سفرناما

ساهان اوڏا سپرين

عنايت بلوچ صاحب، سنڌي ٻوليءَ جو بَرجستو ۽ هر دلعزيز شاعر ته آهي ئي آهي، پر هُن پنهنجي دلچسپ نثر ذريعي به پڙهندڙن جي دلين کي موهيو آهي. سندس سفرنامي لکڻ جو انداز هجي يا وري شخصيتن تي لکيل خاڪا هُجن يا ڪتابن جا لکيل مُهاڳَ، عنايت بلوچ صاحب جي تحريرَ پڙهندڙن کي اَڌَ مان هَٿُ ڇڏائڻ ناهي ڏيندي. براڊڪاسٽنگ جي دنيا ۾ عنايت صاحب جو نالو اسان سڀني لاءِ فخر جوڳو رهيو آهي. بلوچ صاحب مختلف وقتن تي آمريڪا جا جيڪي سفر ڪيا آهن، انهن جو احوالُ تمام سُهڻي ۽ مَنَ موهيندڙ انداز ۾ هن ڪتاب ۾ ملي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 6290
  • 657
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عنايت بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ساهان اوڏا سپرين

اسلام آباد ۾ خوشخبري

جولاءِ 1985ع ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسلام آباد آيل ۽ رهيل به اسلام آباد هوٽل ۾ هوس. ڊائننگ هال ۾ لنچ ڪندي هڪ دوست پويان اچي ڪُلهي تي هٿ رکيو. آواز آيو: ”ڪٿي ڀُليو ته نه آهيان، عنايت آهين نه“؟ پُٺتي ڪنڌ ورايم ۽ سُڃاتم ته منهنجو محترم دوست ۽ نالي ڀائي انور عنايت الله بيٺو هو، جيڪو ڪراچيءَ ۾ آمريڪن سينٽر (American Centre) جو انچارج هو. چيائين: ”يار ڪالهه کان تنهنجي تلاش ۾ آهيان، پر چڱو ٿيو جو زمين تي ئي ملي وئين. هاڻي فٽافٽ پنهنجو (Biodata) تيار ڪري ڏي“.
کانئس تفصيل پڇيم ته تڪڙ ۾ چيائين: ”بس ائين سمجهه ته وقت تمام گهٽ آهي، مقابلو سخت آهي، تنهنڪري اڄ جو اڄ ٻيا ڪم ڇڏي، پنهنجا ڪارناما، سونهري اکرن ۾ ويهي لک ته جيئن هڪ موثر بايو ڊيٽا تيار ٿي وڃي. ٽائيپ به هتي هوٽل تي ئي ڪرائي وٺ ته جيئن مان سڀاڻي سان ئي ڪاغذ آمريڪا موڪلي ڏيان. مون تنهنجو نالو انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام (International Visitor Program) ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي ته جيئن توکي آمريڪا جهڙي لاجواب ملڪ جو خوبصورت چڪر لڳرايان“.
بنا دير جي پنهنجي باري ۾ گهربل تفصيل هوٽل جي ڪمري ۾ ئي ويهي تيار ڪيم ۽ هوٽل جي ٽائيپسٽ کان فورن ٽائيپ ڪرائي دوست جي حوالي ڪيم.
چڪر، سو به آمريڪا جو، سو هاڻي ڏينهن گذرڻ پڄاڻان انتظار ۽ اوسيئڙو رهڻ لڳو ته ڪڏهن ٿو آمريڪا اُسهان ۽ اسٽيٽس جا رنگبرنگي ڏيک ڏسان ۽ پَسان. ڪڏهن ڪڏهن خيالن ۾ ماضيءَ ۾ گم ٿي ويندو هوس جڏهن اڄ کان 15-16 سال اڳ مون کي آمريڪا ۾ مستقل رهڻ جي آڇ ٿي هئي.
فيبروري 1970ع جي ڳالهه آهي جڏهن فلاڊيلفيا (آمريڪا) کان چند ڏينهن لاءِ هڪ پيارو دوست پاڪستان آيل هو. هن دوست سان منهنجي شناسائي فقط ٽي سال اڳ يعني 1967ع ۾ ٿي جڏهن مان ڪراچي ۾ ڪسٽم جي کاتي ۾ نوڪري شروع ڪئي هئي. اسان جي تمام سٺي دوستي ٿي ويئي جيڪا پوءِ چاهت ۽ پيار ۾ بدلجي ويئي.
ڪسٽم جي کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ جي باوجود مان مالي طرح ساڳيو ئي هوس. مون وٽ سواريءَ لاءِ فقط ويسپا اسڪوٽر هو. پر منهنجي دوست وٽ نئين ٽوويٽا ڪورونا هئي، (تڏهن ڪورولا جو نالو نشان ئي ڪونه هو) جنهن کي ڊرائيو ڪندي هو ڏاڍو سهڻو لڳندو هو. تقريبن روز مون وٽ ايندو هو ۽ مون کي پاڻ سان گڏ ويهاري الائي ڪٿي ڪٿي وٺي ويندو هو.ڪڏهن سمنڊ جي ڪناري تي ته ڪڏهن پارڪن ۾ ته ڪڏهن هوٽلن تي، خوب ڪچهريون، دلبريون ۽ رهاڻيون ٿينديون هيون. جڏهن هو نه ايندو هو ته مان پريشان ٿيندو هوس ۽ منهنجو دوست مون کان به وڌيڪ بيتاب ۽ بيقرار هوندو هو. ائين ئي وقت گذرندو رهيو، تمام حسِين، خوبصورت ۽ يادگار وقت.
هڪ ڏينهن دستور موجب هو آيو. ڏانهس نهاريم، ٻهڪيل مُکڙي جي بجاءِ سندس چهرو اُداس ۽ ڪُوماٽيل نظر آيو. مان پريشان ٿي ويس ۽ کانئس پريشانيءَ جو سبب پڇيم جنهن جو جواب ڪجهه ڳالهائڻ بجاءِ سندسن نرمل نيڻن ڳوڙها ڳاڙيندي خاموشيءَ سان ڏئي ڇڏيو. نيٺ نِڙي آلي ڪندي ٻڌايائين، ”ڊئڊي آمريڪا ورتيون پيو وڃي، جتي پنج سال رهڻو پوندو“. ڇهه ڇِڄي پيا. اُمالڪ اٻاڻڪو ٿي ويس. دل ۾ اُداسيءَ جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا، جن برسات جي صورت ۾ وسڪارو لائي ڏنو. جڏهن سامت ۾ آيس ته پنهنجو مُنهن ڳراٽڙين پاتل ٻانهن ۾ ڀڪوڙيل ڏٺم. اهڙين ٻانهن ۾ جن ۾ گرمي هئي، حرارت هئي ۽ ان ساعت ۾ خبر ناهي ته ڪيتريون ۽ ڪهڙيون دلفريب ڪيفيتون سمايل هُيون.
ڏهن ڏينهن کانپوءِ منهنجو دوست فلاڊيلفيا وڃي نڪتو ۽ مان ڪياماڙيءَ جي ڊَمَن، اناج جي گُدامن ۽ جهازن مان ڪِرينن ذريعي لهندڙ سامان جي ڪِن ڪِچري جي وچ ۾ حسِين خواب ۽ نازڪ جذبا دل ۾ سانڍي هلندو رهيس.
ٽن سالن کانپوءِ وري ڪراچيءَ ۾ ساڳئي دوست سان ميل ملاقات جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو پر هن دفعي سندس ضِد اهو هو ته مان ساڻس گڏجي آمريڪا هلان ۽ گڏ جيئڻ گڏ مرڻ جا واعدا وچن ڪري، هميشه لاءِ هُن جو ٿي وڃان ۽ ساڻس گڏ رهان، جتي پهچڻ شرط مون کي گِرين ڪارڊ ملي ويندو. منهنجي دوست کي اڳ ۾ ئي گِرين ڪارڊ ملي چڪو هو. منهنجي تجسُس تي مون کي تفصيل سان ٻڌايائين ته آمريڪا ۾ گِرين ڪارڊ رکندڙ کي اهو قانوني حق آهي ته هو پنهنجي جِيوَن ساٿي لاءِ به گِرين ڪارڊ حاصل ڪري . پياري ساٿيءَ جي اڻ مئي ۽ اٿاهه پيار سان گڏ گِرين ڪارڊ جي ڪشش ڪا معمولي ڳالهه ڪانه هئي پر ان سڄي ڪشش جي باوجود جيڪا وڌ ۾ وڌ رڪاوٽ هئي سا هئي منهنجي ٻن ٻارن سميت منهنجي گهرواري، جن سان ڪنهن به قيمت تي بي وفائي ڪرڻ نٿي ڪرڻ چاهيم. هن ڪٿا ٻڌائڻ جو مقصد اِهو هو ته ڪيئي سال اڳ جڏهن جواني ۽ جوڀنَ جون مون سان ڳل ڳراٽڙيون هونديون هيون، تڏهن آمريڪا وڃڻ، اُتي وڃي پيار جي پاڇن ۾ زندگي گذارڻ ۽ آمريڪا جو دائمي شهري ٿي رهڻ منهنجي لاءِ ڪو مسئلو ڪونه هو.
بهرحال پياري دوست پاران اَٿاهه پيار جي آڇ قبول نه ڪيم ۽ پرديسي پرين اندر ۾ آڙاهه ٻاري هليو ويو.

هڪڙو پرڏيهي پرين آڙاهه ٻاري ويو هليو،
ڪيئن وسامي جنهن کي ٿو سوئي سڄڻ سوري ڇڏي.
انهن ڏينهن کان وٺي آمريڪا منهنجي ذهن تي ڇانيل رهيو پر دل ۾ اهو به عزم ڪيل هو ته ڪنهن گِرين ڪارڊ جي سهاري تي آمريڪا نه وڃان جنهن ۾ سونَ تي سيڻ مٽائڻ جي طعني ملڻ جو انديشو هجي.
عيدالاضحيٰ جي موڪلن ۾ فيملي سميت ڳوٺ ويل هياسين. عيد جي ٽئين ڏينهن تي ڳوٺ نياپو پهتو ته فورن حيدرآباد پهچو ۽ آمريڪا وڃڻ بابت پنهنجا ڪاغذ پَٽ مڪمل ڪري موڪليو.
حيدرآباد پهتس ۽ خبر پيم ته ڪيترائي ڪاغذ فورن آمريڪا موڪلڻا هُيا ۽ ٽيليڪس ذريعي يونائيٽيڊ اسٽيٽس انفرميشن سروس (USIS) وارن کي پنهنجي اطلاع سان گڏ ڪجهه ٻين گهربل ڳالهين بابت اطلاع به ڏيڻو هو. ڪراچيءَ ۾ آمريڪي سفارتخاني مان تيار ٿيل ويزا کنيم، ڪجهه ڊالر سفر خرچ لاءِ ڏنائون ۽ اهو به چيائون ته بقايا ڊالر واشنگٽن ڊي سِي ۾ رپورٽ ڪرڻ شرط ملندا.