ڏُسڪي پيئي ڏات: ڏُسڪي پيئي ڏات: گهڻو نه تون ڳالهاءِ، گُلَ کڻي وٺ پاڻ لئه- گاريون ڇڏ مون لاءِ! نِپٽ انڌي رات، ڏيئي سان اونداهه ۾- ڏُسڪي پيئي ڏات! هينئڙي تنهنجا هورَ، آڌيءَ ايش- ٽري مان- اڌڙن لاءِ ڦلهورَ!