ نظم 1992 ۾ لکيو هئم، تڏهن، جڏهن قمر شهباز جيل ۾ هو، ڏوهه؟ سنڌي هجڻ! نه پُٺ- نه مُٺ، ڪراچيءَ، آرٽس ڪائونسل، ۾ مشاعرو هو، مون اُن ۾ اياز جو نالو ورتو هو. اياز ڪراچيءَ ۾ هو، پر مشاعري ۾ شريڪ نه هو. شايد ٻيو به هڪ اڌ نالو ورتو هوم. قمر جو نالو انهن ۾ نه هو، جيڪو اُن وقت ڪراچي جيل ۾ هو، هُن ڏوراپو ڏياري مُڪو، چُمي چشمن تي رکيم ۽ هي نظم لکيم.
    نظم، زبيده ڪاليج ۾ قمر سان ملهايل شام کان سواءِ، نه ڪٿي پڙهيم نه ئي ڪٿي ڇپيو. ان جو صرف پهريون (زندگي) ٻيو (روشني) ۽ پنجون (مهاشيه) بند ئي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو آهي، هن نظم ۾ ڪردار فرضي آهن، نقلي آهن، ڪابهresemblance محض اتفاق آهي، هن نظم ۾ هڪ ئي ڪردار اصلي آهي ۽ اُهو آهي: ”قيدي!“

    زندگي مون چيو هئو هُن کي
    پر اهو سوچيو به ڪونه هئم
    ته اها زندگي حقيقت ۾
    هاءِ ڪيڏي نه بيوفا آهي
    ڪنهن به معنا سوا، بنان مقصد
    ڄڻ ته ويراني ۾ صدا آهي
    هُن جيان ئي هروڀرو مڇريل
    هن جيان ئي خفا خفا آهي
    ڀوڳنا صرف ڀوڳنا آهي

    موت هرکن پٺيانس ڊوڙي ٿو
    وجهه وٺي اَڳُ ٿو جهلي بيهي
    پوءِ رستا هزار بدلايو
    هي ڦري دَڳُ ٿو جهلي بيهي
    ۽ کڻي پيڙهه کان اُکوڙي ٿو
    پنهنجي ٿوهر هٿن سان شاخن تان
    مکڙيون، گُلَ، گونچ روڙي ٿو
    ڇِڪَ سان جند- تند ٽوڙي ٿو
    جا جُڙي ڪانه ٿي اُميريءَ سين

    پر اِها ڳالهه جي ڪري شاعر
    ته بنان ڏوهه جي به ڏنڊ ڀري
    چئي نقاد پوءِ وڏي واڪي
    ته:”اڃا ڪونه ٿو مرين بابا!“
    پر اِئين ڇونه ٿو چئي ته: ڪوي
    ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻ کان آ مُڪت
    هو ته آزاد آ هوا وانگي
    جنهن کي سيخون ڪڏهن جهلي نه سگهيون
    هُو ته وقت آهه جو نٿو ٿمجي
    هُو ته آهي اننت سمنڊ جيان
    ٿاهه جنهن جو نٿو لهي سگهجي!

    هو ته ڌرتيءَ جيان وشال آهي
    هو ته آڪاش وانگيان اُوچو
    جو جهُڪي ئي نٿو سگهي ڪڏهين

    هُو جُوالا مُکي اُهو آهي
    جو ٺري ئي نٿو سگهي ڪڏهين
    جو امر ٿي چڪو حياتيءَ ۾
    سو مري ئي نٿو سگهي ڪڏهين

    هُو ته اتهاس جا اُهي پنا
    آهه، جي پاڻ هُن لکيا آهن
    جيڪي هر قوم، هر زماني لاءِ
    هر نئين نسل لئه سِکيا آهن
    پر اوهان لاءِ جي چِکيا آهن
    ته علاج ان جو وڏڦڙو به نه آهه!

    روشني مون چيو هئو هُن کي
    روشني جا تڙي ٿي اوندهه کي
    روشني جا رڳو سُهائو آ
    سوجهرو، نور ۽ اُجالو آ
    سَچَ ۽ سُونهن جو حوالو آ
    سِجُ ۽ چنڊ ۽ ستارو آ
    هن سموري سرشٽ ۾، جيوت
    لاءِ ست رنگ استعارو آ

    پر اِهو سوچيو به ڪونه هئم
    ته اِها بلب آهه تارونءَ تي
    جو مسلسل پَري رهيو آهي
    ۽ اها روشني تِکي ٿِي ٿِي
    اکڙين ۾ اِئين چڀي ويندي
    جو اڳيان هَٿُ آڻڻو پوندو
    ۽ جڏهن هٿ هٽائڻو پوندو
    ته اکين جي اڳيان رڳو نچندا
    ترورا ترورا وڃي بچندا!

    دوستي مون چيو هئو هُن کي
    پر اِهو سوچيو به ڪونه هئم
    ته اها دوستي هئي دم جي
    سا به نادان سان نه ڪنهن ڪم جي
    جيڪڏهن دوستي اها آهي
    دشمني پوءِ ڇا ڀلا آهي!

    هُن ته مون لاءِ پاڻ ماريو ٿي
    پاڻ تي پيٽرول هاريو ٿي
    پوءِ ماچيس سان گهي تيلي
    پاڻ کي جيئري ئي ٻاريو ٿي!

    ۽ پکي سان رئو ٻَڌي پنهنجو
    پاڻ کي پاڻ ٿي ڏنو ڦاهو
    ٻوڙِيائين ٿي پاڻ سنڌوءَ ۾
    هُن ته نس کي بليڊ سان ٿي ڪپيو
    ٽرين مان پاڻ کي ٿي ڪيرايو
    کُڏ تان پاڻ کي ٿي اُڇلايو

    ڇا اهو ڍونگ هو؟
    رڳو دُلبو!
    يا ڇڙو ڊائلاگ بازي هئي!
    ۽ انهيءَ ڊائلاگ بازيءَ ۾
    هوءَ ماهر هئي اڳي کان ئي
    ڊائلاگن تي ڊائلاگ هڻڻ
    کان سوا ڄڻ ته ڪجهه سِکي نه هئي
    رات جو ٽين چئين وڳي تائين
    فون تي گفتگو ڪرڻ مون سان
    مشغلو من پسند هو هُن جو!

    سينڌ تي هٿ رکي چيائين جو
    پَتر آڱر ڇلي لکيائين جو
    سو رڳو ڪُوڙ هو؟
    رڳــــــــو دوکـــــــــــو!
    ڄڻ ته ماچيس جو ٺلهو کوکو
    ڪنهن ڊِڙي تي سواءِ اُڇلڻ جي
    ڪوبه ڪارج نه سِڌ ٿئي جنهن مان!

    ڪالهه جنهن باغ ۾ ملي ٿي هوءَ
    ۽ گلن ساڻ گڏ کلي ٿي هوءَ
    اڄ اُهي گل به چٿر ٿا ڀاسن
    اڄ اُهي ٽهڪ مِڪر ٿا ڀاسن!

    ڪالهه ڪيڏي نه هوءَ پنهنجي هئي
    صرف ۽ صرف صرف منهنجي هئي
    اڄ اُهائي هئي ٻئي ڪنهن جي

    سَتَ ڌارين ۽ پَر پرائي هئي
    ڪالهه هڪ وار جي وِٿي نه هئي
    اڄ جدائي رڳو جدائي هئي

    ڪالهه جنهن جاءِ تي هئس آئون
    اڄ انهيءَ جاءِ تي ٻيو آهي

    (۽ سڀاڻي وري ٽيون هوندو)
    ها ٻيو جنهن رڳو ٻيائيءَ سان
    بي حيائيءَ ۽ بي پِتائيءَ سان
    زهر ايڏو پري ڇڏيو هُن ۾
    جو سندس سُرخ رنگ اُڏامي ويو
    هاڻ نيري لڳي پئي آهي!

    شاعري مون چيو هئو هُن کي
    پر اهو سوچيو به ڪونه هئم
    ته اها شاعري سزا آهي
    سا به ڪنهن ڏوهه کان سوا آهي
    جا اڃا تاءِ ڀوڳيان ويٺو
    هي لهو رنگ لڙڪ مس گاڏڙ
    ڪاڳرن جي مٿان رُئان ويٺو
    لفظ جي روپ ۾ لکان ويٺو
    جي ڪڏهن پوسٽ ڪونه ٿي سگهندا
    پوسٽ جي ٿي به ويا ته ڇپجڻ کان
    پهريائين جناب ايڊيٽر
    (ڏات جنهن کي نه ڏانءُ آهي ڪو
    ڍونڍ تي ڄڻ ته ڪانءُ آهي ڪو
    جيڪو پنهنجو لکيو پڙهي نه سگهي
    ۽ ٻين جو پڙهي ڪڙهي نه سگهي
    ڪيئن اِن سيٽ تي اچي پهتو؟
    ڪير آ جو ڀلا نٿو ڄاڻي
    جنهن ڪڏهن سِٽَ ڪانه سرجي ڪا
    ته غزل، نظم، گيت، وائيءَ جي
    ڪنهن ترائيل، بيت، ڪافيءَ جي
    ڪنهن مقالي جي ڪنهن ڪهاڻيءَ جي
    سو ڀلا ڪيئن مُلَهه- ڪَٿَ ڪندو
    جو ڇڪيندو رهيو ڍري واڏڻ
    سو ڀلا ڪيئن سمجهندو ته ادب
    صرف پيشو نه آ، عبادت آ
    ۽ سڄي عمر جي رياضت آ!)
    سي پنا پاڻ سان کڻي هُن وٽ
    پهچندو پاڻ کي وڻائڻ لاءِ
    هوءَ پڙهندي ته هيڊ ٿي ويندي
    پوءِ ڌمچر کڻي مچائيندي
    ۽ تماشو کڻي لڳائيندي
    ڪاڪڙي-ڦاڙ ڪُور ڪُور ڪندي
    پُڇُ لوڏي گهڻا هليا ايندا
    ۽ اچي لُور لُور لُور ڪندا
    ڄاڱري ڄڀَ ساڻ گِگ ڳاڙي
    ۽ لڪيندا اچي چٽيندا کيس
    ۽ سندس هلڪڙي اشاري تي
    ٻولڙيا دُهلڙي ڳچيءَ پائي
    چَونڪ کان چَونڪ ۽ گهٽيءَکان گهٽيءَ
    گِگ وهائيندا ڀونڪندا ويندا
    وَجُهه لڳندن ته چڪ هڻي ڪڍندا!

    پهچندا پوءِ اُن مهاشيه وٽ
    مختصر ذڪر ٿي وڃي اُن جو
    ٻاهران صاف ۽ اڇو اُجرو
    ڄڻ ته ڪورو پنو هجي ڪوئي
    ڌيان ۽ گيان ساڻ جنهن تي ليک
    مور جي کنڀ سان هجي لکڻو!

    يا ڪپهه جي ٽڙيل ڦُٽي ڪائي
    صبح جي سِجَ جي سواگت لئه
    پرهه جي ماڪ سان سنان ڪيل!

    ٻاهران صاف ۽ اَڇو اُجرو
    پر اندر ۾ رَڌو پيو آهي
    ڄڻ ڪفن پوش لاش آهي ڪو
    ڍونڍ جي ڌَپَ ٿي اچي جنهن مان
    پر مٿان عطر ۽ عنبير هڻي
    پاڻ تي خوب سينٽ ڇٽڪاري
    گند بيٺو ٻين تي اُڇلائي!

    آگهي مون چيو هئو هُن کي
    پر اهو سوچيو به ڪونه هئم
    ته اها آگهي ملي به وڃي
    ته رڳو اُڃَ رُڃَ سُڃَ آهي
    بس رڳو بُکَ ڏکَ جَکَ آهي
    هن چيو هو ته مور- پَرُ آهي
    پر پٽيل آهه، هن چيو هو ڪونه!

    آءٌ آهيان ۽ قيد تنهائي
    ڄڻ ته ڪو بي دريافتو قيدي
    جنهن جي اڄ تاءِ ڪابه شنوائي
    ڪانه ٿي آهه ڪنهن عدالت ۾
    نه ملاقات ئي ڪڏهن آئي
    ۽ انهيءَ بي گناهه قيديءَ لاءِ
    ڪوبه ٺهراءُ پاس ڪونه ٿيو
    نڪو اخبار ۾ بيان ڇپيو
    نڪو جلسو جلوس ئي نڪتو!

    آگهي مون چيو هئو هُن کي
    شاعري مون چيو هئو هُن کي
    دوستي مون چيو هئو هُن کي
    روشني مون چيو هئو هُن کي
    زندگي مون چيو هئو هُن کي



    جمڙائوءَ تي وڻ

    جمڙائوءَ تي وڻ


    جمڙائوءَ جو تَڙُ،
    ياد اٿئي يا ڪونه ٿئي-
    جهونو، گهاٽو بَڙُ!

    هَيا، ڪيئي نه ڳَڻَ،
    لاشن جيئن پيا هُئا-
    جمڙائوءَ تي وَڻَ!

    ٿڌڙي ٿڌڙي ڇانءُ
    هاڻي انهيءَ ڀيڻيين-
    وَڻُ نه وَڻَ جو نانءُ!



    وقت

    وقت


    اڄ ته نيراني ٿي وِيو درشن
    ڏينهن ڪيڏو نه ٿو لڳي روشن
    ڏينهن جو آهه رات جو دشمن
    رات جا آهه روح ۾ خنجر
    رات جا آهه نبض تي نشتر
    نبض جا آهه وقت جي ڌڙڪڻ
    وقت جيڪو عظيم تر رهبر
    وقت جيڪو عظيم تر رهزن!



    پوءِ به

    پوءِ به

    سڀ چون ٿا ڏُک ملي ٿو پيار ۾
    پوءِ به توسان پيار آهي او پرين!

    گهاءَ ٿا جيڪي ملن
    گُل جيان ٽِڙيو پون
    داغ ٿا جيڪي ملن
    چنڊ جان کِڙيو پون

    سُرَ سڀ سُڏڪا هتي
    گيت ٿا گهٽجيو وڃن
    مُرڪندي ئي مُرڪندي
    نيڻ ٿا ڀرجيو اچن

    پُورَ ٿا پلٽيو پون
    مچ مڱر من تي مچن
    ورهه جون وايون سُڻي
    ڳَچَ ٿا ڳريو پون

    سڀ سياڻا ٿا چون
    پيار آ پاڳلپڻو
    سُک اُنهيءَ ۾ ٿورڙو-
    ڏک انهيءَ ۾ آ گهڻو

    سڀ چون ٿا ڏک ملي ٿو پيار ۾
    پوءِ به توسان پيار آهي او پرين!



    سچل

    سچل


    سچل ميگهه ملهار نه آهي، سچل ديپڪ راڳ ميان!
    بادل ناهي ڀڀڙ آهي، آڳ نسوري آڳ ميان!
    ۽ ساري ڌرتيءَ سرتيءَ تي، سورج جيئن سڀاڳ ميان!
    سسئي آهي، ڪيچ ڌڻيءَ لئه، ورتو جنهن ويراڳ ميان!
    عمر نه آهي، مارُل آهي، ساڻيهه جو ته سهاڳ ميان!
    سچل ميگهه ملهار نه آهي، سچل ديپڪ راڳ ميان!

    سچل سِرُ تريءَ تي آهي، سارو لهو لهان ميان!
    سچل ماٺ مٺوڙو ناهي، گوڙ آهي گهمسان ميان!
    واريءَ کي ته اُڏائي ويندو، تيز تِکو طوفان ميان!
    ساڄن ساهه پساهه سمايو، اعليَ ٿيو انسان ميان!
    منصوري ميءِ جو متوالو، سوريءَ تي اعلان ميان!
    سچل سِرُ تريءَ تي آهي، سارو لهو لهان ميان!

    سچل ڍنڍ نه آهي، سچل موج ڀريو مهراڻ ميان!
    رنديءَ مستيءَ سَرمستيءَ جو، ازل ڪنان اهڃاڻ ميان!
    ايئن وجود ولوڙي ويئڙو، ماٽيءَ جئن مانڌاڻ ميان!
    تن کي ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪائي، سچل جن سين ساڻ ميان!
    خاڪي پُتلي پرور وارو، پهريو آ پهراڻ ميان!
    سچل ڍنڍ نه آهي، سچل موج ڀريو مهراڻ ميان!



    وِکَ کي وڌائي رک!

    وِکَ کي وڌائي رک!


    رَتَ کي گرم رک رڳن ۾ تون
    لڙڪ هارين ته هار، هانءُ نه هار
    ڏس متان ٿي وڃين نه پنڊ پهڻ
    ڇا به ٿي پئي کڻي، پٺيان نه نهار!

    ٿورڙو پير کي اُڇت کڻ تون
    ٿورڙو وِکَ کي وڌائي رک
    ڏينهن آهي هتان ٻه ميل پري
    اکڙِين جا ڏِيا جلائي رک


    چنڊ لياڪو پاتو!

    چنڊ لياڪو پاتو!


    رات اسٽيج تي هُن ڳيتُ جو منهنجو ڳاتو،
    ڪنهن ڦٽل کوهه ۾ ڄڻ چنڊ لياڪو پاتو.

    سڀ وڏيري جي وڏائيءَ جا پيا ڳُڻ ڳائن،
    سِنڌ جو ڳِيتُ به ڳاتو ته ڳنوارن ڳاتو.

    آرسيءَ کان ته ڪڏهن ڪُوڙ نه ٿيندو آهي،
    تو ڪڏهن شيوِ ڪندي پاڻ سڃاتو ڄاتو!

    آءٌ سيزر نه سهي، پوءِ به پڇان ٿو توکان،
    او بروٽس! او بروٽس!! او بروٽس! ڇا؟ تو!

    جيئن ڌاريان ٿا ملن، تيئن ملينءَ ماڻهن ۾،
    منهنجو اپمانُ ڪري مانُ ڀلا تو پاتو؟

    تون سڄڻ سيڻ هيين، سَتَ سڱيڻي سائڻ،
    تون ته پنهنجي هيين، تو به ڏنو پاراتو!



    دُونهَن جي لِيڪَ

    دُونهَن جي لِيڪَ


    سِجُ اُلهڻ لڳو، سنجها ٽاڻي
    ڳوٺ جي ٻاهرئين رستي تي،
    دُونهَن جي لِيڪَ ڄمي وئي آهي!
    منهنجي ماڻهن جي مِٺن ماڻهن جي،
    زندگي هاڃي هڄي وئي آهي!



    هَٿُ ڌريل آهي سيني تي!

    هَٿُ ڌريل آهي سيني تي!


    آڳ بخاري ۾ روشن هئي جا نيڻن وانگي سا به اُجهامي وئي،
    رَکَ بچي هئي، هوا لڳي، سا به اَڄاتن ڏيهن ڏانهن اُڏامي وئي،
    جنهن ٽيبل تي ڪتاب رکيل هوندا هئا، سا ٽيبل به وڪامي وئي.

    ڪتاب ڇوٽڪي گهٽيءَ ۾ رديءَ ۾ نيلام ڪڏهوڪا ٿي به چڪا،
    منهنجا اَبا ڏاڏا اَڻَ ڪيل ڏوهن جا سارا ڏنڊ ڏئي به چڪا،
    سچ (يا ڪچ) لئه تن جا پويان سندن پَتيءَ جو زهر سمورو پي به چڪا.

    جنهن گهر منجهه جنم ورتم، پَليس نِپيس، ڇا هِي ساڳيو ئي گهر آهي،
    طاق بنان درين جي سيخن مان ٻاهر انڌو هرڪو منظر آهي،
    ڪلهه جنهن گهر ۾ ماڻهو رهندا هئا اُهو به مون وانگر کنڊر آهي.

    چِتر لهي ويا، چئني پاسن کان ننگيون چُٿڙ لٿل ديوارون آهن،
    ۽ جنهن جنهن هنڌ لکيل هو تنهنجو منهنجو نانءُ، اُتي بس ڏارون آهن،
    هينئون هيرڻ پن جنءَ ڦٽو ڦاٽو، هي نَسُون ناهن، ڦارون آهن.

    ڪلهه تنهنجا وار کُليا پيا هئا سيني تي ۽ اڄ باروت ڀريل آهي سيني تي،
    اک ۾ ڪائي رم جهم ناهي اوجيڏي! مَچُ ٻريل آهي سيني تي،
    ڪلهه جنهن هٿ ۾ تنهنجو هٿ هوندو هو، سو هَٿُ ڌريل آهي سيني تي!




    سورج پريين پار !

    سورج پريين پار !

    ديوار پٺيــان ديــوار،
    مان ڄـــــاڻـــان ٿــــــــو-
    سورج پرييــن پــــار!

    جڳ ۾ جاڙ جِئــــــــــي،
    صوفي لاڪوفي آهي-
    ٻيڙي به ڪونه پِئي!

    نرمل نرمل آڱريون،
    ڏاهِي ٿيءُ-
    ٻيريون آهن ڄاڱريون!





    سنڌڙيءَ جهڙو ديس

    سنڌڙيءَ جهڙو ديس


    کِلنديون کِلنديون مکڙِيون، رُوئندي روئندي ماڪَ،
    پرهه- پکيئڙا، لاتِيون، گهُلندي گهُلندي هيرَ.

    لوڪ نڪو پرلوڪ ۾، ڳوليو لڀندو مُورِ،
    جندڙيءَ جهڙي ويس جان، سنڌڙيءَ جهڙو ديسُ.

    ”ڪارڙو ڪماڙو“ سان، پنندا اَن جي لَپَ،
    ڳَلَ ڳچيءَ ۾ جهولڻيون، ڪاش هجون ها ٻار!

    چنڊ چڙهئي ٿيا هوڪرا، لڳي سينڍ تي سينڍ،
    چند لٿي ڇورن ڇڏي، ونجهه وٽيءَ جي راند.

    چهري جي چانڊاڻ ۾، ساهن جي سُرهاڻ،
    دوهي جهڙا چَپَ هئا، نيل ڪنول هئا نيڻ.



    ”حليم بروهي“ لاءِ

    ”حليم بروهي“ لاءِ


    ليک لکي ڀل لَکَ حليم
    پاڻ ته آهيون مال غنيم
    پنهنجن به لُٽيو،
    ڌارين به ڦُريو
    هِت سوئي ٿيو
    جو تو نه گهُريو،
    جو مون نه گهُريو!


    هوا پئي در کڙڪائي

    هوا پئي در کڙڪائي


    هوا پئي در کڙڪائي
    اونداهي اڌ رات جو

    کڙ کڙ- کڙ کڙ....

    ڌُوڪي در جي سِيرَ مان
    لاٽَ ڏِيي جي ڦڙڪائي
    اونداهي اڌ رات جو
    هوا پئي در کڙڪائي

    کڙ کڙ- کڙ کڙ....

    اَڌَ اُگهاڙي انگ ۾
    ڌڙ ڌڙ دلڙي ڌڙڪائي
    اونداهيءَ اڌ رات جو
    هوا پئي در کڙڪائي

    کڙ کڙ- کڙ کڙ....

    سوريءَ تي ڄڻ ساهه کي
    پاڻ رکيوسين لڙڪائي
    اونداهي اڌ رات جو
    هوا پئي در کڙڪائي

    کڙ کڙ- کڙ کڙ....


    نِڪران، دهشتگرد ڪو
    ڪَڙڪَڙ گوليون ڪڙڪائي
    اونداهيءَ اڌ رات جو
    هوا پئي در کڙڪائي

    کڙ کڙ- کڙ کڙ....


    الائجي ته ڪٿان ڪٿان
    پاڻ آئي آ وڙڪائي
    اونداهي اڌ رات جو
    هوا پئي در کڙڪائي

    کڙ کڙ- کڙ کڙ....




    پر گهائجي ويندين!

    پر گهائجي ويندين!


    جڏهن مان ياد ايندي سانءِ تون گهٻرائجي ويندين،
    وسارڻ جا گهڻائي وس ڪندين پر گهائجي ويندين.

    اڱڻ تي چهڪ بڻجي لهنديون تولاءِ چانڊوڪيون،
    بهارن ۾ ٽڙڻ گهرندين مگر ڪُومائجي ويندين.

    جڏهن منهنجي وفا جو ذڪر ٿيندو تنهنجي محفل ۾،
    تڏهن پنهنجي جفا تي بيوفا شرمائجي ويندين.

    ڪڙو لڳندو ته لڳندءِ آءٌ آهيان، لُوهه پائيندين،
    دريءَ، در سان، ڪڏهن ديوار سان ٽڪرائجي ويندين.

    انهيءَ ۾ ڏوهه ڪو ”امداد“ جو هوندو، نه ٻئي ڪنهن جو،
    تڙپ هوندي ته پنهنجي هوندئي تڙپائجي ويندين!




    شيشو ڪنهن ٽِڙڪايو!

    شيشو ڪنهن ٽِڙڪايو!


    هُن جو ڀالُ ڀَلايو هوندو،
    درتاءِ ڇڏڻ آيو هوندو.

    سورُ کڻي سهسايو هوندو،
    ها، پر ڪنءَ سهسايو هوندو!

    ”امداد“ ادا! ڪنهن ٿي ڄاتو،
    پنهنجو ساهه پرايو هوندو!

    ماڙُهن ميڙي هوندي مايا،
    ۽ مون قرب ڪمايو هوندو!

    هر دَور، عصر، هر عيسيٰ کي،
    ڪنڊن- ڇٽ پهرايو هوندو.

    مٽيءَ جي آدم جي آڏو،
    مَلڪن ڪنڌ نمايو هوندو.

    ڇاتيءَ تي ڇو هٿ آ منهنجو؟
    شيشو ڪنهن ٽِڙڪايو هوندو!

    سڀني جي تارن تي اک هئي،
    ۽ مون چنڊ تِڳايو هوندو.

    پيرن تنهنجي گهر ڏي ايندي،
    آڻي پنڌ پُڄايو هوندو.


    ( ق )
    جڏهن به سانوڻ آيو هوندو،
    اکڙين آب وسايو هوندو.

    ڳيت پيهي ڳايو هوندو،
    سُر مون ساڻ ملايو هوندو.

    رم جهم بارش برسي هوندي،
    کنوڻين کيل رچايو هوندو.



    مانَ!

    مانَ!

    دل جو ڪشڪول کڻي شهر سڄو رُلنداسين،
    مانَ ڪو پيار جو پئسو ڏئي ڇاتيءَ لائي!
    ڪو دلاسن جو ٽڪو ڏي پوءِ ڪوڙو ئي سهي،
    مانَ ڪو مُرڪ جو سِڪو ڏي ڳرهاٽي پائي!


    ڌُريان ئي ڌار

    ڌُريان ئي ڌار


    ڌُريان ئي ڌار ۽ سفاڪ، توڙ جو ويري
    روالور ۾ سڀئي گوليون ڀري به چڪو
    ۽ ان جو نال نرڙ جي مٿان ڌري به چڪو
    رکي بُلن ڊٺل آڱر وري ٽرئگر تي
    روالور سڄو خالي اُهو ڪري به چڪو

    گلال رنگ لهو روڊ تي پيو آهي
    لڳي ٿو تيز هوا ۾ ٻريل ڏيو آهي

    اي سنڌ ماءُ! سندءِ پُٽ ڪريم بخش بلوچ
    نثار شهر ڪراچيءَ مٿان ٿيو آهي
    ۽ تنهنجي سينڌ ۾ سج چنڊ ٿي ويو آهي!








    گئس چئمبر!

    گئس چئمبر!


    حيات آهي يا گئس چئمبر
    بٽڻ دٻائڻ جي دير آهي
    رڳن اندر پيٽرول جو وهڪرو
    رڳو لائٽر جلائڻ جو دير آهي
    هڏن اندر مِکَ ناهه باروت آهه
    تيلي رڳو دکائڻ جي دير آهي
    ۽ سيني ۾ دل جي هنڌ ٽائيم بم رکيل
    ٽِڪِ
    ٽِڪِ
    ٽِڪ
    ٽِڪ
    انهيءَ صدا کان سوا سڀ آواز
    بئنڪ اسٽرانگ روم ۾ گُم

    نشان يو اين او جوڳيرو نه آهه
    ڳجهَه آهه
    نظريا
    آدرش
    سمورا ئي ڍونڍ آهن!



    انهيءَ کان پوءِ به!

    انهيءَ کان پوءِ به!


    صبا خرام پرين
    اي صبا خرام پرين!
    اسان جي راهه ۾ شيشا ڀڳا پيا آهن
    انهيءَ کان پوءِ به جي تون ملڻ گهرين ته هليا
    اُگهاڙا پير ڪري جي اچڻ گهرين ته هليا!



    رين وِهاڻي

    رين وِهاڻي


    رين وِهاڻي رين وِهاڻي،
    پوري ٿي وئي پاپ ڪهاڻي.

    بادل ڪو برسائي مولا،
    کوهه به ڪن ٿا پاڻي پاڻي.

    ڏٺي تنين کي ڏينهن لنگهي ويا،
    روح جنين سين روزِ رهاڻي.

    مري وڃين تون شل او مُورَکَ،
    مري نه تنهنجي اک جو پاڻي.

    تيز هوا ۾ وَٽِ وساڻي،
    آس ته پوءِ به ڪانه اُجهاڻي.

    اڄ ئي آءٌ ڪري ٿو ڍاريان،
    سِڄُ ڪندو جيڪا به سڀاڻي.



    اجنبي

    اجنبي


    شام آهي اڪيلي اڪيلي
    ۽ خاموش خاموش
    وڻ به آهن اڪيلا اڪيلا
    ۽ خاموش خاموش
    گل به آهن اڪيلا اڪيلا
    ۽ خاموش خاموش
    خوشبو به آهي اڪيلي اڪيلي
    ۽ خاموش خاموش
    رنگ آهن اڪيلا اڪيلا
    ۽ خاموش خاموش
    ۽ وڻن جي وچان
    جيڪو رستو مَٽي ٿو
    سو به آهي اڪيلو اڪيلو
    ۽ خاموش خاموش
    رستي جي ڀرسان
    پيل بينچ آهي اڪيلي اڪيلي
    ۽ خاموش خاموش
    ۽ انهيءَ بينچ تي
    هوءَ به آهي اڪيلي اڪيلي
    ۽ خاموش خاموش
    مان به آهيان اڪيلو اڪيلو
    ۽ خاموش خاموش!





    آءٌ ۽ چنڊ

    آءٌ ۽ چنڊ


    وري وقت بازولي پاتي
    ۽ دولاب سان
    سج جي سيني ۾ خنجر هنيو
    ۽ تازن گلابن جون نازڪ ۽ معصوم پتيون
    اُفق تي اُڏامڻ لڳيون
    انهيءَ خون ناحق لڪائڻ جي خاطر
    وري رات آئي
    وري چنڊ جا داغ روشن ٿيا
    وري زخم تارن جا مُرڪي پيا
    وري درد جي قافلن
    دل جي منزل تي خيمن کي کوڙيو
    وري بيقراريءَ جا نشتر لڳا
    وري جاڳندڙ نيڻ ڦٿڪي پيا
    وري مدتن کان اُڃايل زمين تي
    اکين اشڪباري ڪئي!

    ائين رُئندي رُئندي
    نظر چنڊ تي پئي
    اُهو چنڊ صدين جو گهايل
    اُهو عهد پيمانِ الفت جو تنها امين
    وفائن جو ضامن

    اِئين پاڻ ڏي
    مون کي يَڪ ٽِڪ تڪيندو ڏسي
    کِلي پيو- ۽ پوءِ
    آءٌ ۽ چنڊ
    کِلندا کِلائيندا
    جڳمڳ ستارن جا سينا لتاڙيندا
    تاريڪين جا ستم دل تي سهندا
    نئين صبح جي جستجوئن ۾ نڪري وياسين
    جتي اَڻمَيا رنگ خوشبو جا آهن خزانا!



    رولڙي کان پوءِ!

    رولڙي کان پوءِ!



    توسوا
    جيترو عرصو جياسين
    جاڙ ئي جاني جياسين
    ۽ جڏهن
    تنهنجي پُکي پيارا پياسين
    ڄڻ جڳن جي رولڙي کان پوءِ
    ٿانيڪا ٿياسين!


    لهوءَ جي ميندي!

    لهوءَ جي ميندي!


    ڇا گُلن سان ئي رڳو کيڏندا رهنداسين ٻئي؟
    اُلجهنداسين نه ڪڏهن ڪنڊن سان!
    ڪنءَ ڪنداسين جي اُها آئي گهڙي
    اٽڪندو پاند جڏهن ڪنڊن سان!

    تو انهيءَ تي به ڪڏهن سوچيو آ؟
    تو ڪڏهن آهه ڪيو پاڻ کان اهڙو ڪو سوال!
    جي ڪيو آهه ته مليئه ڪو جواب؟
    جي مليو هوءِ ته مون کي به ٻڌائي ڇڏجان
    ته لڳي ڪيئن ٿي پيرن تي لهوءَ جي ميندي!







    بس بس بادل بس وو!

    بس بس بادل بس وو!


    بس بس بادل بس وو، منهنجو جيءُ جهُڙالڙو!

    مُند به آ مٺڙي جيان، مُند مٿان ڇا وس وو
    منهنجو جيءُ جهُڙالڙو!

    جتي وسي ٿو مون پرين، اُتي وڃي تون وس وو
    منهنجو جيءُ جهُڙالڙو!

    اکڙين بس ڪئي کڻي، بوندن ڪانهي بس وو
    منهنجو جيءُ جهُڙالڙو!

    جهُڙُ هجي، جاني هجي، اهڙو ٻيو ڪو رس وو
    منهنجو جيءُ جهُڙالڙو!




    تون مورُ ٿي وڃ!

    تون مورُ ٿي وڃ!


    تون نه رو
    هن تتيءَ ڌرتيءَ مٿان
    تون نه رو
    جيڪڏهن چاهين ته ڪو بادل وسي
    تون مور ٿي وڃ
    ۽ ٽهوڪو هڻ ته ڪارونجهر ٻُري
    گاج ۾ گجگاج ٿئي
    ۽ ڪرم جو ڪو ڪڪر
    بُٺ تي وسي
    پياس ڌرتيءَ جي ٻجهي
    ۽ نرڙ اتهاس جو ڏوپي وڃي!





    سُونهاري جا سنڌ !

    سُونهاري جا سنڌ !


    ڪچو ڌاڳو جِند، ڇِڪَ اچي تان ڇِڄي وڃي!
    سُونهاري جا سِنڌ، آهي لاٽ لُلاٽ جي!

    هيءُ جا لاٽَ للاٽَ، لُڇي پئي اونداهه ۾،
    نِپٽ انڌي ٻاٽَ، ٽاريندي سا ڏيهه تان!

    سانوڻ هو يا نيڻَ، وٺا ٻئي پئي رات جو،
    جهڙا سڳا سيڻَ، وڇڙي وڇڙن ڪينڪي!


    اوسيئڙو

    اوسيئڙو


    شام ٿي وئي آهي
    رَتُ سَتُ اوڳاڇي
    سج لهي ويو آهي
    مون ڏيو جلايو آ
    هُو اڃا نه آيو آ!

    رات ٿي وئي آهي
    چنڊ چوٽ تي آهي
    ۽ ڦلا ستارن جا
    هر ڏِسا ٽڙيل آهن
    وِلهَه، سيڄ تي ساڄن!
    مکڙِيون کڙيل آهن
    سانت منجهه سناٽي
    جا به سُر ڇڙيل آهن
    رُتِ ريت ريٽي آ
    ميت گيت سڏڪن ٿا
    سِينڌ مون سجائي جا
    ٿي وئي اجائي سا

    رات ڏينهن پرچايو
    لڙڪ ماڪ جا روئي
    مون ڏِيو اُجهايو آ
    هُو اڃا نه آيو آ!



    هڪ منظر

    هڪ منظر

    ڪـــــــاوڙي هــــوءَ،
    جُهڙ جهُڙالا ٿـــيـــــا
    گوڙ گجگوڙ ٿي،
    دَڙيــــــــائــيــن جـيــئـن
    پـــــــــــوءِ رُنـــــــــــي
    ۽ وري کِلي پئي ايئن
    مِينهَن کـــان پـــوءِ
    جيئن اُس نـڪـــري!




    مان اَپراڌي

    مان اَپراڌي


    پير ڪڙين ۾ منهنجا پيرَ، مان اپراڌي!
    ڀڳي پئي آ من جي ويڻا، ڇڳي پئي آ ڇيرَ،
    مان اپراڌي!

    لُڇي پُڇي ۽ مري ٺري وئي، هِيرَ جهٽڻ جي هيرَ،
    مان اپراڌي!

    سوچان ٿو هِن ويرَ ملڻ لئه، آئي هوندي ڪيرَ؟
    مان اپراڌي!





    يارن جي ياد!

    يارن جي ياد!


    رشيد(1)
    تنوير
    اياز هو ۽ گلاب ها لان ۾، هٿن ۾ ڀريل هُئا جام، چاندني هئي
    ڀريل هئو هانءُ

    ڳالهڙين جا هزارها ڀرت سهس رنگي سمئه جي گج تي ڀري ڇڏياسين
    ۽ سنڌ جي ڳالهه جيئن نڪتي
    ته خوف خطرا ڌرم ڪرم سڀ پري ڇڏياسين
    اياز محفل منجهان اٿي ويو ته جام اونڌا ڪري ڇڏياسين

    مگر گلابي سُڳنڌ آهي اڃا هوا ۾
    خمار آهي اڃا فضا ۾
    رشيد جا ٽهڪڙا ٻُرن ٿا اڃا ڪنن ۾
    اڃا ته آ چاندني صدا ۾!






    ________________________________________
    (1) رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، شيخ اياز




    قبله مخدوم طالب الموليٰ

    قبله مخدوم طالب الموليٰ

    قبله مخدوم طالب الموليٰ
    بس رڳو ايترو ئي عرض آهي
    ته اُنهيءَ رَبَ پاڪ جي ساراهه
    هر بشر لاءِ عين فرض آهي

    جنهن نبي ۽ رشي، مُني، اوتار
    موڪليا هن جهان فانيءَ ۾
    ڏات جنهن کي وڻيس ڏي ڏاتار

    جنهن سڄي ڪائنات کي جوڙيو
    رات جي لاءِ ڏينهن کي ٺاهيو
    ڏينهن جي لاءِ رات کي جوڙيو

    ڏينهن جي لاءِ ڇَٽُ سورج جو
    رات جي سِينڌ لئه ستارن کي
    سنڌڙي ديس مَٽُ سورج جو

    مان به اُن ديس جو ڪوي آهيان
    جو به غدار آهه مان ان جي
    سرِ بازار لاک ٿو لاهيان

    باک جي ساک سان چوان ٿو مان
    تو پرينءَ کي ڏٺو، اسان توکي
    مان مڃان ٿو اهو مڃان ٿو مان


    ”اياز“ به ساڳيو!

    ”اياز“ به ساڳيو!


    اک ۾ گهري گهُور گهڻي
    مُک تي ساڳي مُرڪ کڻي
    پنهنجي اِسٽڪ کي ٽيڪيندو
    تاجل(1) ڏانهن اياز هليو ويو
    گولين کان هو ڪونه جهليو ويو
    هٽ تاڙن کان ڪونه پليو ويو

    هي شهر ڪلاچيءَ مائيءَ جو
    ساڳيو شهر، اياز به ساڳيو
    روح سندس آ جنهن سان واڳيو
    ورهه وليون به اُهيئي ساڳيون
    ”چنڊ ڳليون(2)“به اُهيئي ساڳيون

    پر اڄ ڪيڏو فرق انهن ۾
    ڳاڙهو ريٽو رَتُ انهن ۾
    پاڻيءَ بدران هاريل آهي

    ڄڻ ڇتي جو ڏاڙهيل آهي
    ماڻهو هاڻي ماڻهو ناهي
    ڄڻ ڪو واڇر سوئر آهي!




    ________________________________________
    (1) تاجل بيوس
    (2) شيخ اياز جو شعري مجموعو


    ساگر ۾ دريا پون ٿا

    ساگر ۾ دريا پون ٿا


    اُهي جيڪي مُنهن تي ته ساراهه ڪن ٿا
    الائي ته پَرپُٺ سي ڇا ڇا چون ٿا

    اهو معجزو جي نه آهي ته ڇاهي
    ٻئي نيڻ هڪڙو ئي سپنو ڏسن ٿا

    وجهي لُوهه انڌي ٻه پريمي ملن ٿا
    ائين جيئن ساگر ۾ دريا پون ٿا

    قلم ٿي ويون آڱريون جي ته ڇا ٿيو
    مُڇيل آڱرين سان به ليکڪ لکن ٿا

    بظاهر سڀن ساڻ مرڪن کلن ٿا
    وٺي وجهه، ٽشوءَ سان، اکين کي اگهن ٿا

    ڪئين ڪِينَ جهڙا گهڻو ڪجهه ٿين ٿا
    زمانا! عجب رنگ تنهنجا رهن ٿا

    انهن کي نه دنيا نه عقبيٰ سان مطلب
    سُتي جاڳندي جي پرين کي پسن ٿا

    ڪٿان کان ۽ ڪيڏانهن رستا ۽ راهي
    اچن ٿا، وڃن ٿا، وڃن ٿا، اچن ٿا!



    هي عَلم ڪنءَ ڇڏيان!

    هي عَلم ڪنءَ ڇڏيان!


    دشمنو! دوستو
    دوستو! دشمنو
    آءٌ سڀڪجهه ڇڏي ٿو سگهان
    راڄ
    ۽ ڀاڳ
    ڌن
    ڌرم
    سر ساهه
    گهر ٻار
    سڀڪجهه ڇڏي ٿو سگهان
    پر قلم ڪنءَ ڇڏيان!
    هي عَلم ڪنءَ ڇڏيان!


    پاڻ کي ڇاهي!

    پاڻ کي ڇاهي!


    هِي ٻين تي لِکڻ ٻِکڻ ڇالاءِ
    ڇونه پنهنجوئي ڪجهه لِکي وٺجي
    ٻيا سِکن ٿا سِکن، سِکن نه سِکن
    پاڻ ئي ڇو نه ڪجهه سِکي وٺجي!

    قافِيو، ڪافِيو لکي ٿو ڪو
    ته اسان جي گهران وڃي ڇا ٿو

    سِنڌ کي سِڌ، ۽ چنڊ چڊ چاهي
    ڪو لکي ٿو ته پاڻ کي ڇاهي

    نظم کي ڪو نظم لکي ته لکي
    ڪو عَلم کي الم لکي ته لکي

    ڪو سِڌي پَٽَ ٿينٿِري پوندو
    آسمان ڪونه ڪو ڪِري پوندو




    بارش آئي ڙي!

    بارش آئي ڙي!


    جندڙي جهومي ۽ لهرائي ڙي
    بارش آئي ڙي!

    ڪُوڪِي ڪويل، ڇمڪي پايل
    ڇمڪي پايل، ڪُوڪِي ڪويل
    مُند هٿن تي ميندي لائي ڙي
    بارش آئي ڙي!

    ٿر بر ٿاڌل، جل ٿل جل ٿل
    جل ٿل جل ٿل، ٿر بر ٿاڌل
    ڌرتي ٿي وئي ساري سائي ڙي
    بارش آئي ڙي!

    برسيو بادل، آيو سانول
    آيو سانول، برسيو بادل
    انگ انگوريا جائي پائي ڙي
    بارش آئي ڙي!




    وَراڻِي

    وَراڻِي


    دنيا کي تون ڌوڙ چوين ٿو
    جندڙيءَ کي تون ڪوڙ چوين ٿو
    هر رشتي کي ڪَچُ چوين ٿو
    تون ٿو سمجهين سَچُ چوين ٿو!
    پنهنجي ڀرم رکڻ ڪارڻ
    هونئن ته ڳالهيون ڳَچُ چوين ٿو
    دنيا ڌوڙ هجي ته هجي
    ڌرتي ڌوڙ نه آهي
    جندڙي ڪوڙ هجي ته هجي
    سنڌڙي ڪوڙ نه آهي!



    جي تون چاهين!

    جي تون چاهين!


    جي تون چاهين
    رات به توسان رَس ۾ آهي
    چنڊ به تنهنجي گَس ۾ آهي
    سڀڪجهه تنهنجي وَس ۾ آهي
    جي تون چاهين!




    گُهلندا هلياسين

    گُهلندا هلياسين


    تون پريين فٽپاٿ تي بيٺي هُيين
    اوريين تي آءٌ
    ۽ وچ روڊ تان
    دريا ٽرئفڪ جو وهيو پئي

    ٿورڙي ويڇي ملي
    انڌ مان تو لُوهه پاتي
    انڌ مان مون لُوهه پاتي

    بريڪ جا چرڙاٽ ٿيا
    ٽائرن رستي تي گيساٽو ڇڏيو
    گوڙ ٿيو
    ماڻهو مِڙيا
    ۽ ٻنهي پاسان ٽرئفڪ اوچتو بيهي رهي

    تون آءٌ
    هٿ هٿ ۾ ڏئي
    فٽپاٿ ڏي گهُلندا هلياسين!



    پرهه کان پهرين

    پرهه کان پهرين


    پرهه پسڻ کان پهرين پنهنجو پرين پسڻ مون چاهيو هو
    اونداهيءَ ۽ اوجاڳي سان مون ڪيڏو سينو ساهيو هو
    پر هيءَ ڪاري رات
    هُن جي وارن وانگي ڪٽيل ناهي
    ۽ هوءَ سُتِي پئي آهي
    سورج وارن منجهه لڪايو
    ڪِرڻا اکڙين منجهه سمايو!




    هڪ ياد

    هڪ ياد


    تو ڏٺو ڪيترو نه پيارو هو
    چنڊ جي سنگ جو ستارو هو
    آءٌ ۽ تون، نديءَ ڪنارو هو
    چيلهه کي ٻانهن جو سهارو هو
    تو ڏٺو ڪيترو نه نيارو هو
    اُهو ڳهڻي جِهو سمو جيڪو
    پاڻ سان گڏ هلي رهيو هو، سو
    ڄڻ ته چانڊوڪِيُنِ جو چارو هو!







    تون ته سُهاڳڻ آهين!

    تون ته سُهاڳڻ آهين!


    تنهنجو نَڪ آهه ٻُٽو، تون ته سُهاڳڻ آهين،
    سيڄ هر رات ستارن جي سجايل تولئه!
    مان اَڀاڳو ئي سهي، تون ته سڀاڳڻ آهين،
    تنهنجو نڪ آهه ٻُٽو، تون ته سُهاڳڻ آهين!

    ڪهڙو ويراڳ لڳو ٿئي جو ويراڳڻ آهين،
    ڪنءَ نه سِڪندي ٿي رهي پير جي پايل تولئه!
    تنهنجو نَڪ آهه ٻُٽو، تون ته سُهاڳڻ آهين،
    سيڄ هر رات ستارن جي سجايل تولئِه!




    توبند دري کولي

    توبند دري کولي


    تو بند دري کولي، ڪمري ۾ هوا آئي،
    هو سونُ پگهاريو يا هو رنگ شفق هاريو!
    واهيري ورڻ واري، ڪڻڇيءَ جي صدا آئي،
    توبند دري کولي، ڪمري ۾ هوا آئي!

    اُن وير چپن تي بس، آئي ته دعا آئي
    ماچيس وٺي مون کان، تو پاڻ ڏيو ٻاريو
    تو بند دري کولي، ڪمري ۾ هوا آئي
    هو سونُ پگهاريو يا، هو رنگ شفق هاريو!




    بند گِهٽي

    بند گِهٽي


    اِهائي گهِٽي جنهن ۾ گهر آهه هُن جو
    اِهائي گهِٽي ريک منهنجي نرڙ جي
    اِهائي گهِٽي منهنجي هٿ جي لڪير آهه بڻجي وئي
    اِهائي گهِٽي جنهن ۾ گهر آهه هُن جو
    صدين کان سُهائو هو جنهن جو اڱڻ
    اُن اڱڻ تي
    ڪڏهن ماءُ جو چنڊ چهرو چڙهيو
    ڪڏهن پيءُ جو سِجَ وانگي سدا مُکُ مرڪيو
    ڪڏهن ڀائرن ڀينرن جا ستارن جيان ٽهڪڙا ٿي کِڙيا
    ها، اُنهيءَ ئي اڱڻ ۾
    ڪڏهن بَڙَ جو وَڻُ هو
    ڏاڪ جي راند هئي
    ۽ انهيءَ بَڙَ جي وَڻَ ۾ پَٽَ جي پينگهه هئي
    مگر هڪڙي ڏينهن
    واءُ اهڙو وريو
    سِج گرهجي ويو
    چنڊ اُلهي ويو
    بَڙَ جو وَڻُ پاڙن کان پٽجي ويو
    ٽڙيل ٽهڪڙا هُن جي شعرن جي ڦاٽل پنن جان اُڏامي ويا
    اُنهيءَ گهر جا هڪ هڪ ٿي سارا کٽولا کڄي ويا
    ۽ هُو
    گهر جي در کي کُليل ئي ڇڏي
    سرد بيدرد ڇڙواڳ پاڳل هوائن جو پيڇو ڪندو
    اُنهيءَ چنڊ چهري
    اُنهيءَ سِجَ مُکڙي
    جي ڳولا ۾ نڪري ويو

    ۽ مان
    جيڪو هُن جي ئي چهري جيان
    ۽ هُن جي ئي نالي جيان
    ۽ هُن جي ئي پاڇي جيان
    هُن سان چنبڙيو رهيس
    سو جدا ٿي ويس!

    هاڻ ساڳي گهٽيءَ جي مُهڙ تي بِهي
    سوچِيان ٿو ته ’مان
    گهر وڃان؟
    ڪهڙي مُنهن سان وڃان!
    متان
    آرسيون مون کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان انڪار ڪن!‘


    ڏات اَمر آهي!

    ڏات اَمر آهي!

    نينهن نگر آهي،
    پرهه پهر آهي.

    تنهنجي سارُوڻي،
    سفر سمر آهي.

    يارَ ته رت رُئندا،
    کِلندو کر آهي.

    مِٽيءَ جو ڏيئو،
    شمس قمر آهي.

    لڙڪ ڦڙو ڳل تي،
    اٿر پٿر آهي.

    وسنديءَ ۾ منهنجو،
    ڪهڙو گهر آهي؟

    ”امداد“ نه هوندو،
    ڏات اَمر آهي.

    هيڪل ناهيان مان،
    ورهه وڳر آهي.



    برسڻ بن بادَلَ!

    برسڻ بن بادَلَ!

    برسڻ بن بادَلَ، ڪالهه لنگهي ويا ڪيترا!

    پياسا ئي رهجي ويا، اَلا ترايون تَلَ
    کُوهر کنڊر ٿي ويا، پٿر ٿي پيا پَلَ
    هرڪنهن ماڻهوءَ جي مٿان، کُورن کاڻي کَلَ
    ڪالهه ته ڪيڏي هيج مان، کاڌي انگ اُڇَلَ
    اَڄُ ته سِجُ مٿي مٿان، پيرين ڌَرِ تَتَلَ
    ملير موٽي مارئي، آس اها اَڻجهَلَ
    ڪيئن لنگهيا هوندا اَلا، پاڻياريءَ جا پَلَ
    ويڙهه وڃي ته کڻي وڃي، لِينگها لِينگها ڳَلَ

    برسڻ بن بادَلَ، ڪالهه لنگهي ويا ڪيترا!




    هڪڙي ويران گهر کي ڏسي

    هڪڙي ويران گهر کي ڏسي


    آءٌ اهڙي جاءِ آهيان
    جنهن جا در دريون ڪڏهوڪا
    جهاڙ ۽ فانوس
    پڙدا ۽ ڪٻٽ
    آرسيون
    ۽ آرسين جا اولڙا
    وچ چونڪ تي وڪجي چڪا!

    آءٌ اهڙي جاءِ آهيان
    جنهن جي رهواسين جي ردي خواهشن
    ڪنهن خزاني جي هوس ۾
    فرش جي سِر سِر اُٿوڙي
    درز درز آهي اُکوڙي!

    هاڻ ڇاهي؟
    ڇِتِ تي چمڙا ٽنگيل
    هاڻ هر ديوار تي ڇيڻا ٿُڦيل!


    نئون روپ

    نئون روپ



    سامهون ميز تي هوءَ تنهنجي ”مِرر“ ۾ تصوير
    مون کي چيڙائي پئي
    مون کي گهوري پئي نفرت جي نظر سان مُرڪي
    منهنجي غربت جو اُڏائي ٿي مذاق
    ۽ پئي ياد ڏياري اُهي الفت ناما
    جيڪي تو خونِ جگر ساڻ لکيا هئا مون کي
    جن مان ڪنهن سينٽ جي خوشبو ٿي اڃا تاءِ اچي
    تو لکيو هو ته: تون مون ساڻ محبت ٿي ڪرين
    مون کي چاهين ٿي ۽ ڀڳوان جيان پوڄين ٿي
    منهنجي تصوير کي تون روز ٿي گُل ڀيٽ ڪرين

    تو لکيو هو ته تون
    دنيا کان ڊڄين ٿي نه انهن رسمن کان
    ٻيڙِيون پير ۾، جي ڳَٽُ ڳچيءَ ۾ آهن

    تو لکيو هو ته ڪڏهن
    تنهنجي پيرن ۾ ڪا زنجير جي پاتي به وئي
    ته اُها ٽوڙي هلي اينديين ٻانهن ۾ سندم
    پوءِ هٿ هٿ ۾ ڏئي دُور هليا هلنداسين
    ريت ۽ ڪُريت جي جهڳڙن کان پري
    ها انهيءَ ديس ۾ جت پيار ڪرڻ پاپ نه پُڇ
    ها جتي خاص نه عام آهه نڪا جهَلَ نه پَلَ
    نينهن نپجن ٿا جتي
    سڀڪا پرينءَ کي ٿي پَسي!
    ها جتي صرف محبت ئي محبت آهي
    نه ڪو شڪوو نه شڪايت آهي
    نه ڪو ڪنهن دل کي جدائيءَ جو ستم سَهڻو پوي
    نه ئي پيرن ۾ ڪا زنجير نه ڪو ڪنڌ تي ڪات
    نه ڪو ڪنهن جسم کي قيد
    نه ڪو ڪنهن چهري تي داغ-

    ليڪن اڄ
    مرمرين1 جسم تي ڪمخواب ۽ ريشم جو ڪفن
    تنهنجو هٿ آهه ٻئي جي هٿ ۾
    تنهنجي پيرن ۾ پيل سون جي زنجير آهي!






    ________________________________________
    1 “Mirror”، پنهنجي دور جو هڪ مشهور آرٽ پيپر تي ڪراچيءَ مان نڪرندڙ انگريزي رسالو،جنهن ۾ وڏ گهراڻن نون پرڻيل جوڙن جا فوٽو به ڇپيا هئا.


    آ ته هڪ ڀيرو وري....!

    آ ته هڪ ڀيرو وري....!


    آ ته هڪ ڀيرو وري وڇڙي وڃڻ لاءِ ملون

    پوءِ هڪٻئي جي متان شڪل به وسري نه وڃي
    آ ته هڪ ڀيرو وري وڇڙي وڃڻ لاءِ ملون
    هيءَ سڀاڳي ۽ سدوري گهڙي گذري نه وڃي
    آ ته هڪ گيت لکي ڦاڙي ڇڏڻ لاءِ ملون
    آ ته گنگهور انڌيرن کي اُجالا بخشيون
    ڏِيي وانگي ئي سڄي رات جلڻ لاءِ مِلون

    آ ته هڪ ڀيرو وري وڇڙي وڃڻ لاءِ ملون

    ڳَلَ تي ڳَلُ رکي ساهه کڻڻ لاءِ ملون
    آ ته اکڇنڀ جي لئه پاڻ ٻئي هڪ ٿي وڃون
    اَڻمَيا سُور سلڻ، پُور پلڻ لاءِ ملون
    پهرئين ڀيري ملڻ وانگي ملون ڪوڙ ڪري
    آ ته هڪٻئي کي وري دوکي ڏيڻ لاءِ ملون
    ٿورڙي دير سهي رَتَ رئڻ لاءِ کِلون

    آ ته هڪ ڀيرو وري وڇڙي وڃڻ لاءِ ملون!




    کُٽڪو

    کُٽڪو


    جوانيءَ جي راهن تي هرهڪ قدم
    جهومندا ڳائيندا
    کِلندا ڪُڏندا
    مُحبت جي هرڪنهن ستم کان
    جفا کان
    ۽ هر درد کان بي خبر
    اي حسين ۽ جوان شاهزادو
    هٿن ۾ ڏئي هٿ هلو ٿا، هلو- پر
    اهو ياد رکجو
    ته اڳتي
    الائي ڪڏهن
    ۽ الائي ڪٿي
    ڪئين موڙ ايندا
    ۽ وڇڙي وڃڻ جا هزارين ئي حيلا بهانا به پيدا ٿي پوندا
    سڃاڻون اکيون اڻ سڃاڻون ٿي وينديون
    ۽ ڀڳڙو ٻه ڦارون ٿي ويندو!


    اڄ لکڻ لاءِ!

    اڄ لکڻ لاءِ!



    اڄ لکڻ لاءِ ڪجهه گهڻو ناهي
    بس رڳو ايترائي لفظ آهن
    ته اسين انڌ جو وٺون پاسو
    اَسُوِيڪار نياءُ کي ڪريون
    هُو چوي ٿو، اهوئي چاهي ٿو
    ٺاهه ڪيڏا ٺڳيءَ جا ٺاهي ٿو
    سَچَ سان ڪُوڙ سينو ساهي ٿو
    ڪنءَ گِري ٿو
    ۽ ڪنءَ نه باهي ٿو!


    تنهنجي سارَ!

    تنهنجي سارَ!


    سجرا گجرا پائي
    لالي لب تي لائي
    ڪجرارن نيڻن سان
    مينديءَ رتڙن هٿڙن سان
    کنهبا ويس وڳا پهري
    تنهنجي سُرهي سارَ
    اڱڻ ۾ بيٺي آهي کولي وارَ!


    قسمت جو تارو!

    قسمت جو تارو!


    وقت به ڄڻ
    گهاٽو ٻيلو آهي
    اِن ٻيلي ۾
    ڏينهن به جهڙو رات آهي
    روشني به ڪا آهي ته بگهڙ جي اک ۾ آهي
    اُن اک ۾ ڌوڙ وجهي نڪري به وئين
    ته اڳيان هر گس گهات آهي
    ڏکڻ اتر
    اولهه اوڀر
    تنهنجي لئه بس مات آهي
    پر جي توکي مَتِ اچي
    يا سگريٽ جي ٻاڙ لڳي
    ته پوءِ
    تنهنجي کيسي ۾ باڪس آهي
    اُن جي هڪڙي تيلي ٻاري
    ساري ٻيلي کي باهه لڳائي
    ۽ اُن مان سگريٽ دُکائي
    سُوٽا هڻندو
    رمندو وڃ
    رمندو وڃ
    چار ڏِسائون
    تيز هوائون
    پاڻهي وينديون رَکَ اُڏائي

    ٻيلي جي هُن ڀَر
    دريا آهي
    اُن کي به پريون ڪنارو آهي
    پر اُن کان پهرين
    ترار ڪنان به تکو هڪ ڌارو آهي
    اُن ڌاري ۾
    جي تنهنجو رُخ اوڀارو آهي
    ته پوءِ
    تنهنجي مُٺ ۾
    تنهنجي قسمت جو تارو آهي!




    4 مارچ 1967ع

    4 مارچ 1967ع


    رات جي تارن ڏٺي
    ڏينهن جي سورج ڏٺي
    لان جي
    مينديءَ رتي ريٽي مِٽي

    ڪاري ڏامر جي سڙڪ تي
    هو جمالو ڳائيندي
    ڇير کي ڇرڪائيندي
    هِيرَ ٿي نچندي وئي
    گيت ٿي هرڪا گهٽي
    تنهنجي سيني ۾ ٽڙي پيا
    آس جا سورج مُکي
    اي سنڌ يونيورسٽي!

    تهه سياري ۾ به هيءَ رت جي لڪيرَ
    هَٿُ لائي ڏس ته ڪيڏي گرم آ
    رات جي انڌي نگر ۾
    جيل تائين
    هيءَ نئين تازي لهوءَ جي بُوند بُوند
    مشعلن جو ڄڻ جلوس
    سنڌ جي شاگرد جو روشن لهو
    سنڌڙيءَ جي سينڌ جوسِندُور آ
    جندڙيءَ جِي سُونهن جو سينگار آ!


    وقت تي

    وقت تي


    چُني ستارن جي اوڍي
    رات هلي آئي
    پنهنجي پوري وقت تي!

    لال گلابي پهرڻ پهري
    مند ڀلي آئي
    پنهنجي پوري وقت تي

    ڦلڻن ڦلڻن پيرن لئه
    سندءِ ڳلي آئي
    پنهنجي پوري وقت تي!




    اڄ ۽ ڪلهه

    اڄ ۽ ڪلهه


    اڄ جو مون
    هُن کي هُن جي نالي ساڻ سڏيو
    هُن آکيو:
    ”مِسٽر! مون کي مسز...فلاڻي چو!“

    ۽ مون سوچيو
    هڪڙو ڀيرو
    هُن آکيو هو:
    ”معاف ڪجو! مون کي منهنجي نالي ساڻ سڏيو!“
    ائين چئي هُن پنهنجن وارن کي جهٽڪيو هو
    ۽ هن جو پانڌ وڃي ڪنڊن سان اٽڪيو هو
    ۽ منهنجو من ڀٽڪيو هو!
    مان ڪنڊن سان الجهيو اٽڪيو هوس
    هُن جو پاند ڇڏائيندي
    سا ڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر جي پهرئين بُل تي
    رَتَ- ڦڙو چمڪيو هو
    جيڪو هُن جي سينڌ ۾
    سِندور بڻيو هو!
    ۽ پوءِ اسان
    تيئن ڪيو هو
    جيئن وڻيو هو!

    ڪلهه هوءَ مون سان اِنءَ ملندي هئي
    ندي ملي جنءَ ساگر سان
    اڄ هوءَ ايئن اچي ٽڪرائي
    مٿو لڳي جنءَ پٿر سان!


    ساهن جي خوشبو

    ساهن جي خوشبو


    جن اکڙين ۾ صحرا جا آهُو،
    تن اکڙين ۾ آنسو ئي آنسُو.

    منهنجون اکڙيون سانوڻ جو سنڌو،
    ڪير ڪري هن دريا کي قابُو.

    بدبُودار هوائن ۾ آهي،
    تنهنجي منهنجي ساهن جي خوشبُو.

    رات ڀلاري آهي، ڇوڙي ڇڏ،
    منهنجي ٻانهن تي پنهنجا گيسُو.

    هي تنهنجي جوڀن جو اسم اعظم،
    او جادوگر ڏيکار ڪو جادُو.

    ماٺ ڪري بي موت مري وڃ،
    جيون اٿئي آنسُو ئي آنسُو.




    سُور سوين ساماڻا!

    سُور سوين ساماڻا!



    سارو لوڪ سياڻو آهي،
    آهيون پاڻ اَياڻا سائين!

    راڻا بڻجي ويا اگهامي،
    ڪوجها توڻي ڪاڻا سائين!

    ناتر تي ئي هِرکي پوندا،
    ڪهڙا مومل ماڻا سائين!

    ڪچ کي ڪَچُ چوڻ جي سچ ۾،
    نڪري ويندا ڌاڻا سائين!

    تيل پيو تِر تِر مان نڪري،
    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهاڻا سائين!

    ڪَوِي چوي هن ڪَوِتا لکندي،
    سُورَ سوين ساماڻا سائين!



    تارن ڳاتو ڳيت!

    تارن ڳاتو ڳيت!


    چانڊوڪيءَ جي ساز تي، تارن ڳاتو ڳيت،
    ٻنهي ڪنارن ٿي ٻڌو، لهريلو سنگيت.

    مان ڳوٺاڻو نينگرو، آوارا رولاڪ،
    هيڏي ساري شهر ۾، ساٿي، دوست، نه ميت.

    هيڪل هيڪل هانو آ، اُن ۾ تنهنجي هِڪَ،
    ڇاتيءَ ۾ ڪا ڇيت ٿي، ڇيڙي سُر سنگيت.

    تن گُل، من گُل او پرين، دُهرو آهي داءُ،
    پؤن سَٽ ڇَڪو هڻ کڻي، ٻنهي جُڳن کي جيت.

    مَکيل چکيل آواز ۾، هڪڙو صاحبلوڪ،
    چئي پيو اسٽيج تي: ايءَ نه مارن ريت!

    دُونهين ۾ سگريٽ جي، ويڙهيل سيڙهيل آءٌ،
    تنهائيءَ جهڙو نه آ، ڪوئي ڪنهن جو ميت.




    نئون نسل

    نئون نسل


    اماس رات ۾
    چاسينگر(1) جي پويان
    ننڊاکڙين اکڙين وارا
    جيڪي
    نينگرڙيون ۽ نينگرڙا
    نڪري ويا هئا
    سي
    نينگرڙيون ۽ نينگرڙا
    اوندهه جو هر گهيرو ٽوڙي
    هرڪا سرحد اُڪري ويا هئا
    دوکي جي ديوار اورانگهي
    سورج بڻجي اُڀري پيا هئا!




    ________________________________________
    (1) چاسينگر – کُڙ کُٻيتو،ٽانڊاڻو


    وڻڪاري مهم

    وڻڪاري مهم


    اخبارن ۾ چالو آهي
    وڻڪاريءَ جي مهم
    ڪوڙين ٻوٽا پوکيا ويندا
    سائو ٿيندو ملڪ
    واتا ورَڻ به صاف ۽ سٿرو
    ٿيندو، اهڙيءَ ريت

    پر هيءَ جا منهنجي پاڙي مان
    وڍجي ويئي ٻير
    ٻُور جهلي پکيڙيندي هئي جا
    کٽي مِٺي سُڳنڌ
    کٽي مِٺي ٻورايل رُت ۾
    ٽِنڊريل ٻيرن ساڻ
    تنهنجي ڳاڙهي ڳِٽي جهڙا
    ڳاڙها ٻير ڳٽولَ
    جُنب لڳڻ تي ٻارن ڪارڻ
    ڇاڻيندي هئي ٻيرَ

    ها ها ساڳي ٻير جنهين ۾
    رِبن ٻڌي هئي پاڻ
    کن اَکن لئه اکيون پوري
    دعا گهري هئي پاڻ

    ڌرم نه ڪنهن کان دين پڇيائين
    ساڳي سڀني لاءِ
    نِٽهڻ اُس ۾ پانڌيئڙن لئه
    ٿڌڙي ٿڌڙي ڇانوَ
    پنڇي پنهنجن آکيرن ڏي
    ورندا هئا هر شام
    پرهه پکيئڙن پرڙا کولي
    ڇا ته لنوي ٿي لات!

    هاڻي ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي
    آهه کُتل هڪ لاهه
    هاڻ جڏهن به لنگهان ته پري کان
    خالي ڄڻ ڪئنواس
    اکڙين منجهه کُپي ويندو آ
    ننگو ننگو ڏيک

    اخبارن ۾ چالو آهي
    وڻڪاريءَ جي مهم
    پر هيءَ جا منهنجي پاڙي مان
    وڍجي ويئي ٻير
    ٻُورُ ۽ ڇانوَ به ڪپجي ويئڙا
    اُڏري ويئڙي لات!



    ٻولَ ٻَڌو ڙي

    ٻولَ ٻَڌو ڙي


    هانءُ ٺڪر جو ٿانءٌ نه آهي
    ٿاريلن لئه پوءِ به ٿڌو ڙي
    توڙي جو ٿِرٿانءُ نه آهي
    ٻاٻاڻن جي ٻولَ ٻَڌو ڙي!



    واپسي

    واپسي


    مون اَڀاڳي جي اُها حالتِ زار آهه اي دوست
    جنءَ مسافر ڪو ٿڪي واٽ تي ويهي ڪجهه دير
    دم پٽي منزلِ مقصد جا ڏسي خواب حسين
    راهه ويران جي صعوبت کي وسارڻ ڪارڻ
    دلِ مايوس جي جذبن کي جيارڻ ڪارڻ

    ها انهيءَ منزلِ مقصد جا حسين خواب اي دوست
    جت سندس ماءُ هجي، پيءُ هجي، ڳوٺ هجي
    ساڳيا دوست هجن ساڳيو ماحول هجي
    جِت سندس ’ناز‘ هجي پيار جا افسانا هجن

    ها اُها ماءُ جا هن لاءِ وساڻل اکڙيون
    صرف ان آس تي ٻاريندي رهي صبح ۽ شام
    ته سندس نورِ نظر جنگ تان موٽي ايندو
    ۽ اچي هن جي ٻُڍاپي کي جواني ڏيندو

    ۽ اُهو پيءُ جو هر درد وساري دل تان
    آسرو لٺ جو ڇڏي جوش ۾ ڏڪندو ڏڪندو
    پنهنجي ڪمزوريءَ کي بلڪل نظرانداز ڪري
    هُن جي ڇاتيءَ سان لڳي ڪجهه به نه ڪڇندي، هُن جي
    زخميل نرڙ کي چُمندو ۽ پُٺي ٺپريندو

    ۽ اُهي دوست جي ڄاتل ۽ سڃاتل هوندا
    سانورا سانورا مغرور بهادر سرڪش
    هُن جو دهلن ۽ ڌمامن سان ڪندا استقبال
    هو جمالو چئي ۽ مست ٿي هڻندا جهمريون

    ۽ اُها ناز جا ننهن چوٽي رڳو ناز ئي ناز
    واسِيل وار سندس هجر جي راتين کان دراز
    تيج مکڙي تي اُهو، سِڄُ سڀاڻي جو ڪري

    شوخ شرميلي اَلهڙ روپ وتي البيلي
    چوڙِيون ٻانهن ۾ اکين ۾ ڪجل چپ تي تِرُ
    جنهن جو شاداب بدن حسن محبت جو وطن
    ڪيف مستيءَ جو طرب، رنگ ۽ خوشبو جو چمن
    جنهن جي ٻانهن ۾ اچڻ لاءِ فرشتا ٿا سِڪن
    جنهن جي قدمن کي چمڻ لاءِ ٿي ڌرتي ڌڙڪي
    ڳيت ڪو ڳاءِ ته قدرت همه تن گوش ٿئي
    رقص فرماءِ ته مستيءَ ۾ نظارا جهُومن
    ناز مان مُرڪي نهاري ته ستارا مُرڪن

    جنهن جي هڪ مُرڪ جي لئه روئي ٿو عالم سارو
    ها اُها ناز جا سرتاپا تبسم آهي
    هُن جي اوسيڙي ۾ ڇت تي وڃي رُوندي هوندي
    ها اُها ناز جا سرتاپا ترنم آهي
    مُنهن وِهاڻي ۾ ڏئي سُڏڪا ڀريندي هوندي

    هُن جي آمد جو ٻُڌي ڳيچ مڌر ڳائيندي
    ۽ سندس ڪنواريون تمنائون وري ڪر موڙي
    ڪنهن نئين ڪنوار جيان پاڻ کي سينگارينديون

    رات ايندي ته اڪيلي ئي اڪيلي بي خوف
    هار سينگار ڪري هُن سان ملڻ ايندي جڏهن
    سندس اکڙين تي لِڪي يا ته وڃي هٿ رکندو
    اوچتو هائوُ ڪندس يا وڃي ڀاڪر وجهندس
    ته سندس مُنهن تي اچي ويندو سڄي جسم جو خون
    پوءِ دُهلن جو ۽ شرناءِ جو هلڪو آواز
    ماٺ چيريندو ڪنن ۾ اچي رس اوتيندو
    هر طرف ڳيچ سهاڳن جا ٻڌڻ ۾ ايندا
    ڇوريون ناچ ڪنديون پاءِ نڪن ۾ ڦليون
    لهر لهرائبا مينديءَ رتا هٿڙا هر سُو
    وري هڪ جيڏا ڪندا گهوٽ تان ٽوڪُون ٽهلُون


    پوءِ جڏهن منزلِ مقصود تي سرمستيءَ ۾
    جهومندو ڳائيندو کلندو اچي پهچي ته ڏسي
    نه اُهو ڳوٺ نه سا ماءُ نه سو پيءُ نه دوست
    نه اُها ناز نه الفت جا اُهي افسانا
    مينديءَ جي رنگ جي بدلي ۾ رڳو خون ئي خون
    صاف ۽ سُرهي هوا ۾ رڳو باروت جي بُو


    هر طرف لاش ۽ لاشن تي ڪُتا ڪانگ ڳجهون
    پوءِ هر لاش اکيون ڦاڙيندو ڏسندو ڏسندو
    رائفل ساهه سان گهليندو ۽ ٿِڙندو ٿِڙندو
    سارو سَتُ سوري اُتي پهچي جتي پاڻ ۽ ناز
    رات اکين ئي اکين منجهه وِهائيندا هئا
    ۽ اُتي پهچي ڏسي رت ۾ ٻُڏل ناز جو لاش
    پوءِ هو ڪجهه به نه سوچي ۽ ڏسي ڪجهه نه سگهي
    اوچتو اوچتو خاموشيءَ جو سينو چيري
    هڪ ٿري ناٿ ٿري گوليءَ جو سُڏڪو اڀري!



    تنهنجو وجود

    تنهنجو وجود


    زندگيءَ جو سفر طويل سهي
    تنهنجو هٿ ڪيترو نه نرم آهي
    ههڙي يخ بسته شب ۾ تنهنجو وجود
    دلگداز آهه گرم گرم آهي



    ۽ ترائيل لکئي....!

    ۽ ترائيل لکئي....!


    مون مٿان رُوندي سوين مينهن لنگهي ويا آهن
    اَکِ ۾ رَکَ ٿيو آ پيو هرڪو ڳوڙهو
    ۽ ترائيل لکئي ڏينهن لنگهي ويا آهن
    مون مٿان رُوندي سوين ڏينهن لنگهي ويا آهن

    ڄڻ ته ٻيلي مان بُکيا شينهن لنگهي ويا آهن
    وَڻَ جي ٿُڙَ جيان ساهه ۾ آهيان سوڙهو
    مون مٿان رُوندي سوين مينهن لنگهي ويا آهن
    اَکِ ۾ رَکَ ٿيو آ پيو هرڪو ڳوڙهو!



    مان ڊٺل ئي سهي!

    مان ڊٺل ئي سهي!


    مان ڊٺل ئي سهي، اُجڙيل سهي، کنڊرئي سهي
    ٿورڙي دير جي مون ۾ اچي وسرام ڪرين
    مان سڄو اُڃَ سهي، رُڃَ سهي، بَر ئي سهي
    مان ڊٺل ئي سهي، اُجڙيل سهي، کنڊرئي سهي

    هڪڙي سُنسان گهٽيءَ منجهه ڦريل گهرئي سهي
    ڇو نه ڪجهه ٿَڪُ پڇين، ٿورڙو آرام ڪرين
    مان ڊٺل ئي سهي، اُجڙيل سهي کنڊرئي سهي
    ٿورڙي دير جي مون ۾ اچي وسرام ڪرين






    لهجو

    لهجو


    چوان ٿو آءٌ اُداس ۽ نراس لهجي ۾:
    ”اچي وڃي به ڪڏهوڪو چُڪي گلاب جي رُت!“
    چوي ٿي هوءَ پراُميد نرم لهجي ۾:
    ”رچي وئي مگر آهي نفس نفس خوشبو!“



    زندگي ايش- ٽري جيان آهي

    زندگي ايش- ٽري جيان آهي


    زندگي ايشِ ٽري جيان آهي
    ٻاهران صاف ۽ اڇي اُجري
    ۽ منجهاران ڪساريل گندي

    دوستي زهر جي سمان آهي
    جنهن کي امرت چئي پيون ٿا پيا
    ڪوڙ کي سچ مڃي جيون ٿا پيا

    روشني بس رڳو گمان آهي
    نه ته ڪرڻن سان قهر ڪهڙو ٿيو
    تون به ڄاڻين ٿو، مان به ڄاڻان ٿو

    شاعري وقت جو زيان آهي
    (وِشيه ڄڻ آهه وئشيا ڪائي
    قوم، ٻولي، ادب ٺلها نعرا)
    لفظ ڄڻ لاش ۽ ڪفن ڪاڳر
    ۽ رسالن جا پَڙ مٿن چاڙهيل!



    آئي مُند ملهار

    آئي مُند ملهار


    سهسين هار ڪري سينگار،
    وَهه وا آئي مُندَ ملهارَ!

    هير گلن سان لهي پئي لائون
    جيءُ ويو آهي جهُولو بڻجي
    جهُليو جهُليو جهُلان ٿي آئون
    گُلَ ٽِڙي پيا سُرَ ڇڙي پيا
    تاڙي لائي آهه تنوارَ!

    مُکڙين مُرڪي اَکڙيون کوليون
    جيءُ جهُڙالو ٿي ويو جاني
    ڪو وَلَ مِٺڙيون ٻوليون ٻوليون
    بجلي چمڪي پايل ڇمڪي
    گس گس ٿيئڙا گل گلزارَ!

    هئي آکين کي آسَ اهائي
    سانوڻ ايندو سانول ايندو
    باسي هئي مون باسَ اهائي
    مينهن اچي ويا رنگ رچي ويا
    ڇَنَ ڇَنَ ڇيرين جا ڇَمڪارَ!

    سهسين هارَ ڪري سينگارَ،
    وهه وا آئي مُندَ ملهارَ!


    پوءِ به هر فنڪار

    پوءِ به هر فنڪار


    جام جام ۾ ڀرجي ڀرجي زهر ملي پيو زهر،
    طاق طاق تي ڏيي ڏيي ۾ خونُ ٻري پيو خونُ!
    شهر شهر ۾ نگر نگر ۾ پوءِ به هر فنڪار،
    حسن عشق جو صفحي صفحي تي لکي پيو مضمونُ!




    او همراهي-!

    او همراهي-!


    سڄي ڳوٺ ۾ ڏِيا ٻَريا
    منهنجي مَنَ ۾ اونداهي
    چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ سڙي ويا
    منهنجا سڀئي دوست مري ويا

    آءٌ پڪاريندو رهجي ويس:
    ”او همراهي او همراهي“
    راهه نهاريندو رهجي ويس
    توکي ساريندو رهجي ويس

    منهنجون پُڪارُون روئنديون روئنديون
    اونداهي بن ۾ گم ٿي وينديون
    توکي اچڻو آهه نڪو تون ايندين!




    عشق به خواري آهي!

    عشق به خواري آهي!



    منهنجي توبهن منهنجي زاري آهي،
    تنهنجي ياري به ڪا ياري آهي.

    هِن طرف تنهنجي اکين جا الماس،
    هُن طرف تخت هزاري آهي.

    تنهنجي نيڻن جي تبسم جو قسم،
    رات مون روئي گذاري آهي.

    هڪ طرف تنهنجي اچڻ جو وعدو،
    ٻئي طرف زندگي ساري آهي.

    تنهنجي تارن سان ئي آهي آمد،
    تنهنجي تارن سان تياري آهي.

    زندگي آهه عزيزن کان عزيز،
    تنهنجي صورت به ته پياري آهي.

    راهه ۾ نيڻ وڇائيبا وڃن،
    هن طرف ڪنهن جي سواري آهي.

    چنڊ جو روپ، ڪرايُن ڪنگڻ،
    زندگي ڪيڏي نه پياري آهي!

    جنهن کي حاصل هو ڪڏهن رتبئه خاص،
    اڄ اُهو عشق به خواري آهي.

    زندگيءَ سان ڪا شڪايت نه ڪيم،
    جنءَ به گذري مون گذاري آهي.

    حيف آهي جو اُڃيو رهجي وڃين
    اڄ ته ”امداد“ بهاري آهي.



    ڪڏهن آءٌ هُن لاءِ....

    ڪڏهن آءٌ هُن لاءِ....


    ڪڏهن آءٌ هُن لاءِ سورج هئس
    هوءَ سورج مُکي
    اَڄُ او-ڪي چئي
    هُن ڏني جنءَ پُٺي
    تڏهن آءٌ هن لاءِ ڪجهه ڪونه هوس
    رڳو رَکَ جو ڍير هوس
    - ۽ پوءِ اوچتو
    - هوائون لڳيون
    رک اُڏاري ويون!


    ويساهه

    ويساهه


    ايندي ايندي
    سَڏوسَڏُ سڏيندي ايندي
    چَوڏس گُلَ ڇڏيندي ايندي

    ڇير پير ۾ ڇرڪائيندي
    دروازن کي کڙڪائيندي
    ماروئڙن کي مُرڪائيندي
    ٽار ٽار تي ڦُل ٽاڪيندي
    ايندي وَرَ کُنجهي واڪيندي
    ايندي وڻراهون واسيندي
    ايندي ڏيهه مبارڪ ڏيندي
    لاڙ، سري ۽ وچ کان ٿيندي
    نُورا پائي نچندي ايندي
    ايندي ايندي
    گهلندي هِيرَ ڏکڻ جي ايندي
    ٿيندي ٿيندي
    ڪينجهر ڪنءَ نه هِندورو ٿيندي!



    .... خونِ جگر آهي ڪٿي!

    .... خونِ جگر آهي ڪٿي!


    شاعريءَ جهڙو ڀلا اعليٰ هنر آهي ڪٿي،
    پارڪر مَس ۾ مگر خونِ جگر آهي ڪٿي!

    سمنڊ سارا مَس ڪيم، ڌرتي پَنو ۽ وڻ قلم،
    حال دل جو پوءِ لکيم، پر سربسر آهي ڪٿي!

    ڪو سڄي اَڱرين ڪڏهن موٽيو ڪلالن ڪُوءِ مان،
    اُن گهٽيءَ ۾ ڌڙ ڪٿي آهي ته آهي سَر ڪٿي!

    آهه شهه رڳ کان به ويجهو هُو مگر آهي ڪٿي،
    زندگي آهي سفر پر همسفر آهي ڪٿي!

    سر ڪرنگهر تي سدائين بار وانگي ڀاسِيو،
    سر سَٽيان جاتي وڃي سو سنگ در آهي ڪٿي!

    تون سِڌي ناهين ته تنهنجي سِينڌ پڻ ناهي سِڌي،
    تو ۾ وَر ناهي ته پوءِ واٽن ۾ وَر آهي ڪٿي!

    ’الف‘ سان الله، ايشور ’الف‘ سان انسانُ پڻ،
    هيترا سارا اکر ههڙو اکر آهي ڪٿي!






    ڪوشش ته ڪريون!

    ڪوشش ته ڪريون!


    ڇا ڪريون؟
    ڇا نه ڪريون
    آ ته گهاڻي جي انهيءَ گهُمري مان
    ڇرڪ ڀري
    ٿيڙجي نڪرون ٻاهر

    آ ڪريون
    آ ته ڪريون
    ها، آ ته ڪريون
    رائگان ئي سهي ڪوشش ته ڪريون

    هيءُ جو ڳَٽُ ڳچيءَ ۾ آهي
    آ ته اهو ڳَٽُ ڳچيءَ مان لاهي
    پار اَپار اُڪرُون
    آ ته سهي
    ها آ ته سهي
    يا ته اهو ڳَٽُ ڳچيءَ مان لاهيون
    يا ته سسي ڌار ڌريون

    آ ته هيءَ جند ڏئي سنڌ وٺون
    ڇرڪ ڀريون
    آ ته سهي
    ها، آ ته سهي
    رائگان ئي سهي ڪوشش ته ڪريون!



    چور آهيان نه

    چور آهيان نه


    چور آهيان نه آهِيان عاشق
    نه ڪوي ۽ نڪو ڪهاڻيڪار
    چنڊ آهيان نڪو ڏِيو آهيان
    نه وري ڪو ئي ڀاڳيو آهيان
    پوءِ به اونداهه ۾ اکيون ڦاڙيو
    مان سڄي رات جاڳيو آهيان!






    رهبرو! رهزنو!

    رهبرو! رهزنو!


    رهبرو! رهزنو!
    رهزنو! رهبرو!
    رَتَ جي آخري بُوند جي روشني گُل ڪريو
    ڌوڙ جو ٻُڪ ڀري چمڪندڙ اکڙين ۾ وجهو

    دوستو! دشمنو!
    دشمنو! دوستو!
    چنڊ جهڙي تمنا جي چهري تي دانگي مَليو
    هٿ ڀري هانوَ ۾ ٽوڪ جو تيز چاقو هڻو

    ساٿيو! قاتلو!
    قاتلو! ساٿيو!
    گيت گهُٽيو گلابن جا ڳاٽا مروٽي ڇڏيو
    خون آهي کٿوري نه لڪندو نه لڪندو ٻڌو
    رهبرو! رهزنو!
    دوستو! دشمنو!
    ساٿيو! قاتلو!



    تند ٻُري ٿي!

    تند ٻُري ٿي!


    تند ٻُري ٿي ڪجهه ته گهري ٿي

    گلَ گلابي ٻول انهيءَ تي
    هيرا موتي جهول انهيءَ تي
    هاٿي گهوڙا مال انهيءَ تي
    سونا روپا ٿال انهيءَ تي
    سونن سِڪن جهڙيون مُرڪون
    جهڙيون امرت رس جون سُرڪون
    بدن جهڙا سچا سُرَ
    گهوٽن کي پئي گُهوري گهُرَ

    تند ٻُري ٿي ڪجهه ته گهري ٿي
    تند ٻُري ٿي ڪنڌ گهري ٿي
    سڀ کان سڻڀو سَنڌ گهري ٿي
    ڏيل- ڏيي جي لاٽ مڱي ٿي
    ڳڀروءَ ڳاڙها ڳاٽ مڱي ٿي


    ري سيرائيءَ ساهه سُري ٿي
    اجرڪ تي ڄڻ پور ڇُري ٿي
    پر جي تنهنجي جند جهُري ٿي
    ڀتر وانگر ديهه ڀُري ٿي
    پوءِ توتي ڪابه ميار نه آهي
    تون ٻوڙو آن تون نه ٻڌين ٿو
    تون انڌو آن تون نه ڏسين ٿو
    ۽ اکڙيون مُک تي مکڙيون
    ماڻڪ آهن موتي آهن
    اونداهيءَ ۾ جوتي آهن
    هينئڙي هيج انهن سان آهي
    مُک تي تيج انهن کان آهي
    ۽ جنهن مُک تي اَکِ نه آهي
    يا ان مُکَ تي اَکِ ته آهي
    پر ان اک ۾ پاڻي ناهي
    اُن جو مُلهُه ته ڪَکِ به ناهي!



    منهنجو ڳوٺ

    منهنجو ڳوٺ


    رُکي مانيءَ جهڙو ڏينهن
    جهيڻي ڏيئي جهڙي شام
    خالي ٿالهيءَ جهڙي رات
    سارا تارا اُن ۾ سَلَ

    پير به ننگا پُٺِ به ننگي
    اهڙو منهنجو آهي ڳوٺ
    هرڪنهن سڏ تي جيءُ چوي ٿو
    پوءِ به ٻوڏ ۽ ڦوٽ ٻڌي ٿو!



    مانُ اپمانُ

    مانُ اپمانُ


    ايڏو ڇالئه آڌر ڀاءُ
    ايڏي اُڻ تُڻ
    هيڏي هُرکُر
    ايڏي آترويلا آخر ڇاجي لاءِ؟

    آءٌ نه ڪو رِشي مُني
    ڀڪشو ۽ نه فقير نه سنت ولي

    ٻيو سڀ آهي ڪوڙ ڌوڙ
    سَچُ اهوئي آهي
    نوٽن جي مُٺ ساڻ ڀلا ڇا ڀرجي سگهندو من جو گهاءُ!
    تون جسم وڪڻندي آهين
    مان شعر وڪڻندو آهيان
    منهنجو ايڏو مانُ نه ڪر
    منهنجو هنءَ اپمانُ نه ڪر!


    دُکي رهيا هُئاسين رات

    دُکي رهيا هُئاسين رات

    دُکي رهيا هُئاسين رات
    آءٌ، اڪيلائي، سگريٽ
    رَکَ ٿيا پئي پَلَ
    دُونهن اکين ۾ آيو
    ۽ مون لڙڪ اُگهي ورتا
    ڦِڪو مرڪي به ورتو
    هاڻي ڇا ڪريان؟
    آهه ڀريان!
    ڦلو ڇنڊيان؟
    ڪجهه به ڪرڻ جي هُرکُر ڇو؟
    هن دنيا ۾
    ڪيئي اهڙا ماڻهو آهن
    جن جڏهن به چاهيو
    بٽڻ دٻائي ورتو
    بنان ڪجهه به ڪرڻ جي
    آهه ڀرڻ جي
    جيئن به چاهيو
    جو ڪجهه چاهيو پائي ورتو
    سنڌي ٻوليءَ جي نعري ۾
    لفظن جو ڳوڙهو ڳاڙي ورتو
    ڪُوڙا سُوڙا ٺپا ٺاهي
    جو چاهيو اوڳاڙي ورتو!


    آءٌ لڙندس!

    آءٌ لڙندس!


    رَتَ جي آخري ڦڙي تائين
    آءٌ لڙندس
    اهو لڙڻ منهنجو
    سِجَ وارو لڙڻ ته هوندو ڪونه!


    توکان پوءِ!

    توکان پوءِ!


    توکان پوءِ
    پنهنجي گهر جي آڳر مان
    اونهاري ۾
    سو نِم جو وڻ وڍجي ويو
    جيڪو ڏاڏا پوکيو هو
    جنهن تي تو مون
    پينگهه لُڏي هئي
    ڏاڪ چُماڻي راند رهي هئي!

    توکان پوءِ
    تهه سياري
    وسندي پاري
    پنهنجي گهر جي اُترين ڀِتِ
    مٿان اسان جي
    ڊهي پئي هئي!


    سِنڌ جي سَڏَ تي

    سِنڌ جي سَڏَ تي


    سنڌ جي سَڏَ تي، سَڏُ جيڪو نه ڏي
    ڪوڙِهيو ٿي مري

    سو اَمر ٿي وِيو، ڌار سر ڌڙ ڌري
    ويو اَڏيءَ کي اَڏي

    ڏاڍ جي ڏيهه ۾، ويهه گوڏو گڏي
    پل نه ٿي تون پري

    ڏُور ڏس ڌُنڌ ۾، ڪو ڏِيو ٿو ٻري
    پاڻ ڏي ٿو سڏي

    سِرُئي ساڻ کڻ، آءُ سڀڪجهه ڇڏي
    پنڌ آهي پري

    ماٺ جي ڏيهه ۾، ڏاڍِيان رڙ ڪري
    سَڏَ ۾ سَڏُ ڏي!

    سنڌ جي سَڏَ تي، سَڏُ جيڪو نه ڏي
    ڪوڙِهيو ٿي مري!




    گيت لکڻ نٿو چاهيان!

    گيت لکڻ نٿو چاهيان!


    آءٌ جيڻ نٿو چاهيان،
    رُئڻ کِلڻ نٿو چاهيان،
    قيد رهڻ نٿو چاهيان،
    گيت لکڻ نٿو چاهيان،
    سَچُ چوڻ نٿو چاهيان،
    ڪوڙ ڪرڻ نٿو چاهيان،
    مون کي ماري ڇڏ او جندڙي!
    مون کي ماري ڇڏ او جندڙي!
    مون کي ماري ڇڏ او جندڙي!
    مون کي ماري ڇڏ او جندڙي!
    مون کي ماري ڇڏ او جندڙي!
    مون کي ماري ڇڏ او جندڙي!


    ڪُونج ڪُرلائي پئي

    ڪُونج ڪُرلائي پئي



    اڄ وري اُتر ڪنان ڪا ڪُونج ڪُرلائي پئي
    ٻاٽ آهي واٽ اُن ۾ لاٽ ڪا جرڪي پئي
    روح ۾ مينديءَ رتي خوشبو وئي آ اوتجي
    لال ۽ کنهبي لهوءَ ۾ لات ڪا لڇندي وڃي
    ڪربلا جي واقعي جا پار ٿي پڇندي وڃي

    ڇا چوان هر لفظ آهي تير ڪو منهنجو نِڙيءَ مان آرپار

    هوءَ اُفق تي آ شفق يا موڙ ٿو قاسم ٻڌي
    هُو گلابي گل ٽڙيا، يا آهه لالڻ جو لباس
    چنڊ چوڏهينءَ جو چڙهيو يا آ چڙهيو دُلدُل سُوار

    هي ستارا ڪيم ڀانئج هي اٿئي ابهم علي اصغر جا ٽهڪ
    ٽهڪ جي گُهٽجي ويا هڪ هڪ ستارو ٿي ڇِڳو
    رات ڪارو ويس پاتو ۽ وئي ماتم ڪندي
    لڙڪ روئي ماڪ جا!

    سِڄُ اُڀريو يا گلابي گهاءُ آهي گهوٽ جو
    ۽ تتل ڌرتيءَ مٿان آهي رڳي رت جي رَئي

    هنج ٿا موتي چُڳن ۽ مڙد ٿا پِڙ کي پڇن
    جنگ جو نالو ٻڌي ڪانئر پيا ٿر ٿر ڪنبن

    پِڙ مٿي پرزا ٿيڻ ابنِ عليءَ کان ڪو سِکي
    رِڻَ ۾ لائون لهڻ ابنِ عليءَ کان ڪو سِکي
    سِر ڏئي سَرهو ٿيڻ ابنِ علي کان ڪو سِکي


    هيءَ آکاڻي لکي جيڪو، اُهو
    سِر ڪري پنهنجو قلم
    مَسُ بدران رَتَ ۾ ٻوڙي لکي!



    وَڙُ- ڪُوَڙُ

    وَڙُ- ڪُوَڙُ


    مون کان ئي ماچيس ڳِنهي
    مون کان ئي سگريٽ پِني
    ڏندن ۾ ڦاسائي
    تيلي ٻاري
    سگريٽ کي ڏيکاري
    ڪَش تي ڪَشُ هڻي
    ڦُلوڇنڊي ويو
    ڪوئي منهنجي اک جي تاري تي!


    آئيني کي جاڳايان!

    آئيني کي جاڳايان!


    اونداهيءَ ۾ تيلي ٻاري، آئيني کي جاڳايان!

    وٽ کي سوري، ڏات ڏيي ۾، رَتُ به هاري
    تيلي ٻاري
    آئيني کي جاڳايان!

    پور پور مان، نَسَ نَسَ مان، سڀ سَت ساري
    تيلي ٻاري
    آئيني کي جاڳايان!

    جيسين سورج برف پگهاري، پاڻ پگهاري
    تيلي ٻاري
    آئيني کي جاڳايان!

    نيڻ نچوئي،پساهه سوئي، سَگهَه سنڀاري
    تيلي ٻاري
    آئيني کي جاڳايان!

    جيسين سورج اُڀري تيسين،پاڻ به ماري
    تيلي ٻاري
    آئيني کي جاڳايان!

    تيسين جاڳان، جيسين تِڙڪو ٻار اُٿاري
    تيلي ٻاري
    آئيني کي جاڳايان!


    هَٿَ رسن ۾!

    هَٿَ رسن ۾!



    رَسُ رچي ويو چنگ چڙن ۾،
    مارُل ساڳي ڪوٽ ڪڙن ۾.

    جيون آهي ڪارو چڪر،
    پير ڪاٺ ۾ هَٿَ رسن ۾.

    ڪهڙو پنهنجو حال پڇو ٿا،
    اک تي کوپا ميڻ ڪنن ۾.

    ڪالهه هئو جو منهنجو پنهنجو،
    اڄ بيٺو هو سو به انهن ۾.

    آءٌ به جهڙو ڪورو ڪاڳر،
    اک ۾ لڙڪ نه دانهن چپن ۾.


    جيءُ وجهه نه جهوراڻي!

    جيءُ وجهه نه جهوراڻي!


    کِنوڻ کِنواءِ پئي ڏانهن ڏيهه ڏاڏاڻي،
    نه ڪُسڪ هٿَ ڪڙي ڀور ڀور ٿي هاڻي.

    لڄاءِ پَٽَ پٽيهر ڏسي نه لوئيءَ لَڄ،
    سُڌير ٿيءُ ائين جيءُ وجهه نه جهوراڻي.

    اُٺا ملير مٿان مينهن، ٻول ٻاٻيها،
    پلر پِئي ته جِئي مُلڪ مُرڪندي ماڻي.

    چَڳون به چِيڙ ڀلي هوُنِ، ليڙ لوئي هوءِ،
    خلاص بندَ ٿِيا ڪنهن به ٽِڙڪندي ٽاڻي.

    ڪُريت ڪِيمَ ڪجئين، سونَ تي نه مَٽجئين سيڻَ،
    وڃڻ ته آهه اَوَسُ اڄ سُڀاڻ ٻاٻاڻي.

    ملير ڏانهن مِڙوئي مُهاڙ ڪج ”امداد“،
    الاءِ خاص خبر ڪير اوچتو آڻي!



    پهرين ۽ پوءِ

    پهرين ۽ پوءِ


    توسان جڏهين سڃاڻ ڄاڻ نه هئي،
    وقت ڪيڏو نه ٿي سٺو گذريو!

    لڙڪ پنهنجا ۽ ٽهڪ پنهنجا ها
    لُوڻ پنهنجو هو چهڪ پنهنجا ها
    پاڻ ئي پاڻ ۾ اڪيلو هوس
    پاڻ ئي پاڻ منجهه مليو هوس

    هاڻ ساڻ آهيون، ڌار ڌار آهيون
    هِڪَ ئي وڻ جا ڄڻ ته ڏار آهيون
    ٻه ڪنارا هجون نديءَ جا ڄڻ

    توسان جڏهين سُڃاڻ ڄاڻ نه هئي
    وقت ڪيڏو نه ٿي سٺو گذريو!



    مانَ پَسان پرڀات!

    مانَ پَسان پرڀات!


    رات ڪٽيسين اِيئَن،
    لاڳيتو ڪَٽبو رهي-
    پير- ڪڙيءَ کي جيئَن!

    جيون ڀاسي اِيئَن،
    ڪڏهن ڪڏهن ”امداد“ ٿو-
    ڳَٽُ ڳچيءَ جو جيئَن!

    مانَ پَسان پرڀات،
    عمر وڃي ٿي گذرندي-
    ڪانه کُٽي ٿي رات!



    گيت ماري نه سگهندا

    گيت ماري نه سگهندا

    (ڏکڻ آفريڪا جي شاعر مولائيز جي ياد ۾)


    ۽ توهان هن کي ماري ڇڏيو

    اُهو جنهن جا گيت
    هوائن جا لهرا هئا
    ۽ ساگر کان گهرا هئا

    اُهو جنهن پرهه جي پکين جيئن لاتيون لنيون ٿي
    اُنهيءَ تي ئي پهرا هئا

    ريک سرجڻ جي جنهن جي هٿن ۾ هئي
    انهن ئي هٿن ۾ هيون هٿ ڪڙيون

    اُهو جنهن غلاميءَ جو ڳَٽ
    ڳچيءَ مان پٽي لاهي اُڇلي ڇڏڻ ٿي گهريو
    اُنهيءَ جي ڳچي ۾ رسو هو

    ۽ توهان هن کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو
    پر هوائن کي ڦاهي تي چاڙهي نه سگهندا
    سندس گيت ماري نه سگهندا!


    ماٺار

    ماٺار


    دل جي ديوارَ ٿي پوي ته ڀڃوس!

    جيڪڏهن ٺوٺ ٿي چُڪيون اکڙيون
    ته انهن کي ڪڍي ڏيو ڪانون
    رَڳَ ۾ رَتُ جي نٿو ڊوڙي
    ته انهيءَ کي ڪپي ڇڏڻ گهرجي

    ڪوٽ جي بُرج جان اُڀو اُڀ ڏانهن
    ڪنڌ جيڪو مٿي کڄي نه سگهي
    ته اُنهيءَ کي وڍيوس اڇلايوس
    بار آهي کڻيو گهمو ڇا لاءِ
    پهرئين سَٽَ وِچَ چَونڪ سٽيوس
    تَنَ ۾ تؤنس جيڪڏهن ناهي
    مَڙُهه آهي ته قبر منجهه لٽيوس

    وقت تلوارَ ٿي پوي ته ڀڃوس!



    تيلي ٻاريان

    تيلي ٻاريان

    اونداهيءَ ۾ تِيلي ٻاريان
    ٽانڊاڻي کي گس ڏيکاريان

    اوڌر- ماءُ مُئِي ڪانهي ڪا
    ڇو نه کڻي ڪا مُرڪ اُڌاريان

    ڪوهه نه سورج وانگر اُڀرو
    اُٿو اوهان کي آءٌ اُٿاريان

    پنهنجو ڪوئي مو ڪونهي ڪو
    هروڀرو پيو ٿو اوساريان

    ماچس مون وٽ ڪونهي آهِي
    ڪيئن ڀلا ڪو ٻارڻ ٻاريان

    رات ايندي ته سمهي پوندس مان
    ڏونگر جهڙو ڏينهن گذاريان

    پاڻ اڳي به مليا آهيون ٻئي
    آءُ ته توکي ياد ڏياريان

    حفيظ، الطاف(1)، نسيم کرل
    ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ساريان



    ________________________________________
    (1) حفيظ شيخ، الطاف عباسي


    مَچُ مچايون، هليا

    مَچُ مچايون، هليا

    سرد اونداهه هڏن کي به وئي آ ڳڱري
    ڪوڙ جي ڌوڙ کان اکين تي رکيل هَٿَ ڄميل
    سوچ ۽ لوچ ٺري ڄاڻ مري ويندي يار
    ۽ اکر ٺار ٺريل سِٽَ ڄميل برف ٿيل
    اي درازا جا ڌڻي! شاهه سچل اي دولهه
    چڻنگ مان چڻنگ ڌڳايون، هليا
    سَچَ جو مَچُ مچايون، هليا!

    جا به گذري ٿي گهڙي ڄڻ ته صدا آ ڪائي
    گذرندڙ پَلُ ته ٽاريءَ مٿان آ پَنُ ڇڻيل
    ڄڻ ته سپني بنان اکين جو هجي لڙڪ لڙيل
    ۽ اڃا ڪيچ وڻن ڏانهن ڳپل پنڌ رهيل
    اي سچل مست الست اي سرمست
    ڪو ملهائي نه ملهائي ته ڀلي، پاڻ ملهايون، هليا
    نَچُ ناچُو هيءَ اٿئي ويل نچڻ جي، هليا
    برهه جي باهه لڳايون، هليا
    سيخ تي ماهه پچايون، هليا!

    گُلَ ۽ گيت جي بدلي هتي سنگين چڀيل
    لوليءَ ۽ لوئيءَ جي بدلي هتي گولي ٿي لڳي
    وَڻُ زيتون جو لبنان ۾ پاڙن کان پٽيل
    امن انصاف جي نالي ۾ ڇتي جنگ لڳل
    اڄ به تاريخ جي هر باب جي هر صفحي تي
    آهه ماڻهوءَ هٿان ماڻهوءَ جو رڳو رت هاريل
    کنڀ کنڀ آهه فضا ۾ ئي ٿيو پيو ڳيرو
    ساري سنسار تي بارُوت جي ڪارانهن مَليل
    تيل هاري ۽ ڏنئون تيلي اڇن جهنڊن کي
    حسن، حق، خير جيان مارئي ڪوٽن ۾ ڪڙيل
    دربدر خاڪ بَه سر عشق اڃا روهه رُليل
    آهه دلين ۾ دغائن جو اڃا زهر گهُليل
    نفرتون چوٽ چڙهيل پيار بنان ڏوهه جهليل

    پاڙي اوڙي مان ڪٿان پريت پُڇايون، هليا
    گوڏو گوڏي سان گڏي قرب ڪمايون، هليا
    وقت جا سرمد ۽ منصور، عنايت صوفي
    حق انا الحقُ الايون هليا
    سرمدي وَٽَ وِرهايون، هليا!


    اي سنڌ امان!

    اي سنڌ امان!


    زرد ڳل جي مٿان اي سنڌ امان!
    رَتُ ويٺو رُئان اي سنڌ امان!

    هيءَ اخبار جا پئي آهي،
    ڇا پڙهي ڇا پڙهان اي سنڌ امان!

    هيءُ جهيڙا جهٽا، ڦرون، ڌاڙا،
    الامان الامان اي سنڌ امان!

    سُورَ جي سَٽَ، سِٽَ ڪنءَ بڻجي،
    ڇا پني تي لکان اي سنڌ امان!

    روز ڪُونڌر ڪُسن ڪلاچيءَ ۾،
    آءٌ ڪنءَ چُپ رهان اي سنڌ امان!

    ساڳيا جيل هي وڏيرن جا،
    قائم آهن اڃا اي سنڌ امان!

    ۽ انهن منجهه واڙيل هاري،
    ڍور ڄڻ بي زبان اي سنڌ امان!

    ۽ لڄا لُٽَ هارياڻين جي،
    وارثن جي اڳيان اي سنڌ امان!

    هيئن پنهنجا وڃن پرايا ٿي،
    آءٌ ڦٿڪان لُڇان اي سنڌ امان!

    رَتُ دانگيءَ مٿان نٿو اُٿلي،
    ڏوهه ڪنهن کي ڏيان اي سنڌ امان!

    هيءَ سموري زمين منهنجي هئي،
    هِي سڄو آسمان اي سنڌ امان!

    ڳوٺ ڌاڙيل، شهر دهشتگرد،
    آءٌ ڪاڏي وڃان اي سنڌ امان!

    تنهنجي هوندي به آءٌ انءَ ڀاسان،
    بي وطن بي نشان اي سنڌ امان!

    سڀ مڃن مير پير کي، ۽ آءٌ،
    صرف توکي مڃان اي سنڌ امان!

    تون ئي تون ٿي نظر اچين مون کي،
    آءٌ جا ڏي ڏسان اي سنڌ امان!

    باک جيسين بکي ۽ لاک لڳي،
    ديپ سان ٿو جلان اي سنڌ امان!

    تيستائين ته پرهه پنڇيءَ سان،
    لات پيو ٿو لنوان اي سنڌ امان!



    دل به نگر آهي

    دل به نگر آهي


    ڳوٺ ڳوٺ آهي يارن جو، شهر شهر آهي يارن جو،
    دل کان آخر ڪيڏو ڀڄندين، دل به نگر آهي يارن جو.

    هِن اوڻٽهينءَ جي اونداهيءَ ۾، لال لهوءَ جا ڏيئا ٻاري،
    منزل ڏانهن وري هڪ ڀيرو، عزمِ سفر آهي يارن جو.

    پيٽ ڀريل جي هوندو آهي، چنڊ به سهڻو لڳندو آهي،
    هيءَ ڪڻڪ جي ماني ڪانهي ڪا، زخمِ نظر آهي يارن جو.

    درد جي ديوار آڪاس آهي، آڪاس کي رت جي پياس آهي،
    هي رنگ شفق جو ڪونهي ڪو، خونِ جگر آهي يارن جو.



    صبح جي تلاش

    صبح جي تلاش


    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ چرين جئن مٿي اُگهاڙي سان
    شڪسته دل کي هٿن ۾، اکين ۾ لڙڪ کڻي
    چپن تي ماٺ جو محشر ۽ زخم سيني تي
    سموري شهر جي ديوار در سان حال اوري
    ۽ ٿِڙندو ٿاٻڙندو، ٿيڙ کائيندو وڌندو
    ۽ پنهنجي پير جي کُڙڪي تي ڇرڪندو ٽهندو
    اُداس
    اُداس
    اڪيلي
    جوان رات جو روح
    اِئين رُلي پيو جنءَ صبح جي تلاش ۾ آءٌ!



    مَهريءَ وارا!

    مَهريءَ وارا!

    مَهريءَ وارا موڙ مَهارُون
    مَڪَ پڪي آهي ڄارين تي
    پيرون جهڙا جهُوڙا جهائين
    گهوريا ورهه وڇوڙا سائين

    ٽاريءَ ٽاريءَ ڦُلَ ٽڙن ٿا
    مڌر مڌر ڄڻ سُرَ ڇِڙن ٿا
    ڏي ٿي مٺڙا مُند ميارون
    گهايل کي ڇو ايڏو گهائين!

    مُور نه هوندين مُور نه هوندين
    تارن کان تون دُور نه هوندين
    پهتيون تارن تاءِ پُڪارون
    هاءِ نه پهتيون تو تائين!

    آس پکيئڙا اُڏري ويندا
    نيل گگن کان اُڪري ويندا
    گذري وينديون مست بهارون
    پرچي پير پرين شل پائين!

    چانڊوڪيءَ ۾ چنگ ٻُرن ٿا
    هر هر تنهنجا هور هُرن ٿا
    هيءِ هيءِ هينئڙو ڦارون ڦارون
    پَتِ رکي شل پار پُڄائين!

    جيڏيون سرتيون جوڙي جوڙي
    اُڌمن آهيان آءٌ اُلوڙي
    ڪيئن لڪايان لڙڪن لارُون
    اڱڻ اچي شل عرض اَگهائين!


    ويرين وچ ۾

    ويرين وچ ۾


    منهنجو سڄو ڪٽنب رهيل هو ٽِماڙ تي
    ۽ هيٺ آءٌ هيڪلو ويرين جي وَرُ چڙهيل
    ماڙيءَ مٿان اُگهاڙي مٿي ساڻ ڀينرون
    ڪپجي وئي نهار، رڳون تاڻجي ويون
    ڌرتيءَ تي پير مون به کُپائي کڻي ڇڏيان
    ۽ دشمنن جي اَکِ منجهان مون نه اک ڪڍي!



    طيءِ ڪيل فاصلو

    طيءِ ڪيل فاصلو


    ڪنهن ستاري جي روشنيءَ وانگي
    ڪيترو دُور کان هليو آهيان

    ڪنهن جهلڻ کان نڪو جهليو آهيان
    ڪنهن پلڻ کان نڪو پليو آهيان
    ۽ ملڻ کان سوا وڃان موٽي
    ته ائين ٿي نٿو سگهي ڪڏهين!

    اي پرين! پاڻ کي هڻي ماري
    پنڌ جيڪو پٽي چڪو آهيان
    سو ته اڳتي اڃا به اڳتي آ
    وِکَ جيڪا کڻي چڪو آهيان
    سا ڀلا ڪيئن پوئتي موٽي!



    چنڊ به ساڳيو

    چنڊ به ساڳيو


    چنڊ به ساڳيو آهي سهڻا، سينڌ ستارا ساڳيا آهن،
    پنهنجي چشم تصور کان به حسين نظارا ساڳيا آهن.

    ڳالهه مڙوئي هڪڙي آهي، هِن پار رسين، هُن پار رسين،
    تنهنجي منهنجي دل دريا جا ٻئي ڪنارا ساڳيا آهن.

    چهرن تي چانڊاڻ به ساڳي، ساهن ۾ سُرهاڻ به ساڳي،
    مکڙين جهڙين ٻن اکڙين جا شوخ اشارا ساڳيا آهن.

    اَکِ ڏسي ٿي جيسين تائين، سِجُ اهوئي نِج وو سائين،
    اولهه اوڀر، ڏکڻ اُتر، سچَ سهارا ساڳيا آهن.

    ڳوٺ اُهيئي، شهر اُهيئي، پهريان پويان پهر اُهيئي،
    چانڊوڪيءَ جي ٻُڪ ۾ پيارا، مُنهن موچارا ساڳيا آهن.



    سانوڻ آيو ڙي

    سانوڻ آيو ڙي


    سانوڻ آيو ڙي-
    ساڄن آيو ڙي-
    هير هندوري ۾ جهُولي، ڳيت پپيهي ڳايو ڙي،
    ڊيل ٽلي ۽ مور نچيو، ڪووَل شور مچايو ڙي،
    سانوڻ آيو ڙي،
    ساڄن آيو ڙي.

    ڪارن ڪارن وارن مان، رنگ گهٽا چورايو ڙي،
    ڳاڙهي ڳل کان ڳاڙهه پِني، کِنوڻين کيل رچايو ڙي،
    سانوڻ آيو ڙي،
    ساڄن آيو ڙي.

    مينهن به آهي نينهن جيان، ڀِٽَ- ڌڻيءَ فرمايو ڙي،
    بادل پياسي ڌرتيءَ تي، اَمرت رس برسايو ڙي،
    سانوڻ آيو ڙي،
    ساڄن آيو ڙي.


    اي پرين مگر!

    اي پرين مگر!


    مصروف تون گهڻو ٿو رهين اي پرين مگر،
    فرصت ملئي ته ياد انهيءَ شام کي ڪجانءِ!

    منهنجي ڪري اُداس نه ڪج پنهنجو پاڻ کي،
    لڙڪن کي منهنجي ياد ڪري مسڪرائجانءِ!

    توکي گلاب رنگ رُتن جو قسم صنم،
    جشنِ فراق شمعون جلائي ملهائجانءِ!

    منهنجي خطن کي ساڙي ڪجان تيز روشني،
    گلدان ۾ به تازا ٽڙيل گل سجائجانءِ!

    مصروف تون گهڻو ٿو رهين اي پرين مگر،
    فرصت ملئي ته ياد انهيءَ شام کي ڪجانءِ!




    سنٻنڌ

    سنٻنڌ


    جنءَ
    سگريٽ مان
    سگريٽ دُکي
    تنءَ
    تومان آءٌ دکيو آهيان!


    پريت ڪهاڻي

    تنهنجي منهنجي
    منهنجي تنهنجي
    پنهنجي پريت ڪهاڻي
    نئين نڪور به ايڏي آهي
    جيڏي آهه پراڻي!

    تون ۽ آنءُ اُهي ئي ساڳيا، ساڳيو سمنڊ ڪنارو
    اڄ به اُهوئي نيري نِڀ تي، چمڪي شام جو تارو
    سِڪَ وندن لئه ساڳي آهي
    اڄ ۽ ڪالهه سڀاڻي
    نئين نڪور به ايڏي آهي
    جيڏي آهه پراڻي!

    جوٺي جڳ ۾ سچي سِڪ جي، ريت ته رهڻي آهي
    پاڻ هجون نه هجون دنيا ۾، پريت ته رهڻي آهي
    دنيا رهي يا نه رهي
    پريت جي ناهه پُڄاڻي
    نئين نڪور به ايڏي آهي
    جيڏي آهه پراڻي!


    سمنڊ ڪناري

    سمنڊ ڪناري
    واريءَ جو گهر ٺاهيوسي
    توکي چاهيوسي!

    تنهنجو پيار به تيز هوا ۾ ڏِيئي ٻارڻ جي ڪوشش هئي
    وهندي پاڻيءَ ۾ ڪاغذ جي ٻيڙيءَ تارڻ جي ڪوشش هئي
    توکي چاهيوسي
    سمنڊ ڪناري
    واريءَ جو گهر ٺاهيوسي!

    اوجاڳيل اوجاڳيل اکڙين جاڳيل جاڳيل خواب ڏٺا ها
    ويرانن ۾ دل جي صورت ڳاڙها گُلَ گلاب ڏٺا ها
    توکي چاهيوسي
    سمنڊ ڪناري
    واريءَ جو گهر ٺاهيوسي!


    رمندي بادل پويان ڊوڙڻ مان هڙ حاصل ڇا ٿيڻو هو
    ٿيڻو ئي جي ڪجهه هو تنها ٿيڻو هو رسوا جيڻو هو
    توکي چاهيوسي
    سمنڊ ڪناري
    واريءَ جو گهر ٺاهيوسي!


    اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

    اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

    ڪوئي مون کي ڄَٽُ چوي، اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

    شاعر ڪو مَ سڏي مون کي، ڀانُ چوي ۽ ڀَٽَ چوي
    اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

    چاڙهي عرش نه پهچائي، مِٽيءَ ڪنان به گهٽُ چوي
    اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

    ڏاهپ جو ڪو ڏاڻُ نه ڏي، چريو پهرئين سَٽُ چوي
    اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

    هن مِٽيءَ جي ناتي سان، ٺڪر جو ئي مَٽُ چوي
    اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

    جانب جي ته جُتي آهيان، متان ڪڏهن ڪو ڇَٽُ چوي
    اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

    ڇَٽُ ڇُلنگيءَ کان ڇرڪان، مون کي ڪوئي پَٽُ چوي
    اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

    ڪوئي مون کي ڄَٽُ چوي،
    اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!


    وري مِلون نه مِلون

    وري مِلون نه مِلون

    وري مِلون نه مِلون، زندگي رهي نه رهي
    چپن کي ٿورڙو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون
    اکين ۾ پوءِ اها روشني رهي نه رهي
    وري مِلون نه مِلون زندگي رهي نه رهي

    الاءِ ڪهڙي خبر دوستي رهي نه رهي
    کِلي مِلي ته وٺون، جِي ڀري ڏسي ته وٺون
    وري مِلون نه مِلون، زندگي رهي نه رهي
    چپن کي ٿورڙو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون


    ڪرٽ ڪري ڪرڙاٽ

    ڪرٽ ڪري ڪرڙاٽ

    ڄيري ڄَرَ ڄَراٽَ، ٻهران آءٌ اُجهاڻل!
    اندر جهڙو کورو کامي، مٿان وسي ٿي ماٽَ،
    ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

    منهنجي من ۾ مَچَ مچن ٿا، ڇڻي وڻن مان ڇاٽَ،
    ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

    سُپنا سانوڻ جي سنڌوءَ جا، ڪُن ڪُن ۾ ڪڙڪاٽَ،
    ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

    سوچن جي سنگين چپي ٿي، لُڇي لوچ جي لاٽَ،
    ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

    ڀَرُ ڪري ڪو هڻي ويو آ، لوڻي ڀَرُ لپاٽَ،
    ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

    اندر محل ۽ ماڙيون، بنگلا، جڳ مڳ جهاڙ، ڪٻاٽَ،
    ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

    اندران اندران کامان پڄران، اهڙي اُڃَ اُساٽَ،
    ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

    هٿ تريءَ جون ليڪون ڊاٺل، سُڃي سموري واٽَ،
    ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

    چوڏهينءَ جي چانڊوڪي چِت تي، هونئن هرپاسي ٻاٽَ،
    ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

    ميخ مغز ۾، کُتل ڪپار ۾ ڪرٽ ڪري ڪرڙاٽَ،
    ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

    من متوالو، جيءُ جهُڙالو، ور ور وِڄَ وراٽَ،
    ٻهران آءٌ اُجهاڻل!


    نڀائي رکجان!

    نڀائي رکجان!


    اَکِ سان اَکِ ملائي رکجان،
    ديپ مان ديپ جلائي رکجان.

    ساز جي تند تپائي رکجان،
    وِلهَه ۾ مَچُ مچائي رکجان.

    پرت جي پِڙ ۾ متان پير رکين،
    جي رکين، ڳاءِ وڄائي رکجان.

    زندگيءَ ڪونه نڀايو ڪنهن سان،
    بس فقط نينهن نڀائي رکجان.

    ڪنهن نه ڪنهن شام ته موٽي ايندو،
    راهه ۾ نيڻ وڇائي رکجان.

    ٻيو ڪمائين نه ڪمائين جڳ ۾،
    بس رڳو قرب ڪمائي رکجان.

    ٻيو بچائين نه بچائين ”امداد“،
    بس ٻه ٽي لُڙڪ بچائي رکجان.


    هي جو نِيَرُ نِينهَن جو....

    هي جو نِيَرُ نِينهَن جو....


    هِي جو نِيَرُنينهَن جو، ڳورو ڳچيءَ ڳَٽُ،
    پاتو جن سي ٿي پيا، تاڃيءَ پيٽي پٽُ،
    مُور نه ڀانيان سومرا، ماڙيون مِٽيءَ مَٽُ،
    ڦوڙائي جو ڦَٽُ، جهڙو گُلُ گلاب جو!

    هُتي هُوند هُئان، سرتين سين ساڻيهه ۾،
    پانڌيءَ کي ته پنهوار جي، پيرين آءٌ پُئان،
    هِت هُت ماروءَ ڄام جِي، چُئان جي نه چُئان،
    ڌويو روز ڌُئان، ريٽيون ريٽي رَتَ سين!

    وَرُ سو نِيَرُ- نِينهَن، ساهه سلهاڙي جنهن نِيو،
    سُڏڪي اُسَهَيُون سانجهِيون، ڏُسڪي لنگهيا ڏِينهَن،
    اُٺا اوَهِيرا ڪري، منجهان اکڙين مِينهَن،
    اڄ، سڀاڻ، پرينهَن، وينديس، رهنديس ڪينڪي!

    وَرُ سو نِيَرُ-نينهَن، ساهه سلهاڙي جنهن نِيو،
    هيڪل وسورو هينئڙو، ٿانئيڪو ته ٿِيو،
    جُسو ريءَ جنجير جي، جڳ ۾ جار جِيو،
    چمڪيو ڏُکَ ڏيو، اوندهه وئي، ٿيو سوجهرو!

    جهنجهيل جنجيرن ۾، نُنهن چوٽيءَ آئون،
    ڏٺي مارو ڄام کي، چنڊ ڏٺو ڪائون؟
    ڇَمر ڇَپر ڇائون، هجن شال ملير تي!

    سنگهرون سنگهارن جُون، ويڙهي ويون وجود کي،
    ڦَٽَ ڦُٽي ڦاٽي پيا، لِڱُ لِڱُ آهه لِڦُون،
    آهيان عُمرڪوٽ ۾، ڏِينهَن مِڙوئي ڏُون،
    مارُو مڃيو مُون، سو ٻئي ڪنهن کي ڪنءَ مڃيان!

    هِي جو نِيرُ نينهن جو، چنگن جي چُونگارَ،
    جهُونجهڪڙي جي جيءَ ۾، جهيڻي جنهن جُهڻڪارَ،
    ڪاري رات ڪراڙ تي، ڪُونجن ڪِي ڪُڻڪارَ،
    لُوئا لُوئا ٿي لُڇي، لونءَ لونءَ منجهه لغارَ،
    ٻاٻاڻن تي ٻولِيو، ٻاٻيهي ٻيهارَ،
    ايڏو اوري ٿي ٻُڌان، ٽلين جي ٽِڻڪارَ،
    بوندون برسيون بُٺَ تي، ڇِڻ ڇِڻ ڇِڻ ڇڻڪارَ،
    ڊاهي وئي ديوار کي، تاڙي جي ته تنوارَ،
    اچي عمرڪوٽ ۾، ڳيري ڪِي ڳُٽڪارَ،
    نِڱيا هڪل هُونگَ سان، ڪاهي ڌَڻَ ڌڻارَ،
    منهنجي ملڪ ملير تي، اُٺا ميگهه ملهارَ،
    واڄا ٽاڄا وِڄڙِيون، کنوڻين جا کِلڪارَ،
    گوڙيون ۽ گجگوڙِيون، دُهلن جا ڌڌڪارَ،
    سارنگيون سارنگ جون، ٻُرن پارَ اَپارَ،
    کيانتل آندي کير جي، کاسي کبر چارَ،
    واڄو وڄي وجود ۾، جيئن چڙي جي لارَ،
    هِيرَ ڪري وئي هيج مان، ڀيڄ ڀنيءَ ڀُڻڪارَ،
    سُرت سَري ساڻيهه کي، لٿا عمر آزارَ،
    ڏاڏاڻن جي ڏيهه تان، ٽرئا ڏرت ڏڪارَ،
    ڀِٽَ ڌڻيءَ ڇيڙي ڇڏي، تنبوري جي تارَ:
    ”سائين سدائين، ڪرين مٿي سِنڌ سُڪارَ،
    دوست مٺا دلدارَ، عالم، سڀ آباد ڪرين!“


    اَپِيل

    اَپِيل

    (قبيلائي جنگين جي موضوع تي لکيل)

    [1]
    اي خداي عظيم، قادرِ ڪُل!
    تو چيو ”ٿي پئو“، ته ٿي پييوُن،
    ڪائناتون، نه جن جو آر نه پار،
    ڪوبه چاهي ڪري سگهي نه شمار.

    سرءُ، سيارو، بهار، اونهارو
    ڪِنءَ نه هڪٻئي پٺيان پيا ڊوڙن،
    رات کان پوءِ ڏينهن ٿو جاڳي،
    جيئن ٻيلي ۾ شينهن ٿو جاڳي.

    سِجَ ۽ چنڊَ ۽ ستارا هي،
    ڪئن نه سهڻي سٽاءَ سان ٺاهيهءِ!
    هيءُ بي انت کير ڌارائون،
    ڪئن نه جهرمر جڙاءَ سان جوڙيهءِ!

    هيءَ ڌرتي به دانَ منجهه ڏنهِءِ،
    ۽ انهيءَ تي انيڪ کنڊ_ اُپکنڊ،
    سمنڊ، جيڪي ڪڏهن سُمهن به نه ٿا،
    وقت جيڪو ڪڏهن بِهي به نه ٿو،
    جوڙَ تو آهه سڀ اِها جوڙي!

    اربَها کربَها ورهيه گذريا،
    اربَها کربَها ڄميا انسانَ،
    مختلف شڪليون مگر تن جون،
    مختلف سوچ ۽ سڀاءَ جدا،

    ڪابه ڪنهن سان نه ٿِي ملي صورت،
    ڪابه ڪنهن سان نه ٿي ملي سيرت،
    نه ڪو آواز سان ملي آواز،
    نازَ انداز سان نه نازُ انداز،
    هٿ لڪيرون به ساڳيون ناهن،
    نرڙ جا گهنج ساڳيا ناهن،
    هيءُ انسان اشرف المخلوقُ،
    تو ته آزاد ئي ڪيو پيدا،
    ڪاٺ ۾ پوءِ ٿو پوي مولا!
    ڳٽَ ڳچيءَ منجهه، پير منجهه ڪڙيون،
    گئس چيمبرَ ۽ ڦاسِيون، ڦٽڪا،
    هيءُ ڌاڙا، ڦرون ۽ ريپ، اغوا،
    سي به انسان جي هٿان مولا!

    هيءُ جي کنڊَ_ اکنڊَ ڌرتيءَ تي،
    ۽ اُنهن منجهه ڏيهه اي ڏاتار!
    پاڻ ۾ کير کنڊ شال هجن!
    سنڌ ساڻيهه پڻ انهن مان ئي_
    سنڌ ساڻيهه جو سڳورو آ،
    سنڌ ساڻيهه جو سدورو آ!

    امن ۽ آشتيءَ جو ديس اهو،
    رنگ ۽ روشنيءَ جو ديس اهو
    حسن ۽ عاشقيءَ جو ديس اهو
    هر بکئي لاءِ آهه مانِي جو،
    هر اگهاڙي جي لاءِ ويس اهو!

    اي خداي عظيم، قادرِ ڪُل!
    مَرڪندو مُرڪندو رکين اُن کي،
    شال اُن تي به ڪو سُڪار ڪرين،
    ڏُرت اُن تان ڏڪار کي لاهين!

    هرڪو پنهنجي وطن کي ٺاهي ٿو،
    اُن کي پوڄي ٿو، اُن کي چاهي ٿو،
    جانِ قربان ٿو ڪري اُن تان،
    اُن جي لئه ٿو جِئي، مري اُن تان،

    هِــنــديــن لاءِ هـــنـــد جــــي ســــاراهـــه!
    سنڌِيُن لاءِ سنڌ جي ساراهه(1)!
    هر بشر جي خمير ۾ آهي،
    پنهنجي پنهنجي وطن جو چاهه اَٿاهه،
    سنڌ ساڻيهه تي به مهر ڪرين،
    سنڌين کي به شل ڏيين ساڃاهه،
    واهرو آهين، شال وهرَ ڪرين!


    [2]
    هي جتوئي، اُڄڻ ۽ ناريجا،
    سامٽيا ۽ سچار ساريجا،
    آمڙا، ڄامڙا ۽ جاڙيجا،
    جوکِيا، جاکرا ۽ جوڻيجا،
    چنڊ ۽ چانگ، سومرا، سورا،
    هيءُ لاسي، مَلڪ، ڀنگرَ، لورا،
    هي ڪليري، ملاح ۽ کوسا.
    هي سماٽ ۽ ٻروچ ۽ سيّد،
    چانڊِيا، تارڙا ۽ نوحاڻي،
    رند، چوهاڻ، شيخ، شاهاڻي،
    راڄ راڻا، وساڻ، ڏاهاڻي،
    ڪيرِيا ۽ ڪَلال، قنبراڻي،
    هيءُ جهوُنجهار جُنگ جکراڻي.

    جَکَرا جَس کرا ۽ جلباڻي،
    هيءُ ڪُوپا ڪنڌارَ ڪالاڻي،
    هي ٻَٻَر، هي ڪُٻر ۽ تنگواڻي،
    نُومڙيا، ڀُرڳڙي، نظاماڻي،
    ڌوڙڌويا، ڌچر، ڌماچاڻي،
    هيءُ راٺوڙ، رَڄَ راڄاڻي،
    جهرڪ ۽ ڪاتِيار، بهراڻي،
    هي بُليدي ۽ هي بجاراڻي،
    هي مري، ڊومبڪي ۽ ملڪاڻي،
    هي گياني گيانچنداڻي،
    مُکَ تي مُرڪ، اکِ ۾ پاڻي_
    هي ڇُٽا، ڇلڳري، ڇَڇر ۽ ڇُڳير،
    هي کرل، بهڻ، ميتلا ۽ جَهٻير_
    هيءُ دودا دلير مڙس مٿيرَ.

    گندرا، منڌرا، مسر، ٻانڀڻ،
    هيءُ کُهڙا، کٽياڻ، کُهنباٽي،
    هي سِرائي، سهاڳ ۽ ساٽي_
    ڍول سِر- ڇَٽَ، ڍٽَ جا ڍاٽي.
    گهانگهرا، گاڏهِي، وڳڻ، ارباب_
    هيءُ نيهي نواب نينهن نصاب.
    ڪانڌڙا، ڀيل، ميگهواڙ، ڀَيا،
    ڪارِيا، سارِيا ڀَلائِي، ڀُرٽ،
    هي مٽيءَ ڪوڏ اوڏ اڏجن شال!
    شال تن تي ڀلا ڀلائين ڀال!

    هي پليجا، پنهوار، پيڃارا،
    هيءُ سوچِي سُچيت سونهارا،
    هي ٺَڪر، ٺيڪري ۽ ٺاٺارا،
    هيءُ ”گلشير تيوڻي“ وارا،
    هيءُ رنگريز، هيءُ سونارا_
    سانورا ڀُورڙا، اڇا ڪارا،
    سنڌڙيءَ ماءُ جا سڀئي پيارا!

    هي مڱڻهار، ڀَنڊ، ڀَٽ ۽ ڀان،
    دائداڻا ۽ درس، دَل، ديوانَ_
    ڇا چوان آءٌ شانَ تن جا مانَ!

    هي سنديلا، سَٺيار، سيلاٽا،
    هي سِريوال، ساندَ، سولنگي_
    نِجِ پِجِ ۽ نبار ۽ ننگي!

    هي پتافي، پٺاڻ، پاڙهيڙي،
    هي هڱورا، پرهياڙ، آهيڙي.
    هيءُ ساونت رُوپلا ڪولهي،
    راوڙا باگڙي، سنگهار، چمار،
    پارسي، ڀاٽِيا، ڀُٽا، پرمار_
    سُوَڙا، سَت پُريا، سخي سردار.

    هيءُ جويا، اُٿر، کٽي، کوکر،
    هي ڪلهوڙا، ڀٽي، ٽڳڙ، وينجهر،
    ناهِيان، ڪُوچڙا، ٻَڙا، ڪيهر،
    هي جمالي ۽ مهر ۽ ڏيپر،
    هيءُ ڏهراجَ، ڏاهري، جيسر،
    هيءُ وريام وِيرَ هي وِيسر،
    هي سهارڻ ۽ ٻُٽَ، آريسر،
    هيءُ تُنيا، حجام، حُر، حبشي،

    هيءُ قاضي، ڪنڀار، حاجاڻا،
    مڱرِيا ۽ لُهار، لوهاڻا،
    هيءُ راهو، ٻَرند، ڦلپوٽا،
    هيءُ لاڙڪ ۽ ميرجت، گهوٽا،
    هيءُ گوپانگ، هيءُ پاٽولي_
    جن جي ڪَن ۾ پئي، سُتيءَ سان گڏ،
    سنڌڙيءَ ماءُ جي مٺي لولي.

    هي سَريلا ۽ ساهتي، لاڙي،
    مارواڙي ۽ ڪاٺِياواڙي،
    هي جِهلورا ۽ جهانورا، جهانگي،
    هيءُ سوڍا، سنگهار ۽ سانگي،
    هيءُ ولهارَ ويڙهه جا وانگي.

    هيءُ اڳڙا ۽ داسڙا، دايا،
    هيءُ گولا، گبول، گاروڙي،
    کامڙيا ۽ کماڻ، کاهوڙي،
    هي چَنڙ، چاوڙا، چنا، چاچڙ،
    هيءُ ماڇي ۽ لُنڊ ۽ سهتا،
    مُغل، اعواڻ، شير شَر، ڏيٿا،
    هيءُ بُرفت، سيال ۽ ابڙا
    هي ڪهيري، ڪمارِيا، ڇڄڙا،
    هيءُ ديدڙ ۽ بودلا، ٻُرڙا،
    جانوري، ٽانوري ۽ هي هَڪڙا،
    راڄپر، راڄپوت ۽ رکڙا،
    هيءُ ٻاگهل، اِنڍڙ ۽ آرائين،
    هيءُ آخوند، خاصخيلي، خُشڪَ_
    کِل کٿوري ۽ مُشڪ جن جي مُشڪ!

    هيءُ لاکا، للهنگ لاشاري،
    هي زنگيجا، زئونر، زرداري،
    هي شڪاري، پَريٽ، پالاري،
    هي مهيسر ۽ مگسي مهمِير،
    هيءُ جوڳي، ڪنوٽِيا، ڪَنچير-
    لال لڄپال هي لکي لکمير.

    هيءُ ڳنڀير، بوزدار، سما،
    هي سميجا، سُڪارِيا سَٺيا،
    هيءُ پانڌي، پَهوڙ ۽ پُسيا.

    هي ڪلوئي، ٻلال، ڪورائي،
    هي بروهي، ٻڊام ۽ ڀنڀرا،
    هيءُ ميمڻ ۽ بوهري، کوجا،

    جاڳراڻي، ڏهوٽ ۽ ڏُمرا،
    هيءُ ڪوري ۽ هيءُ نوناري،
    هيءُ مرزا، مسيح، هي ورما.

    هيءُ رضوي ۽ ڪاظمي، نقوي،
    هي قريشي ۽ موسوي، علوي،
    هي صديقي ۽ هيءُ انصاري،
    هيءُ مخدوم، پير، مير، فقيرَ،
    سنڌ جي سَنڌَ سَنڌَ سِڪَ اُڪيرَ،
    منهن جنين جي مڙهيل مڻيا آهن،
    جي مڻيا سڀڪنهين وڻيا آهن،
    اَڄُ ڪلهه جا نه، ڌُر ڌَڻيا آهن_
    سِجَ ۽ چنڊ ۽ ستارن جان،
    عرش تان فرش تي ڇڻيا آهن،
    ڳڻ سندن ڪنهن ڀلا ڳڻيا آهن!

    اڄ سڀن کي اهو سُڻايان ٿو،
    هٿ ادب جا ٻڌي ٻڌايان ٿو،
    ٿورڙو ڌيان سان سُڻو سائين!
    ته ڦِٽڻ کان سٺو ٺَهڻ آهي،
    ته ٽُٽڻ کان سٺو جُڙڻ آهي،
    ”جي مُڙياسي جُڙيا“ چيو ڏاهي!
    ان سوا ڪوبه ٻيو نه غرض آهي،
    بس رڳو ايترو ئي عرض آهي:
    خونَ سان اُڃ اُجهامندي ناهي،
    خونَ سان پاڻ ڀڙڪندي آهي،
    خون ڪنهن جو؟ اُهو به پنهنجن جو!
    خونُ، جو گرم هو رڳن ۾ ڪڏهن،
    خونُ، جيڪو گلاب رنگ هئو،
    سنڌ جي سينڌ جو هئو سندور!
    خونُ، سو ڪيترو وهيو آهي،
    جو انهيءَ ٿَڃِ مان ٺهيو آهي،
    سنڌڙيءَ ماءُ جا ڏني آهي!

    پَرَ متڙيا، نه ڪي اياڻا ٿيو،
    ٿورڙو سوچيو، سِياڻا ٿيو!
    ذاتِيون، ڪُڙم ۽ قبيلا هي،
    سَڀُ رب جون نشانِيون آهن،
    جنءَ سڃاتا وڃو اوهين جڳ ۾_
    گل گلابي جوانِيون آهن،
    سڀ سندس مهربانِيون آهن،
    هيءُ پاڙا، نکُون ۽ هِي شاکون،
    ڄڻ نئين سِڄَ جون هجن باکون!
    ڄڻ نئين صبح جون هجن ساکون!
    ٿورڙو ڌيان ڌارِيو يارو!
    ڀائرو، هي ’پلاند‘ جي نالي،
    جا ڪڏهن ڪانه ٿي کَٽي سگهجي؛
    دوستو! اهڙي راند جي نالي،
    هيءَ رتوڇاڻ، سا به سالن کان!

    پو به ان گَپَ ۾ گَتل ڇالاءِ؟
    امن ۽ آشتيءَ جي ڌرتيءَ تي،
    هيءُ مانڌاڻ آ مَتل ڇالاءِ؟
    جاهلّيت جو دور گذري ويو،
    هو ڏسو ڇهن ئي ڏسائن ۾،
    هڪ نئون نُور آهه نسري ويو!

    ٿورڙيءَ دير لاءِ ويچاريو!
    هيءُ جو رَتَ ۾ رتل آهي،
    ڇَٽَ تان پَٽَ تي پيل آهي،
    سو به ڪنهن ڀيڻ جو ڀرا آهي،
    سو به ڪنهن ماءُ جو جگر آهي،
    سو به ڪنهن پيءُ جون اکيون آهي،
    سو به ڪنهن پريمڪا جي دل آهي،
    گهوٽ آهي اُهو ونيءَ ڪنهن جو،
    هيءُ جو سِرُ لُڻيو پيو آهي،
    سو به ڪو سنگ آ ٻنيءَ ڪنهن جو،
    ڪلهه جُهليو پئي اُهو هوائن ۾،
    مَهڪ اُن جي هئي فضائن ۾،
    ڪنوار سان گهوٽ ڄڻ ته لانئن ۾!

    پل اَپل لاءِ ٿورڙو سمجهو،
    ته وطن راڄ ڀاڳ جي هوندي،
    اڄ اوهين بي وطن ٿيل آهيو،
    کن اَ کن لاءِ ٿورڙو پرکيو،
    وقت ۽ حالتون تقاضائون،
    ڪير ٿو چي اوهين ڪَپُوت آهيو؟
    سنڌڙيءَ جا اوهين سَپُوت آهيو!
    انڪري ئي اها اپيل آهي،
    ٿورڙو صرف ٿورڙو سائين!
    عَفِو ۽ درگذر ڪرڻ به سکو!
    جيڪڏهن رات آهه اونداهي،
    ته ڏِيي جان اوهين ٻرڻ به سکو،
    جو سَڙِي پاڻ ٿو سُهائو ڏي!

    سوچِيو سنڌ واسِيو ٿورو:
    اُڀرندي اُلهندي طرف ڪيئي
    سِج اُپڙي، لڙي چڪا آهن،
    ۽ اِنهيءَ بي حصار عرصي ۾،
    ڪيتريون عورتون ٿِيون رنڙيون،
    ۽ اڇي کير جهڙيون ڪنواريون،
    ڪيتريون هاءِ ٿي چڪيون ڪاريون!

    اُهــــــي ڳڀـــــرو جـــــوان شهزادا،
    جــــن تي پهرين بهار آئـــــي هئي،
    ۽ اُهـــــا آخــــــري بــــهــــــار هئي!

    باک جو مــــاٽ ۾ ڀنل هــي گل،
    پرهه جو ماڪ ۾ ڀنل هـــي گل،
    صبح جي پهرئين ئي ڪِرڻي تي،
    ٺيڪ ڏانڊيءَ مٿان ٽٽل هي گلَ،
    اُهي مُک جي چُمڻ جي لاءِ ٺهيا-
    رَتَ جـــــي رَڱَ ۾ رڱيـــــل آهن،
    اُهـــــي جي ڏينهن کان اڇا اُجرا،
    تن کــــي ڪارو ڪيو ويو آهي!

    ڪيترا گهر ســــــڙي چڪا آهــــــن.
    رَکَ تــــن جي هـــــوا اُڏائي ٿي!
    جا ڪهـــــاڻي اهــــــا ٻڌائي ٿــــــي،
    ته انهيءَ کان اڳي جو سنڌ سڄي،
    انهيءَ آڙاهه ۾ وڃــــــي رک ٿي،
    سڀ اچـــو پيٽرول جـــــــي بدران،
    پڙڪندڙ باهه تي وجهون مِٽي!


    ________________________________________
    (1) هِنديان را اصطلاحِ هند مدح، سنديان را اصطلاح سند مدح (رومي)


    گهاءُ گيت- زخم نظم: ڊاڪٽر سحر امداد حسيني

    منهنجي لاءِ اها انتهائي فخر جي ڳالهه آهي ته آءٌ امداد حسينيءَ جي جيون ساٿي آهيان- اسان زندگيءَ جي هر ڏک ۽ سُک کي گڏجي شيئر ڪيو آهي. مون لاءِ اهو به انتهائي فخر جو مقام آهي ته، آءٌ امداد حسينيءَ جهڙي ليجنڊ شاعر(Legend Poet) جي شاعريءَ جي پهرين ٻڌندڙ به آهيان. سندس مجموعن ’امداد آهي رول‘، ’شهر‘ (شهر آشوب) ۽ ’هوا جي سامهون‘ جيان ئي نئين مجموعي ’ڪِرڻي جهڙو پَلُ‘ کي سهيڙڻ جي ذميوار به آءٌ ئي آهيان. آءٌ مجموعي کي ترتيب ڏيندي ڪوشش ڪندي آهيان ته پهرئين نظم کان ويندي آخري نظم تائين ڪتاب جي ترتيب پڙهندڙ تي هڪ ڀرپور Impact ڇڏي. شاعريءَ جي مجموعي جي ترتيب به موتين جي مالها جيئن هوندي آهي. ڪتاب ڪٿان به کولي پڙهجي- پڇاڙيءَ کان پڙهڻ شروع ڪجي ڪين شروع مان يا ڪٿان به ڪتاب جي تاثر م ڪو فرق نه اچي- شاعريءَ جي مهڪ اول تا آخر ساڳي هڪجهڙي هجي- مڌر خوشبو جيان!
    مون وٽ لکڻ/چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، پر اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ٻئي ڀيري.
    بحيثيت شاعر امداد جو فڪري سفر مسلسل جاري آهي- هو ڪنهن ميل- پٿر جيان هڪ هنڌ بيٺل نه آهي- ان ڪري سندس شاعري جمود جو شڪار ناهي ٿي- سندس شاعري سدا ڇُلندر/ لُڇندڙ اونهي سمونڊ جيان آهي. سدا بيقرار ۽ بيڪران، اڻهئي اٿاهه ۽ اننت. هو شاهه لطيف جو فڪري پوئلڳ آهي ۽ سندس مسيحائي اعجاز کي مڃيندڙ آهي. سندس يقين آهي ته:

    ”هِتان کڻي هُت، جن رکيو سي رسيون!“

    ۽ ”هُت“ پهچڻ لاءِ هن جو سفر جاري آهي:

    قلم ٿي ويون آڱريون جي ته ڇا ٿيو
    مُڇيل آڱرين سان به ليکڪ لکن ٿا
    (غزل/ ساگر ۾ دريا پون ٿا- ص 257)


    ۽ ان لاءِ هو ”زخم“ کي ”نظم“ ڪري ٿو- ۽ ”گهاءُ“ کي ”گيت“ ڪري پنهنجي رچنائن ۾ زندگيءَ جو سمورو زهر اوتي ان کي امرت ڪري، پنهنجي عوام کي آڇي ٿو:

    رات جي زهر به آهي ته پيڻ ۾ ڇاهي!
    هيرَ زنجير به آهي ته گُهلڻ ۾ ڇاهي!
    زخم جي نظم به آهي ته لکڻ ۾ ڇاهي!
    گهاءُ جي گيت به آهي ته رچڻ ۾ ڇاهي!
    زندگي جيل به آهي ته ڪٽڻ ۾ ڇاهي!
    (نظم/ زخم جي نظم به آهي ته… ص 123)

    ”ڪِرڻي جهڙو پَلُ“ ۾ سندس ڪيترائي بيحد سنجيده ۽ جيءُ جهنجهوڙيندڙ نظم شامل آهن، جهڙوڪ: سندس ٽي طويل نظم ”واپسي، قيدي ۽ اپيل.“
    ”اپيل“ هڪ اعليٰ پيغام رکندڙ نظم آهي. جيڪو سنڌ جي ٻرندڙ اشو يعني: ”قبيلائي جنگ“ بابت آهي. اهو نظم سن 2000ع ۾ محمد ابراهيم جويي پاران پمفليٽ جي صورت ۾ ڇپرائي سنڌ ۾ ورهايو ويو هو. اڄ به اهو نظم سنڌ ۾ خاص ڪري ”اتر سنڌ“ م عام محفلن ۾ نه رڳو پڙهجي/ٻڌجي ۽ ورهائجي. انهن ٽنهي نظمن بابت آءٌ پڇاڙيءَ ۾ تفصيل سان ڪجهه لکنديس. في الحال سائين امداد جي ڪجهه اهڙن نظمن جو ذڪر ٿي وڃي جيڪي بظاهر مختصر آهن پر جن جو پيغام وسيع آهي. سنڌ جا انيڪ باشعور نوجوان انهن نظمن بابت فڪري ۽ نظرياتي طور گهڻا اتساهت آهن. هو انهن نظمن کي بار بار پڙهڻ چاهين ٿا ۽ اڪثر انهن جي پُڇا پڻ ڪن ٿا، ته اهي نظم ڪهڙي مجموعي ۾ آهن؟ سو اهي نظم هاڻ هِن مجموعي ۾ آهن:

    وقت تلوار ٿي پوي ته ڀڃوس
    (ماٺار، ص: 328)

    رات جي دانگيءَ مٿان
    چنڊ جو لولو ٿڦيل
    (هڪ راڪشس- ص: 118)

    ۽ مون جڏهن پنهنجي پسنديده نظمن جي فهرست ٺاهي ته اها ايڏي طويل ٿي ويئي جو هر نظم تي ڪجهه به لکڻ کان سواءِ محض نظم جون ڪجهه سِٽون شيئر ڪرڻ جي خيال کي به ڇڏڻو پيو. پر تڏهن به ڪجهه خاص نظم اوهان سان ضرور شيئر ڪنديس.
    سندس نظم ”هٿ ڌريل آهي سيني تي“ گُني سامتاڻيءَ جي هارٽ اٽيڪ تي لکيو ويو هو ۽ ان جو عنوان به ”هارٽ اٽيڪ“ ئي هو، ان جون اوپننگ لائنز آهن:

    آڳ- بخاري ۾ روشن هئي جا، نيڻن وانگي سا به اجهامي وئي،
    رک بچي هئي هوا لڳي سا به اڄاتن ڏيهن ڏانهن اُڏامي وئي،
    جنهن ٽيبل تي ڪتاب رکيل هوندا هئا، سا ٽيبل به وڪامي وئي.
    (ص: 229)

    ان ريت سندس هڪ نظم ”شال!“ سنڌونديءَ لاءِ هڪ دعائيه نظم آهي، پر هو سنڌونديءَ سان گڏ ان جي ڪنارن تي ڪوٽڙي شهر ۾ ڪلپنا/موهن ڪلپنا کي پڻ ڏاڍي سِڪ اُڪير سان ياد ڪري ٿو، ۽ موهن ڪلپنا کي ايڏي وڏي شرڌانجلي شايد ئي ڪنهن ڏني هجي:

    رات اُماوس هئي جهُڙ جهڙالي هئي
    بس رڳو شمع جان پاڻ ڳاري سگهيو
    جيترو ٿي سگهيو ٻاٽ ٽاري سگهيو
    ۽ سچا سون جهڙا لکيائين اکر
    ڪجهه ڪري جي سگهيو ڪُر اُجاري سگهيو
    ۽ ڪِريل جي به تحت الثريٰ ۾ هئا
    سِجَ وانگي انهن کي اُڀاري سگهيو
    (شال- ص: 181)

    امداد پنهنجي پيارن کي پنهنجن دوستن کي پنهنجي شاعريءَ جو حصو ايتري ئي تخليقي سطح تي بڻايو آهي، جيترو هو: ”ٻن اجنبي اداس اکين، کيromanticize ڪري نظمائي ٿو:

    هيوج ڪار پٺئين سِيٽ تان اُداس ٻه نيڻ
    بنان نهار جي مون ڏي ڏسي رهيا آهن
    (اُداس نيڻن جي نانءُ- ص: 126)

    پنهنجي هڪ نظم ”يارن جي ياد“ ۾ هو رشيد (ڀٽي) تنوير (عباسي) ۽ اياز (شيخ) کي دل جي حضور سان ياد ڪري ٿو ۽ لان ۾ گلابن، هٿ ۾ جهليل جامن سان چانڊوڪيءَ جي آبشار ۾ وهنجندي، دوستن سان گڏ ان رات کي ڪيڏيءَ نه خوبصورتيءَ سان سٽن ۾ سمائي ٿو ۽ دوستن سان ڪيل هزارها سهس- رنگي ڳالهين کي هيئن چٽي ٿو:

    ۽ ڳالهڙين جا هزارها ڀرت سهس رنگي سمئه جي گج تي ڀري ڇڏياسين
    ۽ سنڌ جي ڳالهه جيئن نڪتي
    ته خوف خطرا ڌرم ڪرم سڀ پري ڇڏياسين
    اياز محفل منجهان اٿي ويو ته جام اونڌا ڪري ڇڏياسين
    (يارن جي ياد! ص 254)

    ان ريت هو پنهنجي هڪ بيحد خوبصورت نظم ۾ پنهنجي دور جي هڪ سڀني پارين سهڻي هستي ”قبله مخدوم طالب الموليٰ“ کي ياد ڪندي، پنهنجي ڏاتار کي ياد ڪري ٿو جنهن ڏات ڏنس ۽ چئي ٿو:

    تو پرينءَ کي ڏٺو اسان توکي
    (ص: 255)

    امداد حسينيءَ جي نظمن جا موضوع سهس- رنگي ۽ سهس- روپي آهن، سندس نظمن جي موضوعن ۾ سموري ڪائنات اچي وڃي ٿي. هو بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ هاڃن، ۽ ظلمن کان پاڻ پري نٿو رکي سگهي، هن جو شعور کيس ان گئس چئمبر تائين وٺي وڃي ٿو، جتي هڪڙي بٽڻ دٻائڻ سان هزارين جانيون ناس ٿي وڃن ٿيون:

    حيات آهي يا گئس چئمبر
    بٽڻ دٻائڻ جي دير آهي
    رڳن اندر پئٽرول جو وهڪرو
    رڳو لائٽر جلائڻ جي دير آهي
    هڏن اندر مِکَ ناهه باروت آهه
    تيلي رڳو دُکائڻ جي دير آهي.

    امداد پنهنجي هن نظم ۾ سموري انسانذات جي وناش ۽ تباهيءَ تي پنهنجي پيڙا ۽ درد کي بيان ڪرڻ لاءِ سموري دنيا ۾ حيلن بهانن سان تباهي پکيڙيندڙ/ ساڙيندڙ/ ٻاريندڙ ماريندڙ شين: پئٽرول، لائٽر، بارود، ٽائيم بم ۽ باهه جي اهڃاڻن کي استعمال ڪندي، گڏيل قومن جي ناڪاميءَ تي دنيا ۾ امن تباهيءَ تي گڏيل قومن جي ڍونگي روپ کي ائين چئي ريٽي ٿو ته:

    نشان يو.اين.او جو ڳيرو نه آهه
    ڳجهه آهه
    نظريا
    آدرش
    سمورا ئي ڍونڊ آهن!

    سو بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ پرماريت جا سمورا ڍونگي ٽڪساٽ شاعر- ”ڳجهه“ جي اهڃاڻ ذريعي پڌرا ڪريو ڇڏي، ۽ اهائي شاعريءَ جي طاقت آهي. شاعريءَ جي ان طاقت جو اظهار پاڻ پنهنجي هڪ بيحد اهم نظم ”گيت ماري نه سگهندا“ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي شاعر ”مولائيز“ جي حوالي سان پڻ ڪري ٿو. ”مولائيز“ جنهن کي اتي جي ڏاڍن ڦاهي تي لڙڪائي ڇڏيو هو. اهو نظم شروع ئي لفظ ”۽“ کان ٿئي ٿو. يعني ان ”۽“ کان اڳ ۾ جيڪا به ماجرا ٿي چڪي، سي ڳالهيون چيون نه ويون آهن، ۽ انهن اڻ چيل ڳالهين بابت پڙهندڙ پاڻ سوچي ته ”۽“ کان پهرين ڇا ڪجهه نه ٿي چڪو هو!

    ۽ توهان هن کي ماري ڇڏيو
    اهو جنهن جا گيت
    هوائن جا لهرا هئا
    ۽ ساگر کان گهرا هئا

    اهو جنهن پرهه جي پکين جيئن لاتيون لنيون ٿي
    انهيءَ تي ئي پهرا هئا

    ريک سرجڻ جي جنهن جي هٿن ۾ هئي
    انهن ئي هٿن ۾ هيون هٿ ڪڙيون

    اهو شاعر جنهن آزاديءَ جا گيت ٿي ڳاتا- جنهن غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان پٽي لاهي اڇلائڻ ٿي چاهيو، ان جي ڳچيءَ ۾ ڦاسيءَ جو ڦندو وڌو ويو:

    اهو جنهن غلاميءَ جو ڳٽ
    ڳچيءَ مان پٽي لاهي اڇلڻ ڇڏڻ ٿي گهريو
    انهيءَ جي ڳچي ۾ رسو هو

    ۽ ان شاعر کي ته ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو، پر سندس گيتن کي ڪير به ڦاسي تي چاڙهي نه سگهندو. ڪير به انهن کي ماري نه سگهندو:

    ۽ توهان هن کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو
    پر هوائن کي ڦاهي تي چاڙهي نه سگهندا
    سندس گيت ماري نه سگهندا.
    ”ڳيرو“ ۽ ”زيتون جي ٽاري“ امن جي علامت آهن نظم ”گئس چئمبر“ ۾ ”ڳيري“ (امن جو اهڃاڻ) جي جاءِ تي ڳجهه - جا ڍونڍ تي لهي ٿي ۽ موت جي علامت آهي- کي آڻي پاڻ يو اين او جي ڍونگي ٻهروپ تي چٿر ڪري ٿو. امداد جي شاعريءَ ۾ اهڃاڻن جو تز استعمال شاعريءَ کي گهرائي عطا ڪري ٿو- ۽ معنائن جا ست رنگا- ڪرڻا سٽن کي وڌيڪ نرمل ۽ روشن ڪن ٿا. سندس نظم ”مچ مچايون، هليا“ ۾ استعارن، اهڃاڻن ۽ figures of speech جي هڪ پوري ڪهڪشان آهي: سرد اونداهه، هڏن جو به ڳڱرجڻ، ڪوڙ جي ڌوڙ، اکين تي رکيل هٿ- ڄميل، سوچ ۽ لوچ جو ٺرڻ ۽ ڄاڻ مرڻ ۽ اکر- ٺار ٺريل، ۽ سِٽ ڄمي برف ٿيل- ان سموري پيڙاتمڪ ڪيفيتن ۾ پاڻ درازا جي ڌڻيءَ کي پڪاري ٿو ته:

    سچ جو مَچُ مچايون هليا!

    برهه جي باهه لڳائڻ ۽ سيخن تي ماهه پچائڻ لاءِ هو سچل کي سڏي ٿو جو سارو سچو آهي. ان نظم ۾ پاڻ ڪوٽ ڪڙيل مارئيءَ کي سنڌ جي اهڃاڻ طور آڻي ٿو، سنڌ جتي اڄ به عشق روهه رُليل آهي، جتي دلين ۾ دغائن جو اڃا زهر گهُليل آهي، جتي نفرتون چوٽ چڙهيل آهن، جتي پيار بنان ڏوهه جهليل آهي ته اهڙي وقت ۽ اهڙي ماحول ۾ هو وقت جي سرمد، منصور، ۽ عنايت صوفي کي ”حق اناالحق“ الائڻ لاءِ چئي ٿو، سرمدي وٽ ورهائڻ لاءِ چئي ٿو. ان نظم جي وچ ۾ ٻه سٽون سنڌ جي سُورن کي وسعت ڏين ٿيون، بين الاقواميت جي رڱ ۾ رڱين ٿيون:

    وڻ زيتون جو لبنان ۾ پاڙن کان پٽيل
    امن انصاف جي نالي ۾ ڇتي جنگ لڳل
    (مچ مچايون هليا، ص 330)

    اسان جي ڌرتيءَ جي صورتحال به ان کان ڪجهه مختلف ناهي، ان ڪري هو سنڌين کي ”اپيل“ ڪري ٿو. پنهنجي طويل نظم ”اپيل“ ۾ هو سنڌين جي سمورين ذاتين، پاڙن، نکن ۽ ڪُڙم قبيلن کي نانءُ کڻي پڪاري ٿو ۽ وينتي ڪري ٿو- هو چئي ٿو ته:

    پَر متڙيا، نه ڪي اياڻا ٿيو،
    ٿورڙو سوچيو، سياڻا ٿيو.
    ۽ اسان کان سوال ٿو ڪري ته:
    امن ۽ آشتيءَ جي ڌرتيءَ تي
    هيءُ مانڌاڻ آ متل ڇا لاءِ؟

    ”سنڌين کي به شل ڏيين ساڃاهه“ واري دعائيه بند کان پوءِ امداد ڪيڏي نه دردمنديءَ سان اسان کي چئي ٿو:

    ته ڏيي جان اوهين ٻرڻ به سکو!
    ۽ اهو ته:
    عفو ۽ درگذر ڪرڻ به سکو!

    اڄ اچو ته اسين سڀ گڏجي انهيءَ نفرت جي باهه تي مٽي وجهون، جيڪا سڀڪجهه ساڙي ٻاري رک ڪري رهي آهي:

    ته انهيءَ کان اڳي جو سنڌ سڄي
    انهيءَ آڙاهه ۾ وڃي رک ٿي
    سڀ اچو پئٽرول جي بدران
    ڀڙڪندڙ باهه تي وجهون مٽي!

    شاعريءَ ۾ ٻولي، لهجي، هيئت، پيشڪش، خيال، فڪر، تصور، احساس، ادراڪ، وجدان، مسلسل محنت ۽ رياضت جي اهميت آهي ۽ اهي ڪُل ۾ جُز وانگي آهن. امداد جو نظم ”ڀٽائي تنهنجو نانءُ“ ان جو مثال آهي، جنهن ۾ سسئي پنهنجي پنهونءَ ڏانهن ائين وڃي ٿي:
    سنڌوءَ جنءَ ساگر ڏي
    سورج جنءَ اوڀر ڏي
    ۽ اهي ٻه سٽون هر بند کان پوءِ ورجائجن ٿيون، ان نظم جو آخري بند سسئيءَ جي انهيءَ سفر جي هڪ نئين شروعات آهي:
    تيز هوا ۾
    ڦاٽل ساٽل ڪنجري جي
    جهنڊي کي جهولائيندي
    انءَ ٿي ڪاهيان ڪيچ شهر ڏي
    هنج اُڏري جنءَ سر ڏي
    پوڄاري مندر ڏي
    سنڌوءَ جنءَ ساگر ڏي
    سورج جنءَ اوڀر ڏي
    (ڀٽائي تنهنجو نانءُ- ص: 78)
    ”قيدي“ به موجوده دؤر جو هڪ اهم نظم آهي. ڪتاب ۾ ان تي نوٽ شامل آهي، پر آءٌ پڙهندڙن جو ڌيان ان نظم ۾ پيش ڪيل اُن دؤر جي ادبي صورتحال ڏانهن ڇڪايان ٿي، جيڪا اڄ به نه رڳو موجود آهي، پر ويتر ابتر ٿي آهي. ان نظم ۾ ڪردار آهن، رويا آهن، قدر آهن ۽ بيقدري به آهي. ادب جي نالي ۾ بي ادبي به آهي، ۽ هڪ ’مهاشيه‘ آهي:
    ٻاهران صاف ۽ اڇو اُجرو
    پر اندر ۾ رڌو پيو آهي
    ڄڻ ڪفن پوش لاش آهي ڪو
    ڍونڍ جي ڌپٰ ٿي اچي جنهن مان
    (قيدي- ص: 220)

    سٺ جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ پنهنجي عروج تي هئي، تڏهن ڪيترائي عام ماڻهو، غريب مسڪين ماڻهو، پورهيت ماڻهو شهيد ڪيا ويا هئا، امداد اهڙن ڪيترن ئي بي نام شهيدن تي پنهنجي شاعريءَ جا گُل نڇاور ڪيا آهن. ”بلو شهيد“ به انهن مان ئي هڪ هو ۽ ان نظم ۾ امداد هن عام ماڻهوءَ کي سلام پيش ڪيو آهي:

    هي رَتُ جيڪو ڌوڙ ۾
    به ٽِڪ ٻڌي بهي رهيو
    اهوئي رَتُ صبح آ
    اهوئي رَتُ شام آ
    (بلو شهيد تي سلام- ص: 85)

    امداد لاشڪ ته مسلسل تجربي جي مرحلن مان گذرندو ٿو رهي. ”واپسي“ نظم ان جو مثال آهي. جنهن جو موضوع ”جنگ“ آهي. جنهن ۾ انسان جي هٿان انسان مري ٿو، شهر تباهه ٿين ٿا ۽ پاڇي ڪجهه به نٿو بچي ۽:

    اوچتو اوچتو خاموشيءَ جو سينو چيري
    هڪ ٿري ناٽ ٿري گوليءَ جو سڏڪو اُڀري!
    ڊاڪٽر الياس عشقي ”حملو“ نظم کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، هي بي قافيا نظم به انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري دنيا آڏو پيش ڪرڻ گهرجي.
    ان ريت امداد جا گيت آهن جيڪي ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڳايا ويا ۽ عوام ۾ گهڻا مقبول ٿيا، سي پڻ هن مجموعي ۾ موجود آهن، امداد جا مختصر نظم آهن، غزل آهن، ٽيڙو آهن، وايون آهن، ترائيل آهن، بيت آهن، دوها ۽ بي قافيا دوها آهن، جيڪي تجربي جي ڪوٺاريءَ ۾ پگهري ڪُندن ٿي چڪا آهن ۽ انهن مان هن جيڪي ڳهه گهڙيا آهن، اهي سنڌي شاعريءَ جي ڪونج ڳچيءَ جو سينگار آهن. انهن مان ڪنهن جو مثال ڏيئي ڪنهن جو مثال ڏجي!
    هو انتهائن ۾ هِڪ نئين ابتدا ڪرڻ تي آڀاري ٿو، هو انتهائي مايوسين، بي وَسين جي اونداهين ۾ سورج اُڀرڻ جي ساک ڏي ٿو. ان ڏس ۾ آءٌ امداد جي نظم ”ڌارين ۾ هڪ پنهنجو“ جو آخري بند ڏيئي پنهنجي ڳالهه ختم نه، پر شروع ڪريان ٿي:

    تاڏي تو دنبوق سِڌي ڪئي
    جاڏي ڪوئي هنج اُڏاڻو
    جڏهن جڏهن به بلاول ڄائو
    تڏهن تڏهن تو کوڙيو گهاڻو
    پوءِ به سچ ته سورج وانگر
    ڪونه اُجهاڻو ڪونه اُجهاڻو!


    Mohammad Ibrahim Joyo

    Mohammad Ibrahim Joyo
    Gems of Poetry

    Tikhur on the west bank of Sindhu is known for its great poets and prose writers, Syed Imdad Hussaini is the rarest gift, this town has given to Sindh in the post-Pakistan period of its history -Imdad's contribution in free verse are the gems of his poetry, and his long poems are reflecting the soul of Sindh and the spirit of Sindhi people in their struggle for justice and national rights & his poetry will remain as a model and an ever-shining example, generation after generation, and our poets will follow-him as his contemporaries do. The people of Sindh and the Sindhi Speaking people all around the world read him, sing him & adore him, and keep his couplets in their heart.


    Rasool Bux Palijo

    Rasool Bux Palijo


    Sweet Melodies
    Imdad Hussaini's powerful patriotic poetry has inspired Sindhi nation in its long and arduous struggle for social and spiritual emancipation.
    With the passage of time it gain social maturity and deeper insight. Rooted in the Socio-Economic sufferings of struggling humanity inhabiting the global village. Voicing its deep feelings and aspirations, and synthesizing the best elements of the loftiest and noblest social ideas of our epoch. It is free of the out-worn similes, the over-worked poetic cliche’s , and the hackneyed metaphor. His fresh, spontaneous and captivating couplets and sweet melodies enchanted a generation of lovers of Sindhi culture and poetry.


    Ghulam Rabbani Agro

    Ghulam Rabbani Agro

    Sindhi will be Proud of Imdad Hussaini

    Imdad Hussaini was born in a small village of Sindh, called Tikhur which is famous for producing eminent poets and prose writers, who enriched Sindhi literature in the 20th Century What makes Imdad distinct and distinguished from this galaxy of writers & poets in Sindhi literature, is his own unique style, diction and creative imagination. Imdad is acknowledged to have inspired a full new generation of poets and writers. Shaikh Ayaz, the greatest poet of our times once told me that:
    It is his considered opinion that among
    his junior contemporaries Imdad is the
    truly creative poet, with a bright future.
    Imdad, Tanveer and myself have worked together for more than three decades to foster the language and literature of Sindh. I can therefore say with some confidence that I never saw any ambiguity in his word and deed. The future generation of Sindh will be proud ofImdad Hussaini as a man and as a poet.


    Siraj

    Siraj

    But Sindh Shall Never Die!

    It is impossible to categorize a great poet. All one can do is to count the blessings he bestows on the language and its literature. Like Ayaz, Imdad is not only a master craftsman, but a true representative of the dreams of ordinary Sindhi people. In a manner of speaking, he is a folk poet - a people’s poet, but his poetry's content and idiom is more sophisticated & richer. Imdad has given new meanings to numerous ordinary and plain words used in rural Sindh. His command of rural sensibilities has given to his poetry a richness rarely seen in his generation. While other Sindhi poets of his generation depend on themselves and are satisfied with their inner resources. Imdad looks to the experiences of life to furnish the material for his inspirations. His eager desire for knowledge, love, experience, suffering and above all his longing to see Sindh and its people to survive and surface from the ugly morass of present day Socio-Economic-Polity of Pakistan has made him a distinctive and remarkably lovable poet of Sindh, that is why in one of his poems "marni naahay Sindh", he says:
    "Life is like unspunned thread
    We- you and me- may die
    But Sindh shall never die!"


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 854
    ڪتابن جو مشاهدو: 2311093
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 592649
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ