شاعري

ڪرڻي جھڙو پَلُ

”امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو (Direct) آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن ۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾ لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي، پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي. شاعري اها، جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي، پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي، سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي.“
Title Cover of book ڪرڻي جھڙو پَلُ

سُٺو آهي جو!

سُٺو آهي جو!



سُٺو آهي جو دل ڪير نٿو ڏسي
پر چون ٿا ته
چهرو دل جو آئينو آهي
ته ڇا
ان چهري جي آئيني ۾
هوءَ پنهنجو چهرو پسي سگهي ٿي!
پر هوءَ آهي ڪٿي؟
هيءَ ته خزان جي موسم آهي
نيڻ نهار تائين
غم ئي غم آهي
نوحو آهي هوا جو
اک نم آهي!
۽ پيلا پن
جيڪي ساوا هئا ڪڏهن
جڏهن
اسين مليا هئاسين
تڏهن
بسنت هئو
گل گل نه هئو، ڪلونت هئو!

ڇا اهو ضروري آهي ته
اسين بهار ۾ ئي ملون!
صرف ۽ صرف
هڪڙي موسم لاءِ کلون؟

سُٺو آهي جو دل ڪير نٿو ڏسي
پر چون ٿا ته
چهرو دل جو آئينو آهي!
۽ اهو به سٺو آهي
ته هوءَ ناهي
نه ئي بهار آهي
نه ته هوءَ هجي به ها ته
منهنجي چهري جي آئيني ۾ ڇا پَسي ها؟
ڀور ڀور دل!