شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

نئون روپ

نئون روپ



سامهون ميز تي هوءَ تنهنجي ”مِرر“ ۾ تصوير
مون کي چيڙائي پئي
مون کي گهوري پئي نفرت جي نظر سان مُرڪي
منهنجي غربت جو اُڏائي ٿي مذاق
۽ پئي ياد ڏياري اُهي الفت ناما
جيڪي تو خونِ جگر ساڻ لکيا هئا مون کي
جن مان ڪنهن سينٽ جي خوشبو ٿي اڃا تاءِ اچي
تو لکيو هو ته: تون مون ساڻ محبت ٿي ڪرين
مون کي چاهين ٿي ۽ ڀڳوان جيان پوڄين ٿي
منهنجي تصوير کي تون روز ٿي گُل ڀيٽ ڪرين

تو لکيو هو ته تون
دنيا کان ڊڄين ٿي نه انهن رسمن کان
ٻيڙِيون پير ۾، جي ڳَٽُ ڳچيءَ ۾ آهن

تو لکيو هو ته ڪڏهن
تنهنجي پيرن ۾ ڪا زنجير جي پاتي به وئي
ته اُها ٽوڙي هلي اينديين ٻانهن ۾ سندم
پوءِ هٿ هٿ ۾ ڏئي دُور هليا هلنداسين
ريت ۽ ڪُريت جي جهڳڙن کان پري
ها انهيءَ ديس ۾ جت پيار ڪرڻ پاپ نه پُڇ
ها جتي خاص نه عام آهه نڪا جهَلَ نه پَلَ
نينهن نپجن ٿا جتي
سڀڪا پرينءَ کي ٿي پَسي!
ها جتي صرف محبت ئي محبت آهي
نه ڪو شڪوو نه شڪايت آهي
نه ڪو ڪنهن دل کي جدائيءَ جو ستم سَهڻو پوي
نه ئي پيرن ۾ ڪا زنجير نه ڪو ڪنڌ تي ڪات
نه ڪو ڪنهن جسم کي قيد
نه ڪو ڪنهن چهري تي داغ-

ليڪن اڄ
مرمرين1 جسم تي ڪمخواب ۽ ريشم جو ڪفن
تنهنجو هٿ آهه ٻئي جي هٿ ۾
تنهنجي پيرن ۾ پيل سون جي زنجير آهي!






________________________________________
1 “Mirror”، پنهنجي دور جو هڪ مشهور آرٽ پيپر تي ڪراچيءَ مان نڪرندڙ انگريزي رسالو،جنهن ۾ وڏ گهراڻن نون پرڻيل جوڙن جا فوٽو به ڇپيا هئا.