مانَ پَسان پرڀات! مانَ پَسان پرڀات! رات ڪٽيسين اِيئَن، لاڳيتو ڪَٽبو رهي- پير- ڪڙيءَ کي جيئَن! جيون ڀاسي اِيئَن، ڪڏهن ڪڏهن ”امداد“ ٿو- ڳَٽُ ڳچيءَ جو جيئَن! مانَ پَسان پرڀات، عمر وڃي ٿي گذرندي- ڪانه کُٽي ٿي رات!