ڏِيئو
هونئن ته ڏِيئو مُٺِ مِٽيءَ جي، ٽڪو جنهن جو مُلُ،
اونداهيءَ ۾ ايئن ٽڙي ٿو، جيئن گلابي گُلُ.
هونئن ته ڏِيئو مُٺِ مِٽيءَ جي، آڱر جيڏي لاٽَ،
اونداهيءَ جي ڳل تي آهي، هڪ ڀرپور لپاٽَ.
هونئن ته ڏِيئو مُٺِ مِٽيءَ جي، ڦُوڪ ڏيڻ تي گُلُ،
اونداهيءَ ۾ ايئن کڙي ٿو، ٽاريءَ تي جنءَ ڦُلُ.
هونئن ته ڏِيئو مُٺِ مِٽيءَ جي، هٿ مان ڪِرندي ڀورَ،
اونداهيءَ جا تڙي ڪڍي ٿو، هر ڪنهن گهر مان چورَ.
هونئن ته ڏِيئو مُٺَ مِٽيءَ جي، ويري جنهن جو واءُ،
واٽهڙن کي واٽ ڏَسي ٿو، سج جو ننڍڙو ڀاءُ.
هونئن ته ڏِيئو مُٺِ مِٽيءَ جي، روپ نه جنهن جو رنگُ،
سورج اُڀرڻ تائين جاڳي، ۽ جاڳاءِ اُمنگُ.
مِٽيءَ جو هي ڏِيئو آهي، سُر، سنگيت، سُڳنڌُ،
مِٽيءَ جي ان ڏيئي سان ئي، روشن گهر- آڳنڌُ.