اوندهه جو گهاءُ! ڏيئو آ اوندهه جو گهاءُ جنءَ ڪنهن ڏامر جي رستي جو چُٿڙ لٿل جنءَ ڪنهن سانوري سلوڻي مُکڙي تي چِٽيءَ جو چِٽو جنءَ ڪنهن ڪاريءَ ۽ ڪجراريءَ اک ۾ ڦُلو ڏيئو آ اوندهه جو گهاءُ جنءَ ڏکڻ افريڪا تي گورن جو راڄ!