قيدي!
”قيدي“ نظم 1992 ۾ لکيو هئم، تڏهن، جڏهن قمر شهباز جيل ۾ هو، ڏوهه؟ سنڌي هجڻ! نه پُٺ- نه مُٺ، ڪراچيءَ، آرٽس ڪائونسل، ۾ مشاعرو هو، مون اُن ۾ اياز جو نالو ورتو هو. اياز ڪراچيءَ ۾ هو، پر مشاعري ۾ شريڪ نه هو. شايد ٻيو به هڪ اڌ نالو ورتو هوم. قمر جو نالو انهن ۾ نه هو، جيڪو اُن وقت ڪراچي جيل ۾ هو، هُن ڏوراپو ڏياري مُڪو، چُمي چشمن تي رکيم ۽ هي نظم لکيم.
نظم، زبيده ڪاليج ۾ قمر سان ملهايل شام کان سواءِ، نه ڪٿي پڙهيم نه ئي ڪٿي ڇپيو. ان جو صرف پهريون (زندگي) ٻيو (روشني) ۽ پنجون (مهاشيه) بند ئي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو آهي، هن نظم ۾ ڪردار فرضي آهن، نقلي آهن، ڪابهresemblance محض اتفاق آهي، هن نظم ۾ هڪ ئي ڪردار اصلي آهي ۽ اُهو آهي: ”قيدي!“
زندگي مون چيو هئو هُن کي
پر اهو سوچيو به ڪونه هئم
ته اها زندگي حقيقت ۾
هاءِ ڪيڏي نه بيوفا آهي
ڪنهن به معنا سوا، بنان مقصد
ڄڻ ته ويراني ۾ صدا آهي
هُن جيان ئي هروڀرو مڇريل
هن جيان ئي خفا خفا آهي
ڀوڳنا صرف ڀوڳنا آهي
موت هرکن پٺيانس ڊوڙي ٿو
وجهه وٺي اَڳُ ٿو جهلي بيهي
پوءِ رستا هزار بدلايو
هي ڦري دَڳُ ٿو جهلي بيهي
۽ کڻي پيڙهه کان اُکوڙي ٿو
پنهنجي ٿوهر هٿن سان شاخن تان
مکڙيون، گُلَ، گونچ روڙي ٿو
ڇِڪَ سان جند- تند ٽوڙي ٿو
جا جُڙي ڪانه ٿي اُميريءَ سين
پر اِها ڳالهه جي ڪري شاعر
ته بنان ڏوهه جي به ڏنڊ ڀري
چئي نقاد پوءِ وڏي واڪي
ته:”اڃا ڪونه ٿو مرين بابا!“
پر اِئين ڇونه ٿو چئي ته: ڪوي
ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻ کان آ مُڪت
هو ته آزاد آ هوا وانگي
جنهن کي سيخون ڪڏهن جهلي نه سگهيون
هُو ته وقت آهه جو نٿو ٿمجي
هُو ته آهي اننت سمنڊ جيان
ٿاهه جنهن جو نٿو لهي سگهجي!
هو ته ڌرتيءَ جيان وشال آهي
هو ته آڪاش وانگيان اُوچو
جو جهُڪي ئي نٿو سگهي ڪڏهين
هُو جُوالا مُکي اُهو آهي
جو ٺري ئي نٿو سگهي ڪڏهين
جو امر ٿي چڪو حياتيءَ ۾
سو مري ئي نٿو سگهي ڪڏهين
هُو ته اتهاس جا اُهي پنا
آهه، جي پاڻ هُن لکيا آهن
جيڪي هر قوم، هر زماني لاءِ
هر نئين نسل لئه سِکيا آهن
پر اوهان لاءِ جي چِکيا آهن
ته علاج ان جو وڏڦڙو به نه آهه!
روشني مون چيو هئو هُن کي
روشني جا تڙي ٿي اوندهه کي
روشني جا رڳو سُهائو آ
سوجهرو، نور ۽ اُجالو آ
سَچَ ۽ سُونهن جو حوالو آ
سِجُ ۽ چنڊ ۽ ستارو آ
هن سموري سرشٽ ۾، جيوت
لاءِ ست رنگ استعارو آ
پر اِهو سوچيو به ڪونه هئم
ته اِها بلب آهه تارونءَ تي
جو مسلسل پَري رهيو آهي
۽ اها روشني تِکي ٿِي ٿِي
اکڙين ۾ اِئين چڀي ويندي
جو اڳيان هَٿُ آڻڻو پوندو
۽ جڏهن هٿ هٽائڻو پوندو
ته اکين جي اڳيان رڳو نچندا
ترورا ترورا وڃي بچندا!
دوستي مون چيو هئو هُن کي
پر اِهو سوچيو به ڪونه هئم
ته اها دوستي هئي دم جي
سا به نادان سان نه ڪنهن ڪم جي
جيڪڏهن دوستي اها آهي
دشمني پوءِ ڇا ڀلا آهي!
هُن ته مون لاءِ پاڻ ماريو ٿي
پاڻ تي پيٽرول هاريو ٿي
پوءِ ماچيس سان گهي تيلي
پاڻ کي جيئري ئي ٻاريو ٿي!
۽ پکي سان رئو ٻَڌي پنهنجو
پاڻ کي پاڻ ٿي ڏنو ڦاهو
ٻوڙِيائين ٿي پاڻ سنڌوءَ ۾
هُن ته نس کي بليڊ سان ٿي ڪپيو
ٽرين مان پاڻ کي ٿي ڪيرايو
کُڏ تان پاڻ کي ٿي اُڇلايو
ڇا اهو ڍونگ هو؟
رڳو دُلبو!
يا ڇڙو ڊائلاگ بازي هئي!
۽ انهيءَ ڊائلاگ بازيءَ ۾
هوءَ ماهر هئي اڳي کان ئي
ڊائلاگن تي ڊائلاگ هڻڻ
کان سوا ڄڻ ته ڪجهه سِکي نه هئي
رات جو ٽين چئين وڳي تائين
فون تي گفتگو ڪرڻ مون سان
مشغلو من پسند هو هُن جو!
سينڌ تي هٿ رکي چيائين جو
پَتر آڱر ڇلي لکيائين جو
سو رڳو ڪُوڙ هو؟
رڳــــــــو دوکـــــــــــو!
ڄڻ ته ماچيس جو ٺلهو کوکو
ڪنهن ڊِڙي تي سواءِ اُڇلڻ جي
ڪوبه ڪارج نه سِڌ ٿئي جنهن مان!
ڪالهه جنهن باغ ۾ ملي ٿي هوءَ
۽ گلن ساڻ گڏ کلي ٿي هوءَ
اڄ اُهي گل به چٿر ٿا ڀاسن
اڄ اُهي ٽهڪ مِڪر ٿا ڀاسن!
ڪالهه ڪيڏي نه هوءَ پنهنجي هئي
صرف ۽ صرف صرف منهنجي هئي
اڄ اُهائي هئي ٻئي ڪنهن جي
سَتَ ڌارين ۽ پَر پرائي هئي
ڪالهه هڪ وار جي وِٿي نه هئي
اڄ جدائي رڳو جدائي هئي
ڪالهه جنهن جاءِ تي هئس آئون
اڄ انهيءَ جاءِ تي ٻيو آهي
(۽ سڀاڻي وري ٽيون هوندو)
ها ٻيو جنهن رڳو ٻيائيءَ سان
بي حيائيءَ ۽ بي پِتائيءَ سان
زهر ايڏو پري ڇڏيو هُن ۾
جو سندس سُرخ رنگ اُڏامي ويو
هاڻ نيري لڳي پئي آهي!
شاعري مون چيو هئو هُن کي
پر اهو سوچيو به ڪونه هئم
ته اها شاعري سزا آهي
سا به ڪنهن ڏوهه کان سوا آهي
جا اڃا تاءِ ڀوڳيان ويٺو
هي لهو رنگ لڙڪ مس گاڏڙ
ڪاڳرن جي مٿان رُئان ويٺو
لفظ جي روپ ۾ لکان ويٺو
جي ڪڏهن پوسٽ ڪونه ٿي سگهندا
پوسٽ جي ٿي به ويا ته ڇپجڻ کان
پهريائين جناب ايڊيٽر
(ڏات جنهن کي نه ڏانءُ آهي ڪو
ڍونڍ تي ڄڻ ته ڪانءُ آهي ڪو
جيڪو پنهنجو لکيو پڙهي نه سگهي
۽ ٻين جو پڙهي ڪڙهي نه سگهي
ڪيئن اِن سيٽ تي اچي پهتو؟
ڪير آ جو ڀلا نٿو ڄاڻي
جنهن ڪڏهن سِٽَ ڪانه سرجي ڪا
ته غزل، نظم، گيت، وائيءَ جي
ڪنهن ترائيل، بيت، ڪافيءَ جي
ڪنهن مقالي جي ڪنهن ڪهاڻيءَ جي
سو ڀلا ڪيئن مُلَهه- ڪَٿَ ڪندو
جو ڇڪيندو رهيو ڍري واڏڻ
سو ڀلا ڪيئن سمجهندو ته ادب
صرف پيشو نه آ، عبادت آ
۽ سڄي عمر جي رياضت آ!)
سي پنا پاڻ سان کڻي هُن وٽ
پهچندو پاڻ کي وڻائڻ لاءِ
هوءَ پڙهندي ته هيڊ ٿي ويندي
پوءِ ڌمچر کڻي مچائيندي
۽ تماشو کڻي لڳائيندي
ڪاڪڙي-ڦاڙ ڪُور ڪُور ڪندي
پُڇُ لوڏي گهڻا هليا ايندا
۽ اچي لُور لُور لُور ڪندا
ڄاڱري ڄڀَ ساڻ گِگ ڳاڙي
۽ لڪيندا اچي چٽيندا کيس
۽ سندس هلڪڙي اشاري تي
ٻولڙيا دُهلڙي ڳچيءَ پائي
چَونڪ کان چَونڪ ۽ گهٽيءَکان گهٽيءَ
گِگ وهائيندا ڀونڪندا ويندا
وَجُهه لڳندن ته چڪ هڻي ڪڍندا!
پهچندا پوءِ اُن مهاشيه وٽ
مختصر ذڪر ٿي وڃي اُن جو
ٻاهران صاف ۽ اڇو اُجرو
ڄڻ ته ڪورو پنو هجي ڪوئي
ڌيان ۽ گيان ساڻ جنهن تي ليک
مور جي کنڀ سان هجي لکڻو!
يا ڪپهه جي ٽڙيل ڦُٽي ڪائي
صبح جي سِجَ جي سواگت لئه
پرهه جي ماڪ سان سنان ڪيل!
ٻاهران صاف ۽ اَڇو اُجرو
پر اندر ۾ رَڌو پيو آهي
ڄڻ ڪفن پوش لاش آهي ڪو
ڍونڍ جي ڌَپَ ٿي اچي جنهن مان
پر مٿان عطر ۽ عنبير هڻي
پاڻ تي خوب سينٽ ڇٽڪاري
گند بيٺو ٻين تي اُڇلائي!
آگهي مون چيو هئو هُن کي
پر اهو سوچيو به ڪونه هئم
ته اها آگهي ملي به وڃي
ته رڳو اُڃَ رُڃَ سُڃَ آهي
بس رڳو بُکَ ڏکَ جَکَ آهي
هن چيو هو ته مور- پَرُ آهي
پر پٽيل آهه، هن چيو هو ڪونه!
آءٌ آهيان ۽ قيد تنهائي
ڄڻ ته ڪو بي دريافتو قيدي
جنهن جي اڄ تاءِ ڪابه شنوائي
ڪانه ٿي آهه ڪنهن عدالت ۾
نه ملاقات ئي ڪڏهن آئي
۽ انهيءَ بي گناهه قيديءَ لاءِ
ڪوبه ٺهراءُ پاس ڪونه ٿيو
نڪو اخبار ۾ بيان ڇپيو
نڪو جلسو جلوس ئي نڪتو!
آگهي مون چيو هئو هُن کي
شاعري مون چيو هئو هُن کي
دوستي مون چيو هئو هُن کي
روشني مون چيو هئو هُن کي
زندگي مون چيو هئو هُن کي