شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

ڪرٽ ڪري ڪرڙاٽ

ڪرٽ ڪري ڪرڙاٽ

ڄيري ڄَرَ ڄَراٽَ، ٻهران آءٌ اُجهاڻل!
اندر جهڙو کورو کامي، مٿان وسي ٿي ماٽَ،
ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

منهنجي من ۾ مَچَ مچن ٿا، ڇڻي وڻن مان ڇاٽَ،
ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

سُپنا سانوڻ جي سنڌوءَ جا، ڪُن ڪُن ۾ ڪڙڪاٽَ،
ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

سوچن جي سنگين چپي ٿي، لُڇي لوچ جي لاٽَ،
ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

ڀَرُ ڪري ڪو هڻي ويو آ، لوڻي ڀَرُ لپاٽَ،
ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

اندر محل ۽ ماڙيون، بنگلا، جڳ مڳ جهاڙ، ڪٻاٽَ،
ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

اندران اندران کامان پڄران، اهڙي اُڃَ اُساٽَ،
ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

هٿ تريءَ جون ليڪون ڊاٺل، سُڃي سموري واٽَ،
ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

چوڏهينءَ جي چانڊوڪي چِت تي، هونئن هرپاسي ٻاٽَ،
ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

ميخ مغز ۾، کُتل ڪپار ۾ ڪرٽ ڪري ڪرڙاٽَ،
ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

من متوالو، جيءُ جهُڙالو، ور ور وِڄَ وراٽَ،
ٻهران آءٌ اُجهاڻل!