ڪُونج ڪٿي ڪُرلائي آهي!
وُٺي ڏني واڌائي آهي،
سانگين ۾ سَرهائي آهي.
گُونج اڃا گونجي ٿي پيئي،
ڪُونج ڪٿي ڪُرلائي آهي.
ٻن نيرن گهرن نيڻن جي،
ساگر ۾ گهرائي آهي.
سُرخ سلام هجي سسئيءَ تي،
ٽڪر سان ٽڪرائي آهي.
اُن جو پاڻي ڪونه سُڪو آ،
جيڪا اک شرمائي آهي.
مارل لاک رتاڻي لوئي،
پهرن کي پهرائي آهي.
هيل ته سانوڻ رُت ۾ سِنڌو،
لهر لهر لهرائي آهي.
پٺتي تولئه آهه غلامي،
اڳتي بس آجائي آهي.
ڳالهه اُهائي ڳنڍ ٻڌيسين،
سالڪ جا سمجهائي آهي.
جنهن کي رول ”امداد“ چئون ٿا،
سنڌڙيءَ جو سودائي آهي.