چارلس جو ٻُڌايل دلچسپ واقعو
منهنجي هڪ دوست جي گرل فرينڊ آهي ڪئٿي (Cathy) جيڪا بيحد خوبصورت ۽ چنچل آهي پر مان سندس عزت ڪندو آهيان ڇو ته هوءَ منهنجي پياري دوست جي گرل فرينڊ آهي. هڪ دفعي دوست مون کي ڪلب وٺي ويا. مان هڪ پيگ کان وڌيڪ نه پيئندو آهيان، لاچار ٻه پيگ پر ان کان وڌيڪ هرگز نه. پر ان ڏينهن دوستن مون کي زبردستيءَ سان ست-اٺ پيگ پياريا ۽ مان بلڪل مدهوش ٿي ويس. ڊرائيو به نه پئي ڪري سگهيس، انڪري دوست پنهنجي گاڏيءَ ۾ مون کي پنهنجي اپارٽمينٽ تي ڇڏي ويا. مان بستري ۾ گِهڙي ويس. اُن وقت منهنجي ڪيفيت ۾ عجيب وحشيپڻو داخل ٿي ويو هو ۽ شدت سان پنهنجي گرل فرينڊ جي ڪمي پئي محسوس ڪيم. کيس ٽيليفون ڪيم، موجود ڪانه هئي. سندس سڀ ٿاڪ ٿاڻا جاچيم هر جڳهه تي ٽيليفون کڙڪايم، پر ڪٿي به ڪانه ملي (تڏهن آمريڪا ۾ به اڃا موبائيل فون ڪونه هئا) هڪ ٻي گرل فرينڊ کي ياد ڪيم جنهن سان دوستي ڦٽائي چُڪو هئس ۽ ڪا اميد ڪانه هئي ته ايندي پر اها به پنهنجي گهر موجود ڪانه هئي. ٻي ڪا به ڇوڪري ذهن ۾ ڪانه آئي. نيٺ منهنجي پياري دوست جي گرل فرينڊ ڪئٿيءَ کي ٽيليفون ڪيم. اتفاق سان هوءَ ٽيليفون تي موجود هئي، کيس چيم: ”تو ۾ ضروري ڪم اٿم جلدي مون وٽ پهچي وڃ“. ڪئٿي کي مون تي ڪنهن به قسم جي شڪ ڪرڻ جو سوال ئي ڪو نه هو ڇو ته ڪيئي ڀيرا پنهنجي بواءِ فرينڊ ۽ منهنجي پياري دوست ڊيورنڊ (Duarand) سان گڏ توڙي علحدگي ۾ مون سان ملي چڪي هئي. ڪڏهن ڪئٿي ۽ ڊيورنڊ پاڻ ۾ ناراض ٿيندا هئا ته مان وڃي ٻنهي جي وچ ۾ صلح صفائي ڪرائي ايندو هوس. ڪئٿي سمجهيو ته مان پڪ ڪنهن تڪليف ۾ آهيان يا ڪنهن مدد جي ضرورت اٿم سو فورن هلي آئي. کيس چيم: ”ڪئٿي اڄ مون کي تنهنجي ضرورت بستري ۾ پئجي وئي آهي“. ڪئٿي ڇِرڪ ڀريو، وائڙي ٿي ويئي ۽ چيائين: ”شرم ڪر، اڄ ڇا ٿيو اٿئي!“ مون سندس ڪجهه به نه ٻُڌي ۽ زبردستيءَ سان کيس بستري تي ڪيرائي ڇڏيم ۽ مون کان رات زياده شراب پيئڻ جي مدهوشيءَ ۾ اهو ڪجهه ٿي ويو جيڪو مون کي هرگز نه ڪرڻ کپندو هو. ٻئي ڏينهن تي جڏهن مان ننڊ مان اُٿيس ۽ بيڊ جي سامهون آئيني ۾ نهاريم ته پهريون دفعو مون کي محسوس ٿيو ڄڻ منهنجي چهري تي نحوست جا تَهه چڙهي ويا هجن، ۽ نِدامت ۽ شرمندگيءَ جي لعنت منهنجي چهري تي وسي رهي هئي. ڪئٿي صبح جو 11 وڳي پاڻ ٽيليفون ڪيو. مون سندس آواز سُڃاتو ۽ ٽيليفون تي مون کان اکر به نه اُڪليو ته پاڻ چيائين: ”رات وحشي ۽ درندو ٿي ويو هئين پر مون کي يقين آهي ته هاڻي جڏهن نشو لٿو اٿئي ته سخت نِدامت ٿيندي هوندئي. هاڻي ڳالهه ٻُڌ، جيڪي ڪجهه به رات ٿيو مان ڊيورنڊ کان ڪجهه به لڪائي نه سگهنديس، کيس سڀ ڪجهه ٻڌائينديس. جيڪڏهن اُن توکي معاف ڪيو ته مان به توکي معاف ڪري ڇڏينديس، ڇو ته مون کي يقين آهي ته تون اسان ٻنهي جو سٺو، مخلص ۽ پيارو دوست آهين. پر ڊارلنگ اڳتي لاءِ ايتري گهڻي نه پيئندو ڪر“. ڪئٿي پنهنجو بيان ختم ڪيو ته مون کي ٿوري جرئت ٿي ڳالهائڻ جي. مون ڪئٿيءَ کي چيو: ”ڪئٿي! اڄ کانپوءِ مان شراب نه پيئندس“. قصو ختم ڪري چارلس ڏاڍو جذباتي ٿي ويو ۽ ٻه منٽ کن ڳالهائي نه سگهيو. ٿوريءَ دير کانپوءِ چيائين: ”عنايت، مان ڪئٿيءَ سان ڪيل وعدي تي گذريل ستن سالن کان وٺي قائم آهيان ۽ مرڻ تائين قائم رهندس“.
مون پڇيومانس: ”ڀلا ڪئٿي ۽ ڊيورنڊ پاڻ به پيئندا ته هوندا، پوءِ اُنهن جي ڪمپنيءَ ۾ پيئڻو ته پئجي ويندو هوندئي؟“ وراڻيائين ته: ”بلڪل پيئندا آهن، مون کي به پيئڻ لاءِ ڏاڍو زور ڪندا آهن پر مان پنهنجي اٽل ارادي تي قائم آهيان“.
ڊيورنڊ مون کي چوندو آهي ته: ”مون ته ان حادثي کي وساري ڇڏيو آهي ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪو نه هو. ان ڪري تون به ضِد کي ڇڏي وري پيئڻ شروع ڪر“، پر مان نه پيئندو آهيان ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڊيورنڊ ۽ ڪئٿي، جن جي شادي به ٿي چُڪي آهي ۽ هڪڙو ٻار به اٿن، اڃا تائين منهنجا بهترين دوست آهن.
مان چارلس جي جذباتي انداز ۾ بيان ڪيل داستان تي حيران ٿي ويس ۽ ويچار ڪيم ته سندس سوچ سندس نِدامت جو احساس ۽ نِدامت جي احساس کانپوءِ شراب کي ڇڏي ڏيڻ جو سچو عمل، اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي فقط مشرقي ملڪن ۾ ئي ٿي سگهن ٿيون، مغربي ماڻهن جو اهڙن پاڪ ۽ شفاف احساسن سان ڪهڙو واسطو؟ سچ ته اهو آهي ته مشرق ۾ به جڏهن پنهنجي ئي ماحول ۽ معاشري تي نظر ڪجي ٿي ته اهڙو احساس ۽ اهڙو عمل جنهن جو مظاهرو چارلس هن دور ۾ ڪيو آهي، مان نٿو سمجهان ته پنهنجي معاشري جي ڪنهن ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڪو شخص ائين ڪري سگهي ٿو. پر نه مان ڀُليل آهيان. مون کي يقين آهي ته اسان وٽ به ڪَل جُڳ جا ڪاپڙي اڃا تائين موجود آهن. بدي پنهنجي اوج تي ئي سهي، پر ڪٿي ڪٿي نيڪيءَ ۽ چڱائيءَ جي ڪارنامن جي ڪري انسانيت مان ويساهه اڃا ويو نه آهي. چارلس اڃا ويٺو ئي هو ته دروازو کڙڪيو، پڪ ٿيم ته لارا هوندي، ڇو ته اڄ اچڻ جو ٽائيم ڏنو هئائين. لارا جي ايندي ئي چارلس اٿيو ته لارا کيس مُرڪي چيو: Bad manners (مطلب ته منهنجي اچڻ شرط تنهنجو وڃڻ مون کي خراب لڳو). ته ويچاري چارلس پنهنجي پوزيشن جي وضاحت ڪندي چيو: ”مان ڪافي اڳ هليو وڃان ها پر عنايت اڄ دل جا چاڪ چوري ڇڏيا. اندر جي خاموش ساز کي ڇيڙي ڇڏيو تنهن پئي هن وقت تائين سُر ڪڍيا نه ته مون کي ڪافي اڳ وڃڻ کپندو هو. پليز دل ۾ نه ڪجانءِ. ٽاٽا“. چارلس هليو ويو ۽ هاڻي لارا منهنجي ڪڍ پئجي ويئي ته: ڇا ڳالهه هئي، اڄ چارلس ڪجهه جذباتي، ڪجهه وڌيڪ گنڀير ۽ سيريس ٿي لڳو.
مون لارا کي سڄي ڳالهه سربستي ڪري ٻُڌائي ۽ ٻيهر پنهنجي تعجب جو اظهار ڪيم ۽ هيڪاري وڌيڪ حيرت تڏهن ٿيم جو لارا ان ڳالهه کان ڪا خاص متاثر ڪانه ٿي سواءِ ان جي ته چارلس طرفان شراب ڇڏڻ تي البت کيس داد ڏنائين. لارا اهڙين ڳالهين تي وڌيڪ روشني وجهندي ٻڌايو ته آمريڪن سوسائٽي ۾ ان ڳالهه کي بيحد خراب ۽ بداخلاقيءَ ۾ شمار ڪيو ويندو آهي جي هڪ دوست ٻئي دوست جي گرل فرينڊ تي بُري نگاهه رکي. پر ضروري ناهي ته سڀ دوست ان اصول جا پڪا ۽ پابند هجن. ڪيترائي ماڻهو دوستي ۾ گڙٻڙ ڪري وجهندا آهن ۽ پوءِ دوستي خودبخود ختم ٿي ويندي آهي. لارا کي چيم: مطلب ته زر ۽ زمين سان گڏ زَن فتني ۽ فساد جو مُنڍ آهن. ڪيترائي مرد مارجي ويا. جُهڳا نيست نابود ٿي ويا. خاندان تباهه ٿي ويا، تخت تاراج ٿي ويا، بادشاهيون برباد ٿي ويون، وڏو سبب عورت، سندس ادائون، ناز نخرا، دلفريبيون ۽..... منهنجي گفتگو جاري هئي ته لارا فورن وچ ۾ ڪاهي پيئي ۽ سخت لهجي ۾ چيائين: مرد ڪيڏو به شريف هجي پر عورت جي مقابلي ۾ الائي ڪيترا حصا وڌيڪ ڪميڻو ۽ ذليل هوندو. چارلس جو ئي مثال وٺ جنهن جي ڳالهه هاڻي تو ٻُڌائي. ويچاري ڪئٿيءَ جي وهم گمان ۾ ئي نه هوندو ته سندس جو گهرو دوست، پرائي پُونجيءَ ۾ گهوٻي هڻندو. جڏهن لارا کي سيريس ٿيندي ڏٺم ته کيس موڊ ۾ آڻڻ لاءِ ڳالهه کڻي مٽايم ۽ ويرم ئي ڪانه لڳي جو لارا جي منهن تي وري موهيندڙ مُرڪ موٽي آئي. سندس چَپ چُريا ۽ ٻيهر مٺڙو ٻولڻ لڳا. ساڳيو ميٺاج، ساڳي سُٺائي ۽ ساڳيو جڳ مڳ ۽ چاهت تي راغب ڪندڙ چهرو منهنجي سامهون هو. ڳراٽڙيون پائي منهنجي وجود ۾ پيهجي ويئي. سندس پريم جي پچار ۽ قربن جي ڪٿ ڪري ان کي بيان ڪرڻ منهنجي وَس ۾ نه آهي ۽ هتي ان من موهيندڙ ڪيفيت ۽ واردات بابت نه ڪجهه لکي ٿو سگهجي ۽ نه وري سندس محبت جو مُلهه ۽ مَٽ دنيا ۾ ٻي ڪا به شيءِ آهي. پاوَر، پئسو، ٺٺ ٺانگر، دولت ۽ دٻدٻو اهي سڀ اهڙيون ته هَچائون آهن جو دل جو سُڪون ۽ قلب جو قرار کسي ماڻهوءَ کي روحاني طرح يتيم ۽ مفلس بڻائي ڇڏين ٿيون. پر پيار ۽ پريت جا چند لمحا به ايڏا ته ڀرپور ۽ زندگي ڏيندڙ ٿين ٿا جو ساهه ۽ سَرير ۾ سرور، لطف ۽ لذت جي بي انت جوت جاڳي پوي ٿي ۽ تن من ۽ جيوَن جرڪي پون ٿا.
لارا جي قربن ڀري ڪچهري ۽ ويجهڙائپ واري آسيس مان اُٿڻ تان روح نٿي ٿيو، پر ٻنهي کي ٺيڪ ستين وڳي مئرئٽ هوٽل تي پهچڻو هو. لارا کي جڏهن ياد ڏياريم ته ستين وڳي هوٽل تي پهچڻو آهي ته صفا ڄڻ ڇِرڪ ڀري اُٿي. تڙ تڪڙ ۾ ٻيئي پنهنجو هوٽل ڇڏي، مئرئٽ هوٽل پهتاسون. پاڪستان هجي ها ته ستين وڳي وارو فنڪشن ساڍي نوين-ڏهين وڳين شروع ٿئي ها پر هتي ستين وڳي معنيٰ ٺيڪ ستين وڳي فنڪشن شروع ٿي چُڪو هو. اسان ويهه منٽ دير سان پهتاسون. اڳيان سڀئي سيٽون والارجي چُڪيون هيون، تنهنڪري پويان وڃي ويٺاسون. اڄوڪي فنڪشن ۾ براڊڪاسٽنگ جي باري ۾ آمريڪا ۽ يورپ جي چوٽيءَ جي براڊڪاسٽرس جون تقريرون هيون. مکيه عنوان هو: ”اليڪٽرانڪ ميڊيا جي چٽاڀيٽيءَ ۾ ريڊيو جو ڪردار“. تمام دلچسپ ۽ معلوماتي ليڪچر ٻُڌاسين. ليڪچر به اسان جي ملڪن کان بلڪل مختلف. اسان جي ملڪ ۾ اهڙين ڪانفرنسن ۾ اچي ڪو صاحب تقرير ۾ ڇُٽندو ته تيستائين ڪاغذن منجهان مُنهن نه ڪڍندو جيستائين وڃي مقالو پورو ڪري. توڙي کڻي ماڻهو بيزار ٿين يا مُنهن مٿو پِٽين پر مقالو توڙي جو شيطان جي آنڊي جيترو ڊگهو هوندو تڏهن به پڙهي پورو ضرور ڪبو. پر هتي ڪجهه تقرير ته ڪجهه وري ماڻهن سان مخاطب ٿي تقرير جي وچ ۾ ئي چرچا گهٻا، وري تقرير شروع، پر انداز اهڙو جو ستن براڊڪاسٽرس جي تقريرن ٻُڌڻ کانپوءِ به اسان بور نه ٿياسين. رات جي نوين وڳي تائين تقريرن جو دور هليو پوءِ ڊنر شروع ٿي ۽ يارهين وڳي تائين پنهنجن دوستن سان ڊنر ۾ ڳالهائيندا ٻولهائيندا رهياسين ۽ خوب مزو آيو.
ريڊيو-86 جي ڪنوينشن ۾ خاص طرح ڪمرشل ريڊيو اسٽيشنن جي طرفان ايڏا ته خوبصورت اسٽال لڳايا ويا هئا جو ماڻهو ڏسي اچرج ۾ پئجيو ٿي ويو. هزارن جي تعداد ۾ اسٽالن تي طرحين طرحين تحفا (Souvenirs) موجود هئا. اسان رڳو ڪنهن به اسٽال تي وڃي ٿي بيٺاسين ته اسان جو آڌرڀاءُ پهريون ته مٺڙي مُرڪ سان ٿي ٿيو ۽ پوءِ تحفن ڏيڻ سان. سڀني تحفن تي هر هڪ ريڊيو اسٽيشن جو نالو ۽ ائڊريس لکيل هئي. منهنجي وطن واپسيءَ وقت منهنجي سامان جو وزن گهڻو ڪري ريڊيو-86 جي ڪنوينشن جي موقعي تي وصول ڪيل تحفن جي ڪري گهڻو وڌي ويو هو. تحفا ننڍڙا ننڍڙا ئي سهي، پر ايترا ته انوکا ۽ خوبصورت هئا جو انهن کي ڇڏڻ نٿي چاهيم.
آمريڪا جي براڊڪاسٽرس کي جڏهن اسان اهو ٻڌايو ته اسان جون اسٽيشنون ڪمرشل نه آهن، بس ٿورو ڪي گهڻو ڪمائي وٺندا آهيون ته کين حيرت وٺي ويئي. چيائون: ”توهان جا ملڪ اڳيئي غريب، ويتر اوهان جو بار به جيڪڏهن حڪومت جي مٿان هجي ته پوءِ اسٽيٽ جو گاڏو ڪيئن گِڙڪندو؟“ اسان کي ڪمرشل اسٽيشنن جي مئنيجرن ٻڌايو ته هو فقط پنهنجي پاڻ تي ڀاڙين ٿا، پنهنجا خرچ پکا ڪڍي به هزارين ڊالر هر مهيني بچائي وٺن ٿا. آمريڪا ۾ ريڊيو اسٽيشنن جي وچ ۾ پئسن ڪمائڻ جي سلسلي ۾ مقابلو هلي ٿو. بس جنهن به اسٽيشن کي بهترين ايم-سي (Master of Ceremony) ملي ويو ته سمجهو ته ان جا پئون ٻارهن ٿي ويا. ايم-سي کي ٻُڌڻ لاءِ هزارين ماڻهو آتا هوندا آهن ۽ اُهو جنهن به شيءِ جي مشهوري ڪندو ته اُها شيءِ فورن وڪامي ويندي. هن سلسلي ۾ مان واشنگٽن واري باب ۾ گهڻو ڪجهه لکي آيو آهيان.
ريڊيو-86 جي ڪنوينشن ۾ سڄي آمريڪا کان آيل براڊڪاسٽرس جو ايڏو ته سهڻو ميلو متل هو جنهن ۾ ڪافي ڪجهه هڪ ٻئي کان پرايوسين، سکيوسين ۽ براڊڪاسٽنگ متعلق نين ڳالهين ٻُڌڻ، نون تجربن پِرائڻ ۽ جديد طور طريقن (New trends in broadcasting) کان واقف ٿياسين. اسان کي جيڪي ريڊيو-86 جا بئج لڳايا ويا هئا انهن ته صفا سونَ تي سهاڳ جو ڪم ڏنو. اسان اهي بئج نه رڳو ڪنوينشن جي اجلاسن ۾ ٿي پاتا پر شهر گهمڻ وقت به بئج اسان جي کيسن کي چُهٽيا پيا هئا. ان مان ڪيترائي فائدا هئا. هڪ ته شهر جون ڳليون ۽ گهٽيون گهمندي جيڪڏهن ڪو بئج لڳل ساٿي سامهون ٿي آيو ته لڙي ڪري به آڌرڀاءُ اچي ٿي ڪيائين ۽ اهو پهريون آڌرڀاءُ ئي ڄڻ چڱي ڀلي دوستيءَ ۾ بدلجي ٿي ويو. مثال طور گڏجي گهمڻ، هوٽل يا ڪلبن ۾ گڏجي سئر تفريح ڪرڻ وغيره.
ٻيو ته ريڊيو-86 جي ڪنوينشن جو نيو آرلينس ۾ ايترو ته غوغاءُ متل هو جو ڪڏهن ڪڏهن نيو آرلينس جا چڱا خاصا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو به، اسان کي بئج لڳل ڏسي اسان ڏي وڌي پئي آيا ۽ نماڻو ٿيندي اسان کي ايلاز ٿي ڪيائون ته: پليز! اسان کي به ريڊيو-86 جي فنڪشن لاءِ پاس هٿ ڪري ڏيو. انهيءَ لحاظ سان اسين پرديسي، ديسين کان به ڄڻ وڌيڪ معتبر ۽ مانائتا ٿي ويا هئاسين.
ذاتي طرح منهنجي لاءِ ته چارلس ۽ لارا سان واقفيت، دوستي ۽ ويجهڙائپ سبب نيو آرلينس ۾ منهنجا پنج ڏينهن تمام سهڻا سٺا ۽ سجايا رهيا. اسان کي مغربي ملڪن جي ماڻهن لاءِ تمام گهڻي غلط فهمي رهي ٿي ته دوستي ۽ وفاداري جي جذبن کان ناآشنا آهن ۽ اسان وارن مشرقي قدرن کان تمام پري آهن. اهو صحيح آهي ته اسان جي ۽ مغربي ماڻهن جي قدرن، رواجن، رسمن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي پر مون ڪيترا ڀيرا محسوس ڪيو آهي ته انسانن جي اندر جيڪا دل ڌڙڪي ٿي، ان ۾ پيار ۽ محبت جا جذبا بلڪل ساڳيا آهن ان ۾ ڪو به فرق ڪونه آهي. محبت جي اووَر ڊوز ملڻ تي جيڪڏهن مشرقي عورت جي دل تڙپي پوي ٿي ته مغربي مرد ۽ مغربي عورت به محبت جي مانڊاڻ ۾ ڦاسڻ کانپوءِ ڦٿڪندا ئي رهن ٿا.
چارلس بينٽ جو قصو جيڪو اوهان گذريل صفحن ۾ پڙهي چُڪا آهيو ايترو ته مثالي آهي جو اهڙو مثال شايد اسان مشرقي ماڻهن وٽ به نه ملندو. لارا ايتري ته سٺي سُلڇڻي ۽ ڪمال جي ڇوڪري آهي جنهن ۾ عام مغربي ڇوڪرين جي ڪا به بوءِ باس ڪانه آهي. سندس بواءِ فرينڊ کي بيحد ڀاڳن وارو ڀانيان ٿو جنهن سان لارا ڪجهه مهينا اڳ شادي ڪري چُڪي آهي ۽ خط لکي ٻڌايو اٿائين ته جوڙي پاڻ ۾ ڪيڏي ۽ ڪيتري نه خوش ۽ شاد آباد آهي. خط ۾ اهو به ٻڌايو اٿائين ته پنهنجي جيون ساٿي کي منهنجي متعلق سڀ ڪجهه ٻڌائي چُڪي آهي ۽ اهو پڻ لکيو اٿائين ته چند مهينن ۾ شايد پاڪستان اچي منهنجا مهمان بڻجن. لطيف بادشاهه پيو ياد اچي: ”الا اچن اوءِ جن آئي مَن سَرهو ٿئي“.