مان اَپراڌي مان اَپراڌي پير ڪڙين ۾ منهنجا پيرَ، مان اپراڌي! ڀڳي پئي آ من جي ويڻا، ڇڳي پئي آ ڇيرَ، مان اپراڌي! لُڇي پُڇي ۽ مري ٺري وئي، هِيرَ جهٽڻ جي هيرَ، مان اپراڌي! سوچان ٿو هِن ويرَ ملڻ لئه، آئي هوندي ڪيرَ؟ مان اپراڌي!