شالَ!
موج تو ۾ رهي شال سنڌوندي!
چنڊ تولئه چڙهي چوٽ آڪاس تي
۽ روان شل رهي آب، آبِ حيات
سِير جي سِينڌ ۾ شل ستارا کڙن
هيءَ ڀر، هوءَ ڀر شال مارُو مِڙن
ٽهڪڙا انءَ ٽِڙن جنءَ ڦلا ٿا ٽڙن
وَهه کٿوريءَ ڪنان شال وِترو وهي
لهر تنهنجي مڙوئي هجي لال شال
واءُ توتي سدائين سڻائو وري
۽ مهاڻن مٿان مهر سائين ڪري
هر مُهاڻي ڏَيا جو ڏِيو ٿي ٻري
سِڙَهه ساڄا ڪري شال ٻيڙي تري
۽ سندن ٻارڙا ڪوجهڙا ڪارڙا
شال لُڌڙن جيان تُڙڳندا ئي رهن
هر اُڃيو ٻُڪَ ۾ پاڪ پاڻي پِئي
ڳاٽ اُوچو ڪري منهن مٿاهون ڪري
جنءَ جيڻ ٿو ٿئي تيئن جڳ ۾ جئي
سِجُ تولاءِ اُلهي ته لاکون لڳن
سِجُ تولاءِ اُڀري ته باکون بکن
اُن سُريلي سڀاڳي سٻاجهي سمئه
ياد ڪج ياد ڪج ياد ڪج هي ڪوي
جنهن ڪڏهن ٻُڪَ ۾ پاڪ پاڻي ڀري
هي ڦٽل چَپَ اُن تي ڇڏيا هئا رکي
اُن سُريلي سڀاڳي سٻاجهي سمئه
لات لنوندو لنگهيو هو پريان ڪو پکي
سِينڌ سُرمو ڪري ۽ تنجي ۽ مَکي
وَلِ سُرهي هجي جيئن وڻ سان ٻَکي
انءَ ڪويءَ سان هئي هڪ سجيلي سَکي
۽ اُهو شام جو پهريون پهر هو
۽ سندن سامهون ڪوٽڙي شهر هو
ها، انهيءَ شهر ۾ هڪ ڪلپنا هئو
جاڳندل ۽ سُتل ٻن اکين لاءِ جو
انڊلٺ جيئن ست رنگ سپنا هئو
ياد ڪج
ياد ڪج
ياد ڪج
ياد ڪج
تون انهيءَ پُٽ- سَپُت کي وسارين متان
جو ڪڏهن ڪونه توکي وساري سگهيو
]25 اپريل 1994[
هن گهڻو ڪجهه ڪرڻ ٿي گهريو سُڌ اٿئي
پر ڪري ڪجهه سگهيو ڪونه ڪو هو، مگر
رات اماوس هئي جُهڙ جهڙالي هئي
بس رڳو شمع جان پاڻ ڳاري سگهيو
جيترو ٿي سگهيو ٻاٽ ٽاري سگهيو
۽ ســـــچــــــا ســـــون جهـــــڙا لکيــــائيـــــن اکــــــــر
ڪجهه ڪري جي سگهيو ڪُر اُجاري سگهيو
۽ ڪِريل جي به تحت الثريٰ ۾ هئا
سِجَ وانگر اُنهن کي اُڀاري سگهيو
ياد ڪج ياد موهن ڪلپنا اُهو
هڪ مسيحائي اعجاز جنهن کي هئو
۽ مٿي تي هئس ڇَٽُ ڪنڊن سندو
ها، وطن سنڌ اعزاز جنهن جو هئو!
]16 جنوري 1995[