لنڊن کان ڪارڊف (ويلز) ڊاڪٽر لياقت ۽ ڊاڪٽر سلمه سان ملاقات
05.02.2006: جيئن گذريل صفحن ۾ ٻڌايو اٿم ته ڪارڊف کان ڊاڪٽر لياقت عباسي، جيڪو اسان جي پياري دوست عبدالجبار عباسي جو ڀائٽيو ۽ جبار عباسي وري منهنجو تمام گهاٽو دوست رهيو آهي، (جنهن لاءِ هتي بيحد ڏکوئيندڙ لفظن ۾ لکڻو ٿو پوي ته چند مهينا اڳ هو اسان سڀني کان هميشه واسطي وڇڙي ويو آهي). ڪارڊف کان فون تي چيو هو ته هڪ ڏينهن لاءِ ئي اچو پر اچو ضرور. 4 فيبروري تي ڊاڪٽر لياقت فون ڪري ٻڌايو ته هن منهنجي ريل ذريعي ٽڪيٽ بوڪ ڪرائي ڇڏي هئي جيڪا آءٌ پئڊنگٽن اسٽيشن (Paddington Station) تي پهچڻ وقت وڃي کڻان. اڄ صبح 8 وڳي پئڊنگٽن اسٽيشن پهچي ويس جيڪا هاڻي (London Paddington) جي نالي سان مشهور آهي. بوڪنگ آفيس ۾ هليو ويس. بوڪنگ تي ويٺل هڪ نيگرو ليڊي ويٺي هئي جنهن سان جيئن ذڪر ڪيم ته هڪدم ٽڪيٽ ڪڍي ڏنائين جيڪا اڳ ۾ ئي ٺهيل ۽ (Great Western Train) جي لفافي ۾ پيل هئي. مائي صاحبه ٽڪيٽ هٿ ۾ ڏيندي چيو: ”اُميد ته اوهان جو سفر سٺو ۽ آرامده گذرندو“. کيس Thank you چيم ۽ ريل جي هلڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس، پر جيستائين ريل ڪارڊف لاءِ رواني ٿئي، تيستائين پئڊنگٽن اسٽيشن بابت هن ڪتاب جي مهربان پڙهندڙن کي مختصر طور ڪجهه معلومات ڏئي ڇڏيان.
هونئن ته لنڊن ۾ ٻيون به سينٽرل ريلوي اسٽيشنون آهن ۽ اُهي به ڪافي مشهور ۽ وڏيون آهن، جيئن وڪٽوريا (Victoria)، چيرنگ ڪراس(Charing Cross)، ڪنگس ڪراس (Kings Cross)، ايوسٽن (Euston)، لِورپول اسٽريٽ (Liver Pool Street) ۽ واٽرلُو (Water Loo) وغيره، پر پئڊنگٽن انهن سڀني کان وڏي ۽ گهڻي رنگ رونق واري اسٽيشن آهي. خبر ناهي ته هن جا ڪيترا پليٽ فارم آهن ۽ ڪيتريون لائينون آهن جيڪي مختلف شهرن ڏانهن وڃن ٿيون. هتي اچڻ شرط ئي ماڻهوءَ جو دماغ چڪر کائڻ لڳي ٿو. هن ئي اسٽيشن تي زير زمين (Underground) هلندڙ گاڏين جو به وڏو نيٽ ورڪ وڇايل آهي ۽ پئڊنگٽن ئي واحد سينٽرل اسٽيشن آهي جنهن کي دنيا جي پهرين انڊر گرائونڊ ريلوي اسٽيشن هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي. هتان هونئن ته تمام گهڻن شهرن طرف ريلون وڃن ٿيون، باقي جيڪي وڏا شهر هينئر مون کي ياد پيا اچن اُهي هي آهن: برسٽل، ريڊنگ، ڪارڊف، سوان سي، آڪسفورڊ، نيو بري، پلمٿ، وورسيسٽر وغيره. مهربان پڙهندڙن سان پئڊنگٽن اسٽيشن جو تعارف ڪرائيندي گريٽ ويسٽرن ريلوي جي ٽرين به پليٽ فارم تي اچي ويئي. ان ۾ سوار ٿيس. مان پنهنجن پهرين سفرنامن ۾ پڻ لنڊن جي گريٽ ويسٽرن ريلوي جي تعريف ڪري چڪو آهيان، ڇا ته آرامده سفر آهي هن ٽرين جو! هلي ٿي ته ڪو به کڙڪو يا آواز نٿو اچي ۽ اسان جي ٽرين واري ڪڙاڪ ڪڙاڪ پڻ ڪَن لڳائڻ سان به ٻڌڻ ۾ نٿي اچي. هن جون سيٽون به ڪمال جون آهن. سيٽون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن، جيڪڏهن چار دوست گڏ آهن ته اُهي هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري ڪچهري به ڪن ته راند به کيڏي سگهن ۽ چانهن ڪافي يا ماني به کائي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته ٽيبل وچ ۾ فٽ ٿيل آهي.
پئڊنگٽن اسٽيشن کان ريل صبح جو پوري 8:30 وڳي رواني ٿي جنهن کي ٽن ڪلاڪن کان پوءِ 11:30 وڳي ڪارڊف پهچڻو هو پر رستي تي لائنن جي مرمت سبب ٽرين ڪلاڪ کن دير ٿي ۽ 12 وڳي ڪارڊف پهچي ويئي جتي ڊاڪٽر لياقت عباسي اڳ ئي موجود هو. ٿوريءَ دير ۾ ڊاڪٽر صاحب جي گهر پهچي وياسين جتي ڊاڪٽر لياقت جي شريڪِ حيات ڊاڪٽر سلمه ۽ سندن ٻارن (پُٽ ۽ ڌيءُ) سان به ملاقات ٿي. بهتر ٿيندو ته ڊاڪٽر سلمه جو به مختصر تعارف ٿي وڃي.
ڊاڪٽر سلمه صاحبه سنڌ جي مشهور ۽ خاص طرح ”قطعي لکڻ جي بادشاهه شاعر“ سائين زيب عاقلي صاحب جي نياڻي آهي. آءٌ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر هوس تڏهن زيب عاقلي صاحب، ڊاڪٽر سلمه سان گڏ منهنجي آفيس ۾ اڪثر ايندو ويندو رهندو هو ۽ پنهنجي نياڻيءَ جي لنڊن وڃڻ لاءِ جيڪي خط سنڌ جي وزير اعليٰ يا ٻين اختيارين ڏانهن اُماڻيندو هو ته اُهي سڀئي خط پنهنجي PA کان آءٌ ڊڪٽيٽ ڪرائي ڏيندو هوس. ڪافي ڏينهن گذرڻ کان پوءِ وري سائين زيب عاقلي ۽ ڊاڪٽر سلمه منهنجي آفيس ۾ داخل ٿيا ۽ زيب عاقلي صاحب بامبي بيڪريءَ (Bombay Bakery) جا ٻه ڪيڪ منهنجي آڏو اچي رکيا ۽ چيائين: ”بلوچ صاحب، اوهان جي لکيل زبردست خطن سبب سلمه جي لنڊن ۾ داخلا ٿي ويئي آهي ۽ وڏي ڳالهه اها ته سنڌ حڪومت کي جيڪي اجازت ناما ڏيڻا هئا ۽ ٻيون ضروري ڪاروايون ڪرڻيون هيون، اُهي به اوهان جي لکيل زوردار ليٽرس سبب پوريون ٿي ويون، سو اڄ ان خوشيءَ ۾ اوهان ڏانهن تحفو کڻي آيا آهيون“. پهريون ته کين دلي مبارڪ ڏنم ۽ پوءِ کين چيم ته ڪيڪ آءٌ گهر کڻي ڪونه ويندس، سو ڪيڪ اوهان جي طرفان ۽ چانهه منهنجي طرفان هتي ئي گڏجي ٿا کائون پيئون. ٻيو ڪيڪ سلمه کي واپس ڪرڻ لڳس ته هي اوهان وڃي گهر کائجو پر پوءِ زيب صاحب چيو: ”بلوچ صاحب هڪ ڪيڪ ته هتي ئي ڪٽجي ويو، ٻيو اوهان گهر پنهنجن ٻچڙن سان گڏجي کائجو ته اسان کي وڌيڪ خوشي ٿيندي“. بهرحال ڊاڪٽر سلمه توڙي سائين زيب عاقليءَ جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. مون هڪدم زيب صاحب کان ڊاڪٽر لياقت جي باري ۾ پڇيو ته سندس ڪم جو ڇا ٿيو؟ ته ڊاڪٽر سلمه ٻڌايو ته ان جو ڪم به ٿي ويو آهي ۽ اسان ٻيئي جلد ئي لنڊن روانا ٿي وينداسون.
ڊاڪٽر لياقت ۽ ڊاڪٽر سلمه جا ٻارڙا مذهبي رنگ ۾ رڱجي ويا آهن. 2006ع ۾ سندن نياڻيءَ جي عمر 8-9 سال مس هئي پر هوءَ حجاب پائيندي هئي. برقعو آءٌ ان ڪري نٿو لکان جو حجاب پائڻ سان منهن نٿو ڍڪجي. باقي سڄو جسم ڍڪجي وڃي ٿو. ڪلاڪ ڏيڍ سندن ئي گهر تي ڪچهري ٿي. پوءِ ڊاڪٽر صاحبان ائٽلانٽڪ سمنڊ سان گڏيل هڪ ڍنڍ (Lake) تي واقع باسفورس ريسٽورنٽ (Bosphorous Restaurant) تي وٺي ويا جتي Lunch ڪئي سون. هر ڪنهن پنهنجي پسند تي ڊِش گهرائي ۽ مون مڇي کاڌي جيڪا بيحد لذيذ هئي ۽ کائڻ ۾ خوب ذائقو ڏنائين. منجهند جي ماني کائڻ کانپوءِ مون کي هڪ پارڪ ۾ وٺي ويا جنهن جو نالو روٿ پارڪ (Roath Park) آهي جيڪو بيحد خوبصورت آهي. هن ئي پارڪ ۾ هڪ وڏي ڍنڍ (Lake) به آهي جنهن جي وچان ماڻهن جي پيادل هلڻ لاءِ ڪُشادا رستا (Pavements) ٺهيل آهن. سوين ماڻهو، مرد، عورتون ۽ ننڍا ٻار هر طرف پئي گهميا ڦريا. باسفورس ريسٽورنٽ توڙي روٿ پارڪ تي خوب فوٽو ڪڍياسين جن مان هڪ تصوير هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
هتي گهمي ڦري پوءِ ڊاڪٽر صاحبان جي گهر آياسين جتي ٿورو ترسي، چانهه پي ۽ ريلوي اسٽيشن لاءِ روانا ٿياسين ڇاڪاڻ ته مون کي ساڳئي ڏينهن تي لنڊن واپس ورڻو هو. ڳالهين ڳالهين ۾ ڊاڪٽر لياقت عباسي پنهنجي هڪ پياري دوست ڊاڪٽر انور بلوچ جو نالو ٻڌايو جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مشهور ”گهڙا پليئر“ مِٺا خان زرداريءَ جو پٽ هو. کيس ٽيليفون ڪري چيو هئائينس ته: ”بابا عنايت بلوچ صاحب هتي آيل آهي، ان سان ضرور ملجو جو هي شخص سنڌ جو وڏو اديب ۽ شاعر هئڻ سان گڏ براڊڪاسٽنگ جي دنيا جو هڪ وڏو نالو آهي“.
ڪارڊف ريلوي اسٽيشن تان ريل شام جو ٺيڪ 6:30 وڳي رواني ٿي ۽ پورن ٽن ڪلاڪن ۾ رات جو 9:30 وڳي پئڊنگٽن پهچي ويئي، جتان وري انڊرگرائونڊ ذريعي الفرڊ جي هئناٽ (Hainault) اسٽيشن پهچي رات جو 10:30 تائين عبيده جي گهر پهچي ويس. رات جي 11:00 ڌاران ڊاڪٽر انور بلوچ جو ٽيليفون آيو جنهن ٽيليفون تي منهنجو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ چيائين ته سائين اوهان کي نه رڳو سڃاڻان ٿو پر اوهان جو دل سان احترام ڪريان ٿو جو بابا سائين جن اڪثر اوهان جو ذڪر ڪندا رهندا آهن. وري منهنجي پياري دوست ڊاڪٽر لياقت عباسي پڻ اوهان جي لاءِ گهڻو ڪجهه ٻڌايو. بهرحال طئه اهو ٿيو ته سڀاڻي يعني 6 فيبروري تي علي اڪبر ميمڻ وٽ شام جو ملاقات ٿيندي.