تون به ڪَنائي ته سهيِ
رات روشن نه سهي، ڏينهن انڌيرو ئي سهي
تو جيان دور گهڻو دور سويرو ئي سهي
ڪوبه سورج نه سهي، ڪوبه ستارو نه سهي
هن انڌيري جو ڪٿي ڪوبه ڪنارو نه سهي
۽ هوا بند سهي، پَنُ به چُرندو نه سهي
نه سهي ڪابه صدا، دانُ به گهُرندو نه سهي
گهورڙئي جو به ڪو آواز گهٽيءَ ۾ نه سهي
شيءِ وٺڻ لاءِ ڪنهين ٻار جو کيٽو نه سهي
دِٻَ دَٻڙاٽ نه ڪو، ماءُ جو دڙڪو نه سهي
نه سهي ڀَونڪ ڪتن جي نه سهي وسنديءَ ۾
سڀ سُتا ماٺِ مُٺا سُور سهي وسنديءَ ۾
نه سهي ها نه سهي ٻانگ نه ڪو سنک نه گهِنڊَ
ماٺ ئي ماٺ رڳو ٻاٽ رڳو ننڊَ ئي ننڊَ
نه سهي شهر، پراڻو اهو کنڊر ئي سهي
ڪابه ديوار سلامت ۽ نڪو در ئي سهي
پوءِ به تهخاني جي ڳڙکيءَ ۾ لڳل شيشي مان
پوربي پار جي ڳڙکيءَ جي ڀڳل شيشي مان
آءٌ رڙيون ٿو ٻڌان ٻار نئين ڄاول جون
تون جتي آهين اُتي تون به ڪَنائي ته سهي!