وقت وقت اڄ ته نيراني ٿي وِيو درشن ڏينهن ڪيڏو نه ٿو لڳي روشن ڏينهن جو آهه رات جو دشمن رات جا آهه روح ۾ خنجر رات جا آهه نبض تي نشتر نبض جا آهه وقت جي ڌڙڪڻ وقت جيڪو عظيم تر رهبر وقت جيڪو عظيم تر رهزن!