مَچُ مچايون، هليا
سرد اونداهه هڏن کي به وئي آ ڳڱري
ڪوڙ جي ڌوڙ کان اکين تي رکيل هَٿَ ڄميل
سوچ ۽ لوچ ٺري ڄاڻ مري ويندي يار
۽ اکر ٺار ٺريل سِٽَ ڄميل برف ٿيل
اي درازا جا ڌڻي! شاهه سچل اي دولهه
چڻنگ مان چڻنگ ڌڳايون، هليا
سَچَ جو مَچُ مچايون، هليا!
جا به گذري ٿي گهڙي ڄڻ ته صدا آ ڪائي
گذرندڙ پَلُ ته ٽاريءَ مٿان آ پَنُ ڇڻيل
ڄڻ ته سپني بنان اکين جو هجي لڙڪ لڙيل
۽ اڃا ڪيچ وڻن ڏانهن ڳپل پنڌ رهيل
اي سچل مست الست اي سرمست
ڪو ملهائي نه ملهائي ته ڀلي، پاڻ ملهايون، هليا
نَچُ ناچُو هيءَ اٿئي ويل نچڻ جي، هليا
برهه جي باهه لڳايون، هليا
سيخ تي ماهه پچايون، هليا!
گُلَ ۽ گيت جي بدلي هتي سنگين چڀيل
لوليءَ ۽ لوئيءَ جي بدلي هتي گولي ٿي لڳي
وَڻُ زيتون جو لبنان ۾ پاڙن کان پٽيل
امن انصاف جي نالي ۾ ڇتي جنگ لڳل
اڄ به تاريخ جي هر باب جي هر صفحي تي
آهه ماڻهوءَ هٿان ماڻهوءَ جو رڳو رت هاريل
کنڀ کنڀ آهه فضا ۾ ئي ٿيو پيو ڳيرو
ساري سنسار تي بارُوت جي ڪارانهن مَليل
تيل هاري ۽ ڏنئون تيلي اڇن جهنڊن کي
حسن، حق، خير جيان مارئي ڪوٽن ۾ ڪڙيل
دربدر خاڪ بَه سر عشق اڃا روهه رُليل
آهه دلين ۾ دغائن جو اڃا زهر گهُليل
نفرتون چوٽ چڙهيل پيار بنان ڏوهه جهليل
پاڙي اوڙي مان ڪٿان پريت پُڇايون، هليا
گوڏو گوڏي سان گڏي قرب ڪمايون، هليا
وقت جا سرمد ۽ منصور، عنايت صوفي
حق انا الحقُ الايون هليا
سرمدي وَٽَ وِرهايون، هليا!