شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

چنڊ وڌيڪ ٿڌو!

چنڊ وڌيڪ ٿڌو!

جنهن لهرين سان پيار ڪيو،
سو مون وانگي روئندو ويو.

مُند مينهوڳي آئي وئي،
هيل به وَڏَڦڙو نه وُٺو.

اِنءَ پيا ڪاٽيون ڏينهن ڏکيا،
ڪاٺ ٽُڪي جنءَ ڪاٺ ڪُٽو.

مان به اوهان کي ٻڌندس پر،
پهرين منهنجي ڳالهه ٻڌو.

مون جو مُنهن تي سَچُ چيو،
هر ڪنهن هٿ ۾ پٿر هو.

هڪڙو هُو جو ڪونهي ڪو،
سڀڪجهه آهي ڦِڪو ڦِڪو.

آءٌ به توکي چاهيان ٿو،
توکي اهو پتو نه پيو.

اڱڻ اڱڻ تي آڌيءَ جو،
پِيلو چنڊ وڌيڪ ٿڌو.

خيال جو روشن پاڇو،
روپ وٺي شل ڪوتا جو.

راءِ ڏياچ سڏايو، پر،
پهرين سِر جو دانُ ڏيو.

چپ ۾ چَڪُ وجهي ڇڏيم،
اڌ ۾ گهٽجي ويو سُڏڪو.

رات کڻي ڪيڏي به سهي،
پر ڏينهن ته نيٺ به ٿيندو.

ڇاتيءَ ۾ ڇا رکيو هو؟
جيڪي هو سو رَکَ ٿيو!

هڪڙي ڀيري دل کولي،
جيڪي چوڻو اٿو چئو!

تنها تنها راتين جو،
تو ڪو مون کي ياد ڪيو؟

منهنجو پيار پلڻ وارؤ،
پنهنجيءَ دل تي هَٿُ رکو.

جسم وڪامي سگهجي ٿو،
روح ته ڪنهن ناڻي نه ڳِڌو.

ميڻ بتي به وسامي وئي،
هاڻي رويو ويٺو رو.

گهوڙا! پنو ويچارو،
جيڪي به وڻيوَ اُهو لکو!

آهه ڪٿي ”امداد“ اُهو،
جيڪو شعر به چوندو هو.