شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

وڻڪاري مهم

وڻڪاري مهم


اخبارن ۾ چالو آهي
وڻڪاريءَ جي مهم
ڪوڙين ٻوٽا پوکيا ويندا
سائو ٿيندو ملڪ
واتا ورَڻ به صاف ۽ سٿرو
ٿيندو، اهڙيءَ ريت

پر هيءَ جا منهنجي پاڙي مان
وڍجي ويئي ٻير
ٻُور جهلي پکيڙيندي هئي جا
کٽي مِٺي سُڳنڌ
کٽي مِٺي ٻورايل رُت ۾
ٽِنڊريل ٻيرن ساڻ
تنهنجي ڳاڙهي ڳِٽي جهڙا
ڳاڙها ٻير ڳٽولَ
جُنب لڳڻ تي ٻارن ڪارڻ
ڇاڻيندي هئي ٻيرَ

ها ها ساڳي ٻير جنهين ۾
رِبن ٻڌي هئي پاڻ
کن اَکن لئه اکيون پوري
دعا گهري هئي پاڻ

ڌرم نه ڪنهن کان دين پڇيائين
ساڳي سڀني لاءِ
نِٽهڻ اُس ۾ پانڌيئڙن لئه
ٿڌڙي ٿڌڙي ڇانوَ
پنڇي پنهنجن آکيرن ڏي
ورندا هئا هر شام
پرهه پکيئڙن پرڙا کولي
ڇا ته لنوي ٿي لات!

هاڻي ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي
آهه کُتل هڪ لاهه
هاڻ جڏهن به لنگهان ته پري کان
خالي ڄڻ ڪئنواس
اکڙين منجهه کُپي ويندو آ
ننگو ننگو ڏيک

اخبارن ۾ چالو آهي
وڻڪاريءَ جي مهم
پر هيءَ جا منهنجي پاڙي مان
وڍجي ويئي ٻير
ٻُورُ ۽ ڇانوَ به ڪپجي ويئڙا
اُڏري ويئڙي لات!