شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

تارن ڳاتو ڳيت!

تارن ڳاتو ڳيت!


چانڊوڪيءَ جي ساز تي، تارن ڳاتو ڳيت،
ٻنهي ڪنارن ٿي ٻڌو، لهريلو سنگيت.

مان ڳوٺاڻو نينگرو، آوارا رولاڪ،
هيڏي ساري شهر ۾، ساٿي، دوست، نه ميت.

هيڪل هيڪل هانو آ، اُن ۾ تنهنجي هِڪَ،
ڇاتيءَ ۾ ڪا ڇيت ٿي، ڇيڙي سُر سنگيت.

تن گُل، من گُل او پرين، دُهرو آهي داءُ،
پؤن سَٽ ڇَڪو هڻ کڻي، ٻنهي جُڳن کي جيت.

مَکيل چکيل آواز ۾، هڪڙو صاحبلوڪ،
چئي پيو اسٽيج تي: ايءَ نه مارن ريت!

دُونهين ۾ سگريٽ جي، ويڙهيل سيڙهيل آءٌ،
تنهائيءَ جهڙو نه آ، ڪوئي ڪنهن جو ميت.