ڳيت ڳائي ڪونه سگهياسين!
چپن تي ٽيپ چنبڙيل، مسڪرائي ڪونه سگهياسين،
اي ڪويل بخش ڪج، ڪو ڳيت ڳائي ڪونه سگهياسين.
اِئين وڇڙي وياسين، موڪلائي ڪونه سگهياسين،
انهيءَ کان پوءِ کن پل چين پائي ڪونه سگهياسين.
ڪلهن تي بار وانگي ئي سدائين ڀاسِيو آهي،
اُهو سِر جو ڪڏهن سوريءَ سجائي ڪونه سگهياسين.
سڄڻ آهي، نه سرهي سيڄ، مڌ آهي نه چانڊوڪي،
ورهيه ٿيا رنگ رس اهڙو رچائي ڪونه سگهياسين.
چپن تي مُرڪ جون مکڙيون اکين ۾ ماڪ لڙڪن جي،
لڪائيندي به جذبن کي لڪائي ڪونه سگهياسين.
اهوئي نينهن جو آهي، سِچاڻو سينهن سو آهي،
متان سمجهين ته پاڻ اُن کي نپائي ڪونه سگهياسين.
هوا هئي، پنڌ هو، سگرٽ دکائي ڪونه سگهياسين،
مگر جا آڳ هئي دل ۾ اُجهائي ڪونه سگهياسين.
اَڻيهي مُرڪندي مَرڪڻ، اڻيهي مَرڪندي مُرڪڻ،
سوين هئا سور سيني ۾ لَکائي ڪونه سگهياسين!
بيابان کي لتاڙيوسين، پهاڙن کي جهڪايوسين،
مگر ”امداد“ کي ماري مڃائي ڪونه سگهياسين.