سنڌي ريڊيو ۽ عيسيٰ ڀرڳڙيءَ سان ملاقات
هفتي کانپوءِ آچر جو ڏينهن آيو ۽ اڄ تاريخ 18 نومبر 2012ع هئي. منجهند جو 12 وڳي کان ئي عيسيٰ ڀرڳڙي صاحب جا ٽيليفون اچڻ شروع ٿي ويا ته جيئن مان ٺيڪ پوڻين پنجين وڳي ”سنگيت ريڊيو“ جي اسٽوڊيوز ۾ پهچي وڃان جو پوري پنجين وڳي پروگرام ”مهراڻ رنگ“ شروع ٿيڻو هو. وري به ڀاءُ اصغر پٺاڻ مون کي سنگيت ريڊيو وٽ وڃي ڇڏيو جتي ٻه دوست اعجاز عالماڻي ۽ عيسيٰ ڀرڳڙي اڳ ئي موجود هئا ۽ مون کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. پنهنجي پروگرام جي شروعات ۾ ئي سامعين سان منهنجو تعارف هن ريت ڪرايو ويو: ”سامعين! اسان جي اها وڏي خوش قسمتي چئجي جو اسان جي سنگيت ريڊيو جي اسٽوڊيوز ۾ اڄ سنڌ جو هڪ مايه ناز شاعر، اديب ۽ مشهور براڊڪاسٽر جناب عنايت بلوچ موجود آهي، جنهن سان اسان پنهنجي پروگرام ”مهراڻ رنگ“ ۾ ڳالهيون ڪندا رهنداسون ۽ سندس شاعري به اوهان کي ٻڌرائينداسون“. پروگرام شروع ٿي ويو ۽ ٻئي ائنڪرز (Anchors) يعني اعجاز عالماڻي ۽ عيسيٰ ڀرڳڙي مون کان مختلف سوال ڪندا رهيا ۽ منهنجي فرمائش تي وقفي وقفي سان منهنجي پسند جا نغما به نشر ڪندا رهيا. هلندڙ پروگرام ۾ مختلف ماڻهن طرفان 9-10 فون آيا. هڪ ٻن دوستن مون کي ٻڌايو ته ڪنهن وٽ منهنجو سفرنامو ”پرديسي ڪهڙا پرين“ موجود هو، ٻئي وري ٻڌايو ته ان وٽ منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ موجود هو. هڪ ٻن اردو ڳالهائيندڙن جا فون به آيا جن پروگرام کي پسند ڪيو. پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ عيسيٰ ڀرڳڙي مون کي ٻڌايو ته جن اردو ڳالهائيندڙن جا فون آيا هئا اُهي سنڌي پروگرام ”مهراڻ رنگ“ جا ريگيولر ڪالر آهن ۽ هر دفعي پنهنجي پسند کان آگاهه به ڪندا رهندا آهن ته پروگرام کي بهتر بنائڻ لاءِ تجويزون به ڏيندا رهندا آهن.
هاڻي بهتر ٿيندو ته هوسٽن مان سنڌي پروگرام شروع ڪرڻ بابت مختصر طور تي اوهان کي ڪجهه ٻڌائجي. محترم اعجاز عالماڻي ۽ عيسيٰ ڀرڳڙي ٻڌايو ته 9-10 سال اڳ هڪ ڪلاڪ جو هفتيوار سنڌي پروگرام ”مهراڻ رنگ“ هوسٽن جي سنگيت ريڊيو کان خريد ڪيو ويو هو، پر ڪن مالي مجبورين سبب اُهو ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي ويو ۽ سال-ڏيڍ جي وقفي کانپوءِ ان پروگرام کي ٻيهر شروع ڪيو ويو. هن پروگرام کي باقاعدگيءَ سان هلائڻ جي سلسلي ۾ محترم اعجاز عالماڻي ۽ ڀاءُ عيسيٰ ڀرڳڙيءَ جون ڪوششون تعريف لائق آهن جن پنهنجي هڙان وڙان ڪوششون ڪري پروگرام ”مهراڻ رنگ“ جي نشريات کي جاري رکيو آهي. مون کين مشورو ڏنو ته ڇو نه ان پروگرام کي روزانو نشر ڪيو وڃي ۽ خرچن کي برداشت ڪرڻ لاءِ ڪجهه اشتهار هلايا وڃن. دوستن ٻڌايو ته هُنن اهي ڪوششون ورتيون هيون پر ڪامياب نه ٿي سگهيا. پر مون کي يقين آهي ته هوسٽن جي شهر ۾ جتي سنڌي وڌ ۾ وڌ تعداد ۾ رهن ٿا، اُتي روزانو هڪ ڪلاڪ جي پروگرام نشر ڪرڻ ۾ گهڻي دُشواري نه هجڻ گهرجي. ضرورت فقط گڏيل ۽ پُرخلوص ڪوششن ڪرڻ جي آهي.