شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

پوءِ به

پوءِ به

سڀ چون ٿا ڏُک ملي ٿو پيار ۾
پوءِ به توسان پيار آهي او پرين!

گهاءَ ٿا جيڪي ملن
گُل جيان ٽِڙيو پون
داغ ٿا جيڪي ملن
چنڊ جان کِڙيو پون

سُرَ سڀ سُڏڪا هتي
گيت ٿا گهٽجيو وڃن
مُرڪندي ئي مُرڪندي
نيڻ ٿا ڀرجيو اچن

پُورَ ٿا پلٽيو پون
مچ مڱر من تي مچن
ورهه جون وايون سُڻي
ڳَچَ ٿا ڳريو پون

سڀ سياڻا ٿا چون
پيار آ پاڳلپڻو
سُک اُنهيءَ ۾ ٿورڙو-
ڏک انهيءَ ۾ آ گهڻو

سڀ چون ٿا ڏک ملي ٿو پيار ۾
پوءِ به توسان پيار آهي او پرين!