نيويارڪ کان لنڊن
آمريڪا جي وقت جي مطابق شام جو ٺيڪ 5 وڳي ٽرنسورلڊ ايئرلائينس جو جهاز ڪينيڊي ايئرپورٽ تان اُڏاڻو. ٽرنسورلڊ ايئرلائينس(Transworld Airlines) توڙي پئن آمريڪن (Pan American) ٻيئي آمريڪا جون ايئرلائينون آهن پر اُنهن جي سروس خراب ته نه پر اوتري معياري نه آهي جيتري برٽش ايئرويز، لفٿنسا يا جپان ايئرلائين جي آهي. بهرحال پوءِ به اُن جي سروس ٺيڪ ٺاڪ هئي. سندن ماني به سٺي هئي ۽ ايئرلائين جي هوسٽيسن به ٿوري ٿوري وقفي کانپوءِ جوسز ٿي پياريون ۽ اسان کان ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ پڇيائون پئي ته ڪنهن شيءِ جي ضرورت ته ڪانه هئي. پورن اٺن ڪلاڪن جي مسلسل اُڏام کان پوءِ لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي وڃي لٿاسون. ان وقت لنڊن ۾ صبح جا ست ٿيا هئا. اڳ به پنهنجن ڪيترن سفرنامن ۾ ٻڌايو اٿم ته هيٿرو ايئرپورٽ دنيا جي وڏن هوائي اڏن منجهان هڪ آهي. هن ايئرپورٽ تي هيڏي هوڏي نهارڻ کانپوءِ ٽرنسورلڊ ايئرلائين جو انفرميشن ڪائونٽر ملي ويو، جتي مون کين هوٽل جو ڪوپن ڏيکاريو ته مون کي هتي 14 ڪلاڪ کن ترسڻو آهي. ڪائونٽر تي ويٺل ڇوڪري، جنهن جي کيسي تي سندس نالو جُولي لکيل هو، جيتري خوبصورت هئي، اوتري ئي خوب سيرت به هئي، مون کي چيائين توهان رڳو پنج منٽ ترسو. سامهون رکيل صوفا سيٽ تي ويهڻ جو چيائين جتي آءٌ ويهي رهيس. ٽيليفون تي ڳالهائي ۽ ان کانپوءِ پنهنجي مُنهن تي موهڻي مُرڪ آڻيندي مون کي چيائين: ”هلٽن (Hilton) ۾ مون اوهان جو ڪمرو بُوڪ ڪرائي ڇڏيو آهي جتي اوهان اُميد ته آرامده طريقي سان پنهنجو وقت گذاري سگهندو“. ان کانپوءِ هڪ ڇوڪرو ساڻ ڪري ڏنائين ته مون کي شٽل سروس واري وئن تي ويهاري اچي. مون کيس وڏو Thank you چيو ۽ شٽل سروس ۾ ويهي هلٽن جي ڪمري نمبر 827 ۾ اچي رهيس. ڪمري ۾ ٻيو ته گهڻو ڪجهه هو پر جيڪو بيڊ مليو ان ۾ الائي ڪيترا سسٽم فِٽ ٿيل هئا. بهرحال وڏيءَ محنت کانپوءِ اُهو سسٽم ڳولي لڌم جنهن موجب بيڊ مون کي هڪ نوڪر وانگر زور ڏئي سگهيو ٿي. بس جيئن بيڊ منهنجي جسم کي نرم طريقي سان دٻائڻ شروع ڪيو ته بنان دير ننڊ وڪوڙي ويئي ۽ جاڳ تڏهن ٿيم جڏهن منجهند جا ٻه وڄي چُڪا هئا. پياري دوست علي اڪبر ميمڻ کي ٽيليفون ڪيم جيڪو شام جو پنجين وڳي گاڏي ڪاهي آيو ۽ ٻه ڪلاڪ کن لنڊن جو هڪ سرسري چڪر لڳائي شام جو ستين وڳي اچي هوٽل تي ڇڏيائين. علي اڪبر ميمڻ جو احوال منهنجي پهرئين سفرنامي: ”پرين جي پرديس“ ۾ تفصيل سان آيل آهي.