شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

ڏات ته تنهنجي تات آ

ڏات ته تنهنجي تات آ

ڏات بنان ڪوتا اِئين، ڌڻيءَ بنان جنءَ ڌَڻَ،
پري پري تائين رڳو، الف اُگهاڙا وَڻَ.

اڳي ڀڳو نه هُئو ڪڏهن، هانءُ اسان جو هيئن،
ڪورو ئي رهجي ويو، ڪاڳر جنءَ جو تيئن.

اکڙين جون مِڙ ڳالهڙيون، جهڙيون پڌرو پَٽُ،
تون ته صفا ڪو ڄَٽُ ڙي، بنهه ڪورو ڄَٽُ.

لکڻ لَکڻ آهي سڄڻ، پين پنو ناهي،
ڏات ته تنهنجي تات آ، سا مون وٽ آهي.

رات سُتي مون ننڊ ۾، ڪيون ڪيڏيون ڪِيڪُون،
ڪرائيءَ بنان هٿن جون، ڊهي وييون لِيڪون.

ٻارن کي هن عيد تي، دل تي کائي زخم،
کِلي کين خرچي ڏنم، هڪڙو هڪڙو نظم.

ويٺي ويٺي اوچتو، ڪو جو پُور پيوم،
ڏيٺ ويٺ تو ساڻ ٿي، هينئڙو هٿان ويوم.

منهنجي چِت ۾ چورا کورا، ڀورا ڀورا جيءُ،
هرڪا سوچ لوچ ٿي آڇي، اچي اچي وِهُه پيءُ.

من آ ڀاري جهولي خالي، نانءُ اٿم امدادُ،
نينهن ته اهڙي نگري سائين، داد نڪو فريادُ!

پير لڪائن چور ڇو، ڍور ڍڳو ڪو ڪاهي،
رستو منهنجي ڳوٺ جو، پڪو ٿي ويو آهي.