شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

پَلُ، وقت، سمئه : امداد حسيني

ڪڏهن دل ٿيندي آهي ته زندگيءَ جي وهڪري ۾ گهاگهائي گهڙي پئجي:

ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهِڙن جي

ڪڏهن وري اُهائي دل سڀڪجهه ڇڏي ڏيڻ، تياڳڻ چاهيندي آهي.
سڀڪجهه! (جيئن ڪنهن ڏاهيءَ ڏس به ڏنو هوم)، ها، سڀڪجهه-
سواءِ ڪَوِتا جي، ها، ڪَوِتا جي- جيڪا مون سان آهي.
سدائين کان، ازل کان- نه پر ازل کان به اڳي- ۽ ابد تائين.
بلڪ ابد کان پوءِ به گڏ هوندي مون سان!

ازل ابد هڪ وِکَ آهي، ڪنهن به ڪويءَ جي لاءِ!

مون ته هر پل ڪوتا- لڙيءَ ۾ پُوئڻ گهريو آهي:

لڙڪ هجي ته رکي ڇڏيان، ٽِشو پيپر منجهه
مُٺ ۾ ڪنءَ پڪڙي سگهان، ڪِرڻي جهڙو پَلُ!


پر اهو ڪِرڻي جهڙو پَل- وقت جو اهڃاڻ، سمئه جو پرتيڪ-
مُٺ ۾ پڪڙي سگهجي ٿو؟ نه!
پر ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پل/ وقت/ سمئِه- اهو ڪِرڻو صرف ۽ صرف شاعريءَ/ ڪَوِتا ۾، جيڪڏهن اُها شاعري/ڪَوِتا آهي ته، پڪڙي سگهجي ٿو.

[b]امداد حسيني
[/b] 5.9.2007
ڄام شورو، سنڌ