شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

ڪوئي گيت سُڻائي!

ڪوئي گيت سُڻائي!


ڪوئي گيت ٻڌائي
تنهنجو نه سهي
منهنجو نه سهي
ڪنهن جو به سهي
ڪوئي گيت سُڻائي!

ڪيسين تائين چَپ چُپ رهندا، ٻول چئو ٻولائي
هر سُر سونو سِڪو آهي سِڪن کي ڇڻڪائي
ڪوئي گيت سُڻائي!
اُلجهيل اُلجهيل مَنُ آهي، مَنَ! اُلجهيل کي سُلجهائي،
اونداهيءَ جي خاموشيءَ ۾، سُر جو ديپ جلائي
ڪوئي گيت سُڻائي!
ڪوبه ملهائي يا نه ملهائي، راڳي تون ته ملهائي
اڻٿيڻيءَ کي ٿيڻي ڪر تون، وِجهه تون وقت ورائي
ڪوئي گيت سُڻائي!
اُلا اُلا آلاپن سان، تن من آڳ لڳائي
شيشو سناٽي جو شيشو، پٿر تي اُڇلائي
ڪوئي گيت سُڻائي!
ڪنڌ ڪلهن تي بار لڳي ٿو، ٻيجل تند ٻُرائي
مُک تي مَڙهه جي ماٺ مڙهيل ڇو، ڳائي ڳائي ڳائي

ڪوئي گيت سُڻائي
تنهنجو نه سهي
منهنجو نه سهي
ڪنهن جو به سهي
ڪوئي گيت ٻڌائي!