ڪارنهن
هڪڙي ڪوري ڪاڳر تي
ڪوڙهئي هٿ سان
مَنڊا ٽُنڊا اکر لکي
تو فرمايو:
”هِن ۾ تنهنجو
۽ تنهنجي ايندڙ نسلن جو
ليک لکيل آ
تنهنجن حقن ۽ فرضن جو
سڀ احوال انهيءَ دفتر ۾ داخل آهي
تنهنجي هر بي نانءُ خوشيءَ جو لاش سڙيل
ڪاڳر جي هن مفت ڪفن ۾ ويڙهيل آهي
تنهنجين مُرڪن جا ماڪوڙا
هن ڳُڙَ لڳل ڪاڳر تي چهٽيل آهن
تنهنجي هر خواهش جو
لوُسي ڪُتو
ڀَونڪي ڀَونڪي
پنهنجا ڦَٽَ چٽيندو
هِن ڪاڳر کي سُونگهي
پُڇ لوڏيندو!
توکي ورثي ۾ مليل بيمارين ۽ دردن جو
هِن ۾ دارُون درمل آهي
اَڌُ انهيءَ مان گهوٽي پي ڇڏ
اَڌ جو تائِٿ ٺاهي
ڳَٽُ ڳچيءَ ۾ پائي.....“
ٻيو به الائي ڇا ڇا تو پئي فرمايو
مون ته سمورو وقت اهو پئي سوچيو:
’منهنجي سيني ۾
هڪڙو دل جو دفتر آهي
اُن تي ٻاجهه ڀريءَ ٻوليءَ ۾
مور- کنڀ سان ليک لکيل آ
اُن تي هڪ ٻاجهاري هٿ جي
مُهر لڳل آ
۽ اُن دل جي دفتر جي
هرڪا سِٽَ نرڙ تي اُڪريل آهي....‘
پراو پاپي!
پراو گيدي!
تنهنجي اندر جي اَکِ مُئل آ
تنهنجي سيني ۾
دل دانگي آ
تون اُن دانگيءَ جي ڪارنهن
منهنجي مُنهن تي ڪوهه مَلين ٿو؟!