شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

ڀٽائي تنهنجو نانءُ!

هن نظم جو پس منظر/پيش منظر لاکيڻي لطيف جو هي بيت آهيِ:

[b]ڏينهن تتو جهُڙ ڀانئيان، جهُڙ وسندو مينهن،
وڃان ته پُسنم ڪپڙا، ويهان ته ٽُٽيم نينهن،
توڙي کائيم شينهن، ته په قولين ڪُوڙي نه ٿيان![/b]

_____________

ڀٽائي تنهنجو نانءُ
مون لئه ڏات ۽ ڏانءُ

ڀٽائي تنهنجو نانءُ
ڦلڻا ڄِڀ سان
ڦٽل چپن سان
جڏهن ڳنهان ٿي آنءُ
جيڏين سرتين جي هيري ڪڻيءَ جهڙي ڳالهه به ڳُڙ ڀاسي
پاڙي اوڙي جا وهه وهاٽيل طعنا مِهڻا ماکيءَ لار لڳن ٿا
لوڪ سڄي جون ٽوڪون ٽهلُون مصريءَ تڙ ٿيون ڀاسن
لهسائيندڙ لُڪ به هِير هندورو ڀاسي

جهولي جو ٿي جهُولو جهوُلان
روهُه روُح سان رُلندي آنءُ
لڪن منجهه
لُڇندي لُڇندي
وڻن ٽڻن کان پکين مِرُن کان
پار پنهل جا پڇندي آنءُ
اِنءَ ٿي ڊوڙان ڪيچ وطن ڏي
پياڪ جنءَ ساغر ڏي
ڪوتا جنءَ ڪاڳر ڏي
سنڌو جنءَ ساگر ڏي
سورج جنءَ اوڀر ڏي!

ڀٽائي تنهنجو نانءُ
ڦلڻا ڄِڀ سان
ڦٽل چپن سان
جڏهن ڳنهان ٿي آنءُ
سُڃَ به سيڄ لڳي ٿي مون کي
ڇوهُه ڇپر جو ڇوهه ڇمر ٿو ڀاسي
رُڃَ جو منظر نينهن نگر ٿو ڀاسي
گوندر منجهه اگوندر آنءُ
اُٺن جي اوڳر جون
هاڙهي ۾ هٻڪارون آهن
ڪاڙهي ۾ به بهارون آهن
ورهه ڪيون وڻڪارون آهن
جاڏي به نهاريان تاڏي
تنهنجون نيڻ نهارون آهن!

رائي ۾ جو رت هاريو مون
پڳ پڳ ڄڻ ڏيئو ٻاريو مون
تو جو پانڌ پناهه جهليو پوءِ
واچوڙا ڀل لَکَ لڳن پر
جُڳَ جڳاندر تائين سائين
اُن جي لاٽ اُجاگر آهي
ٻاٽ واٽ ۾
اُن جو نُور نشانبر آهي!

ڀٽائي تنهنجو نانءُ
ڦلڻا ڄِڀ سان
ڦٽل چپن سان
جڏهن ڳنهان ٿي آنءُ
پٿر ٿي پٿراڻيون ڀانيان
ڇپون ڇپر کٽ ٿيون ڀاسن
پَٽُ- پٽيهر پَٽُ لڳي ٿو
ڇپر ڇولي
ڇوليءَ ڇوليءَ ڇُلندي آنءُ
اينءَ ڇلان ٿي ڪيچ وڻن ڏي
مينهن وسڻ تي
جيئن ٿري ڪو ٿر ڏي
پياسو جنءَ ڪو جر ڏي
سنڌو جنءَ ساگر ڏي
سورج جنءَ اوڀر ڏي!

ڀٽائي تنهنجو نانءُ
ڌوم تتيءَ ۾
گهاٽي بڙ جي ڇانءُ
ڦلڻا ڄِڀ سان
جڏهن به تنهنجو نانءُ ڳنهان
پنهنجا ڦٽل ڦاٽل چَپَ چُمان
تارونءَ تي هي تپندڙ سورج
گهاٽو جهُڙ ٿو ڀاسي
ڄڀيون ڄيرا
وَڏَ ڦڙو ٿا ڀاسن
ڇيرا ڇيرا
کنوڻين جا کِلڪار لڳن ٿا
آڳ اُلا
ڦلن وانگي لِڱَ ٽڙن ٿا جن تي
رم جهم ميگهه ملهار لڳن ٿا
واڄا ٽاڄا وڄڙيون
چوڌاري چمڪار لڳن ٿا
سارنگيون سارنگ وڄايون
ڇنن ڇنن ڇيرين جا ڇمڪار لڳن ٿا
گوڙون ۽ گجگوڙون
دهلن جا ڌڌڪار لڳن ٿا
وڻ وِندر جا
جهُومي جهُومي ڏينِ پيا واڌايون
وِندر منجهه وندرندي آنءُ
نينهن نئين ۾ ترندي آنءُ
انءَ ٿي اُسهان ڪيچ نگر ڏي
جنءَ ڪو قيدي گهر ڏي
هاري جنءَ ڪو هر ڏي
سنڌو جنءَ ساگر ڏي
سورج جنءَ اوڀر ڏي!

ڀٽائي تنهنجو نانءُ
جنمن جي پياسيءَ داسيءَ لئه
تارون تار امرت رس جو ٿانءُ
ٻُڪ ۾ امرت رس جو ٿانءُ جهلي
جڏهن انهيءَ سان
ڦٽل ڦاٽل چَپَ چُمايان
ٺوٺ ٺڪر جان
تارونءَ سان چهُٽيل ڄِڀَ ڀِڄايان
تڏهن ائين ٿي ڀانيان
سيد جنهن جو ساڻي آهي
مُنڍ کان توڙ تاڻي آهي
مظلومن لئه جو انءَ لازم ملزوم آهي
جيوت لئه جنءَ پاڻي آهي

هوت حمايت آهي جنهن جو
تَنهن کي ڪهڙو ڀَو ۽ ڀولو
ڇاجي لُڪ ۽ ڇاجو جهولو
تَنهن جي لاءِ ته آرياڻيءَ سان
روح رهاڻيون رڻ جو رولو!
تَنهن جي لاءِ ته ڄَرَ ڄَراٽو
جل ٿل جل ٿل
آري جنهن جي اوٽ ٿئي ٿو
پيڙ پلر پالوٽ انهيءَ لئه
هن جي هڪڙي مهر نظر سان
سارا سُورَ سُرورَ انهيءَ لئه

ڀٽائي تنهنجو نانءُ
ڦلڻا ڄِڀ سان
ڦٽل چپن سان
جڏهن ڳنهان ٿي آنءُ
ٽِپر تي جو ٽانڊن جو هي ٽانڊؤ آهي
سو ڄڻ جَرُ جالارو مون لئه
لارون لارون ڄڻ ته جٽائون
ڪاري اُسَ به مون لئه
گهنن گهنن گهنگور گهٽائون
لُوساٽيندڙ تيز هوائون
ڄڻ ته اُٺي جون هِيرُون مون لئه
ڇهي ڏسائون
ڄڻ ته وُٺي جون کِيرُون مون لئه
ٽامو ڌرتي
مون کي گل گلزار لڳي ٿي
ڏکڻ اُتر اولهه اوڀر
سڄي سرشٽي پيار لڳي ٿي
رت جي بُوند ڪِري ٿي جاتي
سرخ گلاب ڦٽي ٿو تاتي!

ساٿ ڌڻي سرواڻ لنگهيو جنهن واٽ مٿان
مون لئه واٽ سُواٽ اُها
اُن جي کيهه کٿوري ڀانيان
سا کيهه کٿوري
آنءُ لڱن سان لائيندي
چُمي چشمن چائيندي
اينءَ ڄُلان ٿي ڪيچ ڏيهه ڏي
نوورني جنءَ ور ڏي
پاڻياري کُوهر ڏي
سنڌو جنءَ ساگر ڏي
سورج جنءَ اوڀر ڏي!

لاکيڻا لڄپالَ ڀٽائي
لالئون لال ڀٽائي
ڦلڻا ڄِڀ سان
ڦٽل چپن سان
جڏهن به تنهنجو نانءُ ڳِنهان
ڇُلڻن پيرن هيٺان
تتل واري نم ڀاسي
واريءَ مان ٿو
گُوها گُوها گاهه ڦٽي
ٿوهر آشا ٿي گُلي جهلي
ڪلهي ڦاٽل ڪنجرو
جهنڊي وانگي ٿو جهُولي!

تيز هوا ۾
ڦاٽل ساٽل ڪنجري جي
جهنڊي کي جهُولائيندي
انءَ ٿي ڪاهيان ڪيچ شهر ڏي
هنج اُڏري جنءَ سرَ ڏي
پوڄاري مندر ڏي
سنڌو جنءَ ساگر ڏي
سورج جنءَ اوڀر ڏي!

ڀٽائي تنهنجو نانءُ
مون لئه ڏات ۽ ڏانءُ
ڀٽائي تنهنجو نانءُ
ڀٽائي تنهنجو نانءُ!