هڪ ياد هڪ ياد تو ڏٺو ڪيترو نه پيارو هو چنڊ جي سنگ جو ستارو هو آءٌ ۽ تون، نديءَ ڪنارو هو چيلهه کي ٻانهن جو سهارو هو تو ڏٺو ڪيترو نه نيارو هو اُهو ڳهڻي جِهو سمو جيڪو پاڻ سان گڏ هلي رهيو هو، سو ڄڻ ته چانڊوڪِيُنِ جو چارو هو!