ڇپائيندڙ پاران
سائين امداد حسيني پنهنجي مان ۽ مرتبي جي لحاظ کان اسان سڀني لاءِ گهڻو قابلِ عزت آهي. هن پنهنجي سموري زندگي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. پاڻ گذريل پنجاهه پنجونجاهه سالن کان سنڌ جي مختلف علمي ۽ ادبي ادارن، جهڙوڪ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، شاهه لطيف چيئر ۽ سنڌي ادبي بورڊ سان مختلف حيثيتن ۾ واڳيل رهيو آهي ۽ انهن سمورن ادارن لاءِ هن وس ۽ وِت آهر علمي، ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تخليقي ڪم پئي ڪيو آهي. هو ساڳئي وقت ڪهاڻيڪار به آهي ته نقاد به، هن تحقيقي مقالا به لکيا آهن، جيڪي مختلف ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پيش به ڪيا ويا ته ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڇپيا به. هن مختلف رسالن ۽ اخبارن لاءِ ريگيولر ڪالم به لکيا آهن، ته ريڊيو لاءِ گيتن سان گڏوگڏ فيچر، گيت، ڪهاڻيون، ناٽڪ ۽ سيريل به لکيا آهن، ته ساڳيءَ وقت هن ٽي.وي لاءِ به گيت، ڊراما ۽ سيريل لکيا آهن. پر هن جي بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر جي آهي.
سائين امداد حسيني سنڌي ٻوليءَ جو هڪ نامور شاعر آهي. جنهن پنهنجي ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جي ابتدا ڪئي هئي. سٺ جي ڏهاڪي ۾ هن جي جاندار ۽ اعليٰ ۽ ارفع شاعري جيڪا صحيح معنيٰ ۾ جديد فڪر سان ٽمٽار هئي، تنهن هن کي صفِ اول جي شاعرن ۾ آڻي بيهاريو. تڏهن کان وٺي پاڻ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ پنهنجي پوري قد ۽ مد سان بيٺل آهي.
هيءُ ڪتاب امداد حسينيءَ جي شاعراڻي زندگيءَ ۾ هڪ نئون سنگِ ميل ثابت ٿيندو.
”ڪِرڻي جهرو پَلُ“ اُن وقت جي انتظاميه سائين امداد حسينيءَ کان اهو مجموعو گهرائي ورتو هو، ۽ اڄ کان ٽي سال پهرين اهو مجموعو ڪمپوز ٿي چڪو هو ان جا ٻه پروف به پڙهجي چڪا هئا، پر پوءِ ان کي ترسايو! “چئي: ان کي روڪيو ويو هو. پر زنده شاعريءَ کي” پنهنجن پڙهندڙن/ٻڌندڙن تائين پهچڻ کان ڪير به ترسائي نٿو سگهي، ۽ ”ڪِرڻي جهڙو پَلُ“ کي مُٺ ۾ بند نٿو ڪري سگهجي. سو، انهيءَ آزاد ۽ روشن پل کي اوهان تائين پهچائڻ جو ڪريڊٽ شايد اسان کي ئي ملڻو هو.
سائين امداد حسينيءَ جي انتهائي سنجيدي، ميچوئر ۽ جيءُ جهنجهوڙيندڙ نظمن، مرصع غزلن ۽ رسيلن گيتن سان سينگاريل هي مجموعو ”ڪِرڻي جهڙو پَلُ“ شاعر کي اسان پاران سندس سالگره جو تحفو آهي.
سنڌي ادبي بورد طرفان سٺا ڪتاب اوهان پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ جناب مخدوم جميل الزمان چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ جن جي خاص هدايتن تحت شاعريءَ جو هي حسين گُلدستو ڇپائيءَ پڌرو ڪري رهيا آهيون. اسين اُميد ڪريون ٿا ته اوهين هن ڪتاب کي پڙهندؤ به ۽ دوستن کي تحفي طور ڏيندؤ به. ائين ئي هڪ شاعر کي پنهنجي محبتن جو نذرانو پيش ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب وٺو، پڙهو ۽ پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪريو- اسان کي توڙي شاعر کي!
ڄام شورو سنڌ الـهـڏتو وگهيو
01 ربع الثاني 1433هه سيڪريٽري
بمطابق 24- فيبروري 2012ع سنڌي ادبي بورڊ