شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

آءٌ ۽ چنڊ

آءٌ ۽ چنڊ


وري وقت بازولي پاتي
۽ دولاب سان
سج جي سيني ۾ خنجر هنيو
۽ تازن گلابن جون نازڪ ۽ معصوم پتيون
اُفق تي اُڏامڻ لڳيون
انهيءَ خون ناحق لڪائڻ جي خاطر
وري رات آئي
وري چنڊ جا داغ روشن ٿيا
وري زخم تارن جا مُرڪي پيا
وري درد جي قافلن
دل جي منزل تي خيمن کي کوڙيو
وري بيقراريءَ جا نشتر لڳا
وري جاڳندڙ نيڻ ڦٿڪي پيا
وري مدتن کان اُڃايل زمين تي
اکين اشڪباري ڪئي!

ائين رُئندي رُئندي
نظر چنڊ تي پئي
اُهو چنڊ صدين جو گهايل
اُهو عهد پيمانِ الفت جو تنها امين
وفائن جو ضامن

اِئين پاڻ ڏي
مون کي يَڪ ٽِڪ تڪيندو ڏسي
کِلي پيو- ۽ پوءِ
آءٌ ۽ چنڊ
کِلندا کِلائيندا
جڳمڳ ستارن جا سينا لتاڙيندا
تاريڪين جا ستم دل تي سهندا
نئين صبح جي جستجوئن ۾ نڪري وياسين
جتي اَڻمَيا رنگ خوشبو جا آهن خزانا!