شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

نظم- زخم ۽ لُوڻ

نظم- زخم ۽ لُوڻ

هُن کي پنهنجو تازو نظم ڇپيل جنءَ ڏيکاريم
پني تي لفظن ۾ زخم ڇپيل جنءَ ڏيکاريم
مون سمجهيو هو، منهنجي من جي پيڙ پروڙي وٺندي
ڀڳل ڀُريل جو هوس، انهيءَ کي جوڙي وٺندي

سِٽن ۾ جو سور لڪل هو تاڙي وٺندي
منهنجا پيتل لڙڪ ڳلن تان لاڙي وٺندي

ٻيو ڪجهه ڪونه ڪري جي سگهندي
سکڻي آهه به ڪونه ڀري جي سگهندي
پني کي ئي ڦاڙي وٺندي
۽ پني جا پرزا منهنجي منهن تي اُڇلائي هڻندي
۽ ڪڙو ڪسارو ڪو جملو ڦهڪائي هڻندي
پر هُن اهڙو ڪجهه نه ڪيو
ڪجهه نه چيو

هٿ ۾ پارڪر پين جهلي
هڪڙي پروف چُڪَ ڪڍي
منهنجي آڏو نظم رکي وئي
پني تي لفظن ۾ جو زخم ڇپيل هو
لوڻ اُنهيءَ تي ٻُرڪي وئي!