ڪُونج ڪُرلائي پئي
اڄ وري اُتر ڪنان ڪا ڪُونج ڪُرلائي پئي
ٻاٽ آهي واٽ اُن ۾ لاٽ ڪا جرڪي پئي
روح ۾ مينديءَ رتي خوشبو وئي آ اوتجي
لال ۽ کنهبي لهوءَ ۾ لات ڪا لڇندي وڃي
ڪربلا جي واقعي جا پار ٿي پڇندي وڃي
ڇا چوان هر لفظ آهي تير ڪو منهنجو نِڙيءَ مان آرپار
هوءَ اُفق تي آ شفق يا موڙ ٿو قاسم ٻڌي
هُو گلابي گل ٽڙيا، يا آهه لالڻ جو لباس
چنڊ چوڏهينءَ جو چڙهيو يا آ چڙهيو دُلدُل سُوار
هي ستارا ڪيم ڀانئج هي اٿئي ابهم علي اصغر جا ٽهڪ
ٽهڪ جي گُهٽجي ويا هڪ هڪ ستارو ٿي ڇِڳو
رات ڪارو ويس پاتو ۽ وئي ماتم ڪندي
لڙڪ روئي ماڪ جا!
سِڄُ اُڀريو يا گلابي گهاءُ آهي گهوٽ جو
۽ تتل ڌرتيءَ مٿان آهي رڳي رت جي رَئي
هنج ٿا موتي چُڳن ۽ مڙد ٿا پِڙ کي پڇن
جنگ جو نالو ٻڌي ڪانئر پيا ٿر ٿر ڪنبن
پِڙ مٿي پرزا ٿيڻ ابنِ عليءَ کان ڪو سِکي
رِڻَ ۾ لائون لهڻ ابنِ عليءَ کان ڪو سِکي
سِر ڏئي سَرهو ٿيڻ ابنِ علي کان ڪو سِکي
هيءَ آکاڻي لکي جيڪو، اُهو
سِر ڪري پنهنجو قلم
مَسُ بدران رَتَ ۾ ٻوڙي لکي!