شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“

Title Cover of book Kirny Jehro Pal

پريت ڪهاڻي

تنهنجي منهنجي
منهنجي تنهنجي
پنهنجي پريت ڪهاڻي
نئين نڪور به ايڏي آهي
جيڏي آهه پراڻي!

تون ۽ آنءُ اُهي ئي ساڳيا، ساڳيو سمنڊ ڪنارو
اڄ به اُهوئي نيري نِڀ تي، چمڪي شام جو تارو
سِڪَ وندن لئه ساڳي آهي
اڄ ۽ ڪالهه سڀاڻي
نئين نڪور به ايڏي آهي
جيڏي آهه پراڻي!

جوٺي جڳ ۾ سچي سِڪ جي، ريت ته رهڻي آهي
پاڻ هجون نه هجون دنيا ۾، پريت ته رهڻي آهي
دنيا رهي يا نه رهي
پريت جي ناهه پُڄاڻي
نئين نڪور به ايڏي آهي
جيڏي آهه پراڻي!