شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

چهرو، موسم ۽ ندي

هر چهري جي پٺيان هڪڙو ٻيو به ته چهرو هُوندو آهي

هڪڙو چهرو سڀني آڏو کِل کِل کِل پيو کِلندو آهي
اُن جي پٺيان جيڪو چهرو هوندو آهي
پنهنجي پَرِ ۾ رَتُ پيو سو رُوندو آهي!

هر چهري جي پٺيان هڪڙو ٻيو به ته چهرو هوندو آهي
هر موسم جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته موسم هُوندي آهي

هڪڙي موسم هَٿَ تريءَ تي ڏيئا ٻاري ايندي آهي
اُن جي پٺيان جيڪا موسم هوندي آهي
ڪوول وانگي سا گيت برهه جا چُوندي آهي!

هر موسم جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته موسم هُوندي آهي

هر نديءَ جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته ندي هُوندي آهي

هڪڙي ندي سڀني آڏو ڇل ڇل وهندي ويندي آهي
ان جي پٺيان جيڪا ندي هُوندي آهي
سا صدين جي منهن تان ڪارنهن ڌُوندي آهي!

هر نديءَ جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته ندي هُوندي آهي