منهنجو ڳوٺ منهنجو ڳوٺ رُکي مانيءَ جهڙو ڏينهن جهيڻي ڏيئي جهڙي شام خالي ٿالهيءَ جهڙي رات سارا تارا اُن ۾ سَلَ پير به ننگا پُٺِ به ننگي اهڙو منهنجو آهي ڳوٺ هرڪنهن سڏ تي جيءُ چوي ٿو پوءِ به ٻوڏ ۽ ڦوٽ ٻڌي ٿو!