هر انگ کي بهار چئون
ستم کي جان چئون، درد کي قرار چئون،
اچو ته حسن جي هر ڪنهن ادا کي پيار چئون.
چپن کي جام چئون، اکڙين کي مئخانو،
خيالِ يار کي اي مئڪشو خمار چئون.
انهيءَ ۾ آهه ڀلائي ته هُن جي ڪُوچي ۾،
وفا کي جرم ۽ ديوانگيءَ کي پيار چئون.
هي شهر ننڊ جو شهر آهه ڪيستاءِ ڀلا،
اسين اڪيلا خبردار هوشيار چئون.
صبا کي آهه چئو ۽ گلن کي زخم چئو،
ته پوءِ موسمِ گل کي اسين بهار چئون.
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ حُسين ۽ نگر نگر منصور،
اوهين ٻڌايو ته ڪنهن کي گناهگار چئون!
اکين جي رُت کي سدا سانوڻيءَ جي رُت سمجهون،
۽ دل جي جيڪا به موسم هجي بهار چئون.
تمام عمر اهو مسئلو ئي حل نه ٿيو،
ته وصل ڪنهن کي چئون ڪنهن کي انتظار چئون!
ڪري وڃي ٿو هي ”امداد“ ڪنءَ نه عقل جي ڳالهه،
اچو اچو ته چرين کي به هوشيار چئون.