شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

شيشو کڻي پٿر تي اُڇلايو!

خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي اڇلايو
ائين چپ چاپ ڪيسين تاءِ رهندا ڪجهه ته فرمايو

چڙهيو آ چنڊ چوڏهينءَ جو ستارن جا سلام آيا
اوهين آيا ته اي سائين بهارن جا پيام آيا
اُٿو پازيب ڇمڪايو، اُٿو چوڙين کي ڇڻڪايو
خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي اڇلايو

شرابي موسمون آهن گلابي آرزو آهي
سدا رولاڪ خوشبو کي اوهان جي جستجو آهي
سُهائي ۽ سُريلي ٽهڪ جي جهانجهر کي جهرڪايو
خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي اڇلايو

نظارا نينهن جا آهن نرالو نُور ٿو ڇلڪي
اوهان جي سُونهن جي صدقي اسان جو جيءُ ٿو جهرڪي
خدا جي واسطي مُرڪو، کِلو، ايڏو نه شرمايو
خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي اڇلايو