واپسي
مون اَڀاڳي جي اُها حالتِ زار آهه اي دوست
جنءَ مسافر ڪو ٿڪي واٽ تي ويهي ڪجهه دير
دم پٽي منزلِ مقصد جا ڏسي خواب حسين
راهه ويران جي صعوبت کي وسارڻ ڪارڻ
دلِ مايوس جي جذبن کي جيارڻ ڪارڻ
ها انهيءَ منزلِ مقصد جا حسين خواب اي دوست
جت سندس ماءُ هجي، پيءُ هجي، ڳوٺ هجي
ساڳيا دوست هجن ساڳيو ماحول هجي
جِت سندس ’ناز‘ هجي پيار جا افسانا هجن
ها اُها ماءُ جا هن لاءِ وساڻل اکڙيون
صرف ان آس تي ٻاريندي رهي صبح ۽ شام
ته سندس نورِ نظر جنگ تان موٽي ايندو
۽ اچي هن جي ٻُڍاپي کي جواني ڏيندو
۽ اُهو پيءُ جو هر درد وساري دل تان
آسرو لٺ جو ڇڏي جوش ۾ ڏڪندو ڏڪندو
پنهنجي ڪمزوريءَ کي بلڪل نظرانداز ڪري
هُن جي ڇاتيءَ سان لڳي ڪجهه به نه ڪڇندي، هُن جي
زخميل نرڙ کي چُمندو ۽ پُٺي ٺپريندو
۽ اُهي دوست جي ڄاتل ۽ سڃاتل هوندا
سانورا سانورا مغرور بهادر سرڪش
هُن جو دهلن ۽ ڌمامن سان ڪندا استقبال
هو جمالو چئي ۽ مست ٿي هڻندا جهمريون
۽ اُها ناز جا ننهن چوٽي رڳو ناز ئي ناز
واسِيل وار سندس هجر جي راتين کان دراز
تيج مکڙي تي اُهو، سِڄُ سڀاڻي جو ڪري
شوخ شرميلي اَلهڙ روپ وتي البيلي
چوڙِيون ٻانهن ۾ اکين ۾ ڪجل چپ تي تِرُ
جنهن جو شاداب بدن حسن محبت جو وطن
ڪيف مستيءَ جو طرب، رنگ ۽ خوشبو جو چمن
جنهن جي ٻانهن ۾ اچڻ لاءِ فرشتا ٿا سِڪن
جنهن جي قدمن کي چمڻ لاءِ ٿي ڌرتي ڌڙڪي
ڳيت ڪو ڳاءِ ته قدرت همه تن گوش ٿئي
رقص فرماءِ ته مستيءَ ۾ نظارا جهُومن
ناز مان مُرڪي نهاري ته ستارا مُرڪن
جنهن جي هڪ مُرڪ جي لئه روئي ٿو عالم سارو
ها اُها ناز جا سرتاپا تبسم آهي
هُن جي اوسيڙي ۾ ڇت تي وڃي رُوندي هوندي
ها اُها ناز جا سرتاپا ترنم آهي
مُنهن وِهاڻي ۾ ڏئي سُڏڪا ڀريندي هوندي
هُن جي آمد جو ٻُڌي ڳيچ مڌر ڳائيندي
۽ سندس ڪنواريون تمنائون وري ڪر موڙي
ڪنهن نئين ڪنوار جيان پاڻ کي سينگارينديون
رات ايندي ته اڪيلي ئي اڪيلي بي خوف
هار سينگار ڪري هُن سان ملڻ ايندي جڏهن
سندس اکڙين تي لِڪي يا ته وڃي هٿ رکندو
اوچتو هائوُ ڪندس يا وڃي ڀاڪر وجهندس
ته سندس مُنهن تي اچي ويندو سڄي جسم جو خون
پوءِ دُهلن جو ۽ شرناءِ جو هلڪو آواز
ماٺ چيريندو ڪنن ۾ اچي رس اوتيندو
هر طرف ڳيچ سهاڳن جا ٻڌڻ ۾ ايندا
ڇوريون ناچ ڪنديون پاءِ نڪن ۾ ڦليون
لهر لهرائبا مينديءَ رتا هٿڙا هر سُو
وري هڪ جيڏا ڪندا گهوٽ تان ٽوڪُون ٽهلُون
پوءِ جڏهن منزلِ مقصود تي سرمستيءَ ۾
جهومندو ڳائيندو کلندو اچي پهچي ته ڏسي
نه اُهو ڳوٺ نه سا ماءُ نه سو پيءُ نه دوست
نه اُها ناز نه الفت جا اُهي افسانا
مينديءَ جي رنگ جي بدلي ۾ رڳو خون ئي خون
صاف ۽ سُرهي هوا ۾ رڳو باروت جي بُو
هر طرف لاش ۽ لاشن تي ڪُتا ڪانگ ڳجهون
پوءِ هر لاش اکيون ڦاڙيندو ڏسندو ڏسندو
رائفل ساهه سان گهليندو ۽ ٿِڙندو ٿِڙندو
سارو سَتُ سوري اُتي پهچي جتي پاڻ ۽ ناز
رات اکين ئي اکين منجهه وِهائيندا هئا
۽ اُتي پهچي ڏسي رت ۾ ٻُڏل ناز جو لاش
پوءِ هو ڪجهه به نه سوچي ۽ ڏسي ڪجهه نه سگهي
اوچتو اوچتو خاموشيءَ جو سينو چيري
هڪ ٿري ناٿ ٿري گوليءَ جو سُڏڪو اڀري!