ٻُڌڻو پيو اهو به! ٻُڌڻو پيو اهو به! ڪالهه هتي هو چنڊُ، اَڄُ اُتي اونداهه جو- مانڊيءَ منڊيو منڊُ! مون ۾ ڳُڻُ نه ڪوبه، توکان، ماڻهن جي اڳيان- ٻُڌڻو پيو اهو به! تنهنجو سهج سڀاءُ، وٽئي مُرڪ لوڻَ ٻُرڪ- وٽم گهرو گهاءُ!