بند گِهٽي
اِهائي گهِٽي جنهن ۾ گهر آهه هُن جو
اِهائي گهِٽي ريک منهنجي نرڙ جي
اِهائي گهِٽي منهنجي هٿ جي لڪير آهه بڻجي وئي
اِهائي گهِٽي جنهن ۾ گهر آهه هُن جو
صدين کان سُهائو هو جنهن جو اڱڻ
اُن اڱڻ تي
ڪڏهن ماءُ جو چنڊ چهرو چڙهيو
ڪڏهن پيءُ جو سِجَ وانگي سدا مُکُ مرڪيو
ڪڏهن ڀائرن ڀينرن جا ستارن جيان ٽهڪڙا ٿي کِڙيا
ها، اُنهيءَ ئي اڱڻ ۾
ڪڏهن بَڙَ جو وَڻُ هو
ڏاڪ جي راند هئي
۽ انهيءَ بَڙَ جي وَڻَ ۾ پَٽَ جي پينگهه هئي
مگر هڪڙي ڏينهن
واءُ اهڙو وريو
سِج گرهجي ويو
چنڊ اُلهي ويو
بَڙَ جو وَڻُ پاڙن کان پٽجي ويو
ٽڙيل ٽهڪڙا هُن جي شعرن جي ڦاٽل پنن جان اُڏامي ويا
اُنهيءَ گهر جا هڪ هڪ ٿي سارا کٽولا کڄي ويا
۽ هُو
گهر جي در کي کُليل ئي ڇڏي
سرد بيدرد ڇڙواڳ پاڳل هوائن جو پيڇو ڪندو
اُنهيءَ چنڊ چهري
اُنهيءَ سِجَ مُکڙي
جي ڳولا ۾ نڪري ويو
۽ مان
جيڪو هُن جي ئي چهري جيان
۽ هُن جي ئي نالي جيان
۽ هُن جي ئي پاڇي جيان
هُن سان چنبڙيو رهيس
سو جدا ٿي ويس!
هاڻ ساڳي گهٽيءَ جي مُهڙ تي بِهي
سوچِيان ٿو ته ’مان
گهر وڃان؟
ڪهڙي مُنهن سان وڃان!
متان
آرسيون مون کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان انڪار ڪن!‘