تون مورُ ٿي وڃ! تون مورُ ٿي وڃ! تون نه رو هن تتيءَ ڌرتيءَ مٿان تون نه رو جيڪڏهن چاهين ته ڪو بادل وسي تون مور ٿي وڃ ۽ ٽهوڪو هڻ ته ڪارونجهر ٻُري گاج ۾ گجگاج ٿئي ۽ ڪرم جو ڪو ڪڪر بُٺ تي وسي پياس ڌرتيءَ جي ٻجهي ۽ نرڙ اتهاس جو ڏوپي وڃي!