بِلو شهيد تي سلام!
نظارو دلخراش آ
اُگهاڙي آسمان هيٺ
هي رَت ٻُڏل جو لاش آ
نراڙ پاش پاش آ
ڪفن به ليڙ ليڙ آ
چڳون به چيڙ چيڙ آ
اُهو به ڪنهن جو دوست آ
اُهو به ڪنهن جو ڀاءُ آ
اُهو به ڪنهن جو پيءُ آ
انهيءَ جي ڪا ته ماءُ آ
هي رَتُ جيڪو ڌوڙ ۾
به ٽِڪ ٻڌي بِهي رهيو
اهوئي رَتُ صبح آ
اهوئي رَتُ شام آ
بِلو شهيد تي سدا
سلام آ سلام آ
جو گوليُنِ جو گهاءُ آ
اهو سدا گلاب آ
۽ پوري زور شور سان
سوال جو جواب آ
نئين لِتل اڱڻ مٿان
اِهوئي ماهتاب آ
جهُڙالِين جي ڏيهه ۾
اهوئي آفتاب آ
لهوءَ جي ان لڪير تان
هليا اچو هليا اچو
اهوئي اڌ کُليل اکين
جو پهريون ۽ آخري
اوهان جي لئه پيام آ
بلو شهيد تي سدا
سلام آ سلام آ
لهوءَ جي لهر پئي لڳي
ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ آ
اي سرفروش ساٿيو
ڦڙو ڦڙو پڪار آ
۽ آخرين حَدَ تاءِ
غير لئه ڌڪار آ
ڪچي سڳي ۾ اٽڪِيل
ڪپار تي ترار آ
اڃا به گهاءَ گهاءَ مان
ڦڙو ڦڙو ڳڙي پيو
ڦڙو ڦڙو اَجهاڳ آ
کٿورِيُن جي مُٺ کلي
بسنت رُتِ جهڙو رَتُ
ڪنوار جو سهاڳ آ
ڦُليءَ ڦَليءَ سڀاڳ آ
اهوئي رَتُ نينهن جي
نماز جو امام آ
بِلو شهيد تي سدا
سلام آ سلام آ